Home / افيئر / لبيا: انقلاب کان انقلاب تائين
above article banner

لبيا: انقلاب کان انقلاب تائين

ايڪيتالهه ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين اقتدار ۾ رهندڙ ڪرنل قذافي وچ اوڀر جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، تيونس جي زين العابدين علي، مصر جي حسني مبارڪ کانپوءِ ڪرنل قذافي به اقتدار جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن جي حڪومت ڏينهون ڏينهن سڪڙجي رهي آهي. آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ هڪ پاسي سندس سامهون آهن ته ٻئي طرف اندروني طور تي لبيا جو قبائلي نظام داخلي تضادن جو شڪار آهي، جيتوڻيڪ فيڊل ڪاسترو وڏي ڄمار سبب پنهنجي ڀاءُ جي حق ۾ اقتدار تان دستبردار ٿي ويو هو، ليڪن حسني مبارڪ پنهنجي پٽ جمال مبارڪ ۽ قذافي پنهنجي پٽ سيف الاسلام قذافي جي حق ۾ اقتدار تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ اهو ئي سندن زوال جو اصل ڪارڻ آهي. قذافي جتي لبيا جي تيل جي ذخيرن کي پنهنجي اقتدار جي ڊيگهه لاءِ استعمال ڪيو، اتي تيل جي ثمر مان عوام به مستفيض ٿيندو رهيو. ليڪن ڪنهن به قسم جي آمريت جي فطري زوال کي روڪي نٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ لبيا هڪ ڀونچال جو شڪار آهي. ڪرنل قذافي هڪ هاريءَ جي گهر ۾ ڄائو، هن جو غريب پيءُ ريگستاني علائقي ۾ هڪ تنبوءَ ۾ رهندو هو. هن وٽ اٺ ۽ ٻيا گهريلو جانور به هئا. 1949ع ۾ گڏيل قومن هڪ ٺهراءَ وسيلي لبيا جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو هو. گڏيل قومن لبيا جي مستبقل جي آئيني ۽ سياسي نظام جي جوڙجڪ لاءِ هاليند جي آرڊين پيلٽ جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن به لبيا موڪلي هئي، جنهن ڪميشن جي سفارشن جي بنياد تي 1952ع ۾ لبيا ۾ آئيني بادشاهت قائم ڪئي وئي هئي. ڪرنل قذافي 1956ع ۾ جونيئر سيڪنڊري اسڪول صبحه ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، سوئيز بحران وقت ڪرنل قذافي جي عمر چوڏهن ورهيه هئي، هو ٻاروتڻ کان ئي جمال ناصر جي سياسي فلسفي کان ڪافي متاثر هو. قذافي جي ڪٽنب جو تعلق قنافه قبيلي سان آهي. سندس اقتداري عرصي دوران ان قبيلي جي فوج ۽ حڪومتي نظام تي گرفت رهي آهي ۽ اهو ئي قبيلي اُن خلاف بغاوت کي روڪڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي.

ڪرنل قذافي جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي ته مصر، الجزائر، آفريقا ۽ ايشيا جي تحريڪن سان کيس شاگردي واري زماني کان دلچسپي رهي. هو جمال ناصر کي پنهنجو هيرو سمجهندو هو. ان دور جي سرد جنگ دوران ناٽو، وارسا، نيٽو، سوئز بحران سميت آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۽ وچ اوڀر جي تيل ۾ اولهه جي دلچسپي قذافي جي مطالعي جا خاص موضوع هئا.

اهو لنڊن جو ئي شهر هو جتي ٻين لبيائي فوجي آفيسرن سان گڏجي ڪرنل قذافي کي لبيا جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۽ فوجي بغاوت جي نڪتن تي بحث مباحثو ڪرڻ ۾ مدد ملي. شاهه ادريس 2 ڊسمبر 1950ع ۾ لبيا جو آئيني بادشاهه بڻيو هو. هو 1890ع ۾ پئدا ٿيو، قذافي ۽ سندس ساٿين جو خيال هو ته لبيا ۾ آمريڪي ۽ برطانوي فوجن جي موجودگيءَ سبب لبيا کي مڪمل آزادي نه ملي سگهي آهي، ان ڪري لبيا مان بادشاهت جو خاتمو ضروري هو. چيو وڃي ٿو ته لبيا جي تڏهوڪي بادشاهه کي اولهه جي مڪمل حمايت حاصل هئي ۽ لبيا آزادي باوجود آمريڪي برطانوي فوجون پنهنجي سرزمين تي رکڻ لاءِ مجبور هو. قذافي جو خيال هو ته شاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪري عوامي راڄ آڻي سگهجي ٿو. لبيا واپس کانپوءِ هن پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي فوجي انقلاب آڻڻ لاءِ رٿابندي ڪئي. ليڪن آمريڪي برطانوي ۽ لبيا جي ڳجهن ادارن جي قذافي تي ڪڙي نظر هئي، کين اهي اطلاع ملي چڪا هئا ته قذافي بغاوت جي منصوبي تي عمل ڪرائڻ چاهي ٿو، ان ڪري سندس بدلي به ڪئي وئي. ليڪن قذافي تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجن ساٿين سان رابطي ۾ رهيو، جڏهن ته ان وقت لبيا ۾ آمريڪي فوجي اڏا به موجود هئا، جتي اسرائيلي فوجين کي تربيت پڻ ڏني ويندي هئي، قذافي ۽ سندس ساٿي انهن تي نظر رکيون ٿي آيا. آخرڪار 1969ع ۾ قذافي شاهه ادريس خلاف پرامن بغاوت ذريعي تبديلي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. لبيا جي تڏهوڪي انقلاب کي ان وقت مصر سميت پوري وچ اوڀر ۾ عجب سان ڏٺو ويو، ڇو ته ان وقت شاهه ادريس کي آمريڪي ۽ برطانوي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته سرد جنگ جي ڪري آمريڪا روس، برطانيا ۽ فرانس خطي ۾ سرگرم هئا.

قذافي ڪميونسٽ فڪر رکندڙ نه هو، پوءِ به آمريڪا کيس پنهنجو مخالف سمجهندو هو. هن شروع ۾ سماجي براين ۽ معاشي انصاف جو نعرو هنيو. جڏهن سوڊان ۾ جنرل نميري انقلاب آندو ته اهو قذافي هو جنهن جنرل نميري کي چيو هو ته سوڊان ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي هنئي وڃي.

قذافي شروع ۾ تمام گهڻو مطالعو ڪيو، هن مائوزيتنگ ۽ فيدل ڪاسترو جي نظرئي جو به مطالعو ڪيو، جيڪي تڏهن ڪميونسٽ دنيا جا سُرخا سمجهيا ويندا هئا. گهڻو پوءِ قذافي اٽلي جي هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي اهو سچ چئي ويٺو ته هن ذڪر ڪيل ٻنهي اڳواڻن جي فڪري لائين جو مطالعو سندن نظرئي جي ڪري نه پر اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪيو هو. ايئن هن 1975ع ۽ 1977ع جي وچ واري عرصي ۾ چيو هو ته سوشلزم ۽ آزادي هڪ شئي آهن، پوءِ اڳتي هلي هن موقف تبديل ڪندي چيو ته اسلام، سوشلزم ۽ آزادي ساڳي ڳالهه آهن.

هن جڳ مشهور گرين بوڪ به لکيو، جنهن ۾ جمهوريت، معاشي مسئلي ۽ عالمي نظرئي جي وضاحت ڪئي وئي آهي. ان ڪتاب ۾ هو لکي ٿو ته روايتي جمهوريت جهڙي ريت هلي رهي آهي، ان جي ريڙهه جي هڏي پارليامينٽ آهي ۽ اها پارليامينٽ دراصل عوام جي غلط نمائندگي آهي. دنيا ۾ هينئر تائين جيتر ابه نظام رائج آهن، اهي ان وقت تائين غيرجمهوري رهندا، جيستائين اهي پاپولر ڪانگريس جو طريقو اختيار نٿا ڪن!

سوويت يونين جي وکري وڃڻ ۽ عرب دنيا ۾ اهم تبديلي باوجود قذافي پنهنجو اقتدار قائم رکڻ ۾ ڪامياب رهيو. ان جو سبب شايد سندس تڏهن لچڪدار رويو ۽ ڪردار هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي خيالن ۾ ڪا به تبديلي نه آندي، ليڪن هن معروضي صورتحال جو اندازو ڪري ورتو ۽ لاڪربي جهاز حادثي جي پونيئرن کي وڏي رقم جي ادائگي ان پاليسي جو نتيجو هئي، جنهن جو مقصد آمريڪا کي مطمئن ڪرڻ هو. پوءِ هن هڪ حيرتناڪ فيصلو ڪيو، جنهن ۾ هن لبيا جو ايٽمي پروگرام جهازن وسيلي آمريڪا پهچائي ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته سندس فيصلي پٺيان سندس پٽ سيف الاسلام قذافي جو هٿ هو.

ريگن جي دور ۾ ڪرنل قذافي کي مارڻ لاءِ بمباري به ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سندس گود ورتل ڌيءَ مارجي وئي هئي. آمريڪا ان وقت قذافي کي “ڇتو ڪتو” پڻ سڏيو هو. ليڪن پوءِ قذافي تيل جي هٿيار جي ذريعي اولهه جي حڪومت سان رابطا وڌايا ۽ تيل جي سياست ۾ اولهه جي ڪمپنين سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. ڇو ته کيس اهو اندازو هو ته آمريڪا ۽ برطانيا لبيا جي تيل ۾ دلچسپي رکن ٿا. اهو ئي ڪارڻ هو جو لبيا ۾ انقلاب کانپوءِ هن سڀ کان پهرين آمريڪي برطانوي فوجن کي ڏيهه مان نيڪالي ڏني هئي.

ڪرنل قذافي جنهن جي فلسطين جي مسئلي تي به هميشه گهري نظر رهي، عرب دنيا جي سياست کي به باريڪ بينيءَ سان ڏسندو رهيو، پر کيس ان ڳالهه جو قطعي احساس نه هو ته تيونس مصر ۽ عرب ملڪن ۾ آيل سياسي جاڳرتا سندس اقتدار کي به لوڏي ڇڏيندي ۽ هو مسئلن جي گچڻ ۾ ڦاسي پوندو. هن وقت قذافي پنهنجي سمورن مخالفن سان جنگ ۾ رڌل آهي. صدام حسين وانگر سندس گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي. وينزويلا کانسواءِ ڪو به ملڪ سندس حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ لبيا تي اڃا به دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته قذافي جي ناقابلِ شڪست هجڻ واري دعويٰ هاڻي ڌوڙ ٿي چڪي آهي. ٻئي طرف هو بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ انساني قتلام ڪرائي رهيو آهي، ان پڻ سندس انسان دوستي جو پول کولي وڌو آهي ۽ دنيا حيرت مان ڏسي رهي آهي ته ڇا اهي اهو ئي قذافي آهي، جنهن لبيائي عوام جي ڀلائي خاطر بغاوت ڪري شاهه ادريس کان اقتدار کسيو هو؟

اسرائيلي ميڊيا جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جا فوجي صلاحڪار ڪرنل قذافي خلاف بغاوت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ لبيا جي سرزمين ۾ داخل ٿي ويا آهن. اسرائيل جي اخبار هرٽيز ۾ اسرائيل جي پرڏيهي وزير لکيو آهي ته “عرب دنيا ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ انتشار طرف وڌي رهي آهي ۽ قذافي جو اقتدار پڻ سڪڙجي رهيو آهي.”

لبيا جي صورتحال خراب آهي، روس ۽ چين سميت اڪثر ملڪ جيڪي لبيا سان ويجها لاڳاپا رکندا هئا، هاڻي صورتحال جي تبديلي کانپوءِ ڪرنل قذافي جي حمايت کان ڀڄي رهيا آهن. آمريڪا قذافي کي سفارتي طرح اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. قذافي جنگ جي ڪارڻن ۽ سببن کان واقف آهي، پر جذباتي تقريرن سان نڪي جنگ کٽي سگهجي ٿي نه وري اقتدار کي سگهارو ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قذافي مرڻ تائين جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ليڪن اهو نه وسارڻ گهرجي ته اها جنگ رڳو لبيا تائين محدود نه رهندي، اها ٻين ملڪن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهي ٿي، ان ڪري عرب دنيا کي هاڻ لبيا انقلاب جي سببن تي مٿا جوڙ ڪري ضرور ويچارڻ کپي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو