Home / افيئر / نواز شريف کانپوءِ گيلاني جي گولاڙچي ياترا
above article banner

نواز شريف کانپوءِ گيلاني جي گولاڙچي ياترا

 

7 فيبروري 2011ع تي پاڪستان جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني شهيد فاضل راهو جي اباڻي شهر گولاڙچي پهچي بجلي جي هڪ 132 ڪي وي جي نئين تعمير ڪرايل گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪرڻ بعد گولاڙچي شهر جي اسپورٽس ڪامپليڪس گرائونڊ ۾ هڪ سياسي جلسي کي پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم گيلاني جي ان سياسي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ ۽ ان ۾ گهڻا ماڻهو آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سندس ور گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ٻه هفتا اڳ کان بدين ضلعي جا دورا ڪري هڪ هفتي تائين بدين ۾ جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ باقاعده ڪيمپ قائم ڪري ورتي هئي. شايد بدين ضلعي جي ماڻهن جي موڊ جي کين خبر هئي ته يوسف رضا گيلاني ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شخصيتن ۾ ڪيڏو ڏينهن رات جو فرق آهي ۽ گيلاني هن وقت ملڪ جو هڪ غيرمقبول وزيراعظم آهي ۽ بدين جا ماڻهو بک، بدحالي، بيورزگاري ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي وڃڻ ڪري موجوده پيپلز پارٽي جي حڪومت کان سخت ناراض آهن. ان ڪر ان جلسي ۾ هزارين ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ڪڏهن به ڪو نه ايندا. ان لاءِ ماڻهن کي جلسي ۾ کڻي اچڻ ۽ واپس سندن ماڳن تي پهچائڻ لاءِ کين سر ٽوڙ محنت ڪرڻي پئي ۽ بدين جا جهونا جيالا جيڪي ڪک پن ٿي ويا آهن. انه جي جاءِ نون اچي والاري آهي. هونءَ به ڊاڪٽر ذوالفقار مزا جا بدين ۾ جيڪي به ذاتي ماڻهو هئا، انهن به جلسي لاءِ ماڻهن کي کنڀي کڻڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. بدين جي تڪ مان چونڊيل ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي بدين جي صدر ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري به وسان ڪين گهٽايو. پ پ وارن جي وزيراعظم جي ان جلسي لاءِ ڀڄ ڊڪ مان ايئن ظاهر ٿي رهيو هو ته اهو اليڪشني جلسو آهي. وزيراعظم گيلاني جو اهو گولاڙچي وارو جلسو اليڪشني هو ۽ اڃا ڪو ٻيو ڪجهه اهو معلوم ڪرڻ کان اڳ پاڻ ان جلسي جي ڪارروائي جو جائزو وٺنداسين.

وزيراعظم گيلاني پنهنجي سياسي ڪيل تقرير ۾ جيڪا سڀ کان اهم ڳالهه ڪئي سا هئي گولاڙچي تعلقي ۾ آباد انهن هزارين پنجابي سيٽلرن جي جن جي باري ۾ هن چيو ته انهن پنجابي سيٽلرن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ پڻ ڪن ماڻهن لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻ پڻ ڪي ڌريون گولاڙچي ۾ آباد هزارين سيٽلرن کي لڏائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻايو ۽ ۽ موجوده پيپلز پارٽي جي حڪومت پڻ سيٽلرن کي گولاڙچي مان لڏائڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي. وزيراعظم گيلاني پنهنجي تقرير ۾ اهو پڻ چيو ته بدين ضعو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ضلعو آهي. 1970ع واري اليڪشن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بدين جي هن تڪ تان پڻ چونڊ کڻي سوڀ حاصل ڪئي هئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سدائين چوندو هو ته منهنجا ٻه گهر آهن هڪ گهر بدين ۾ ۽ ٻيو لاڙڪاڻو آهي. بدين کي تيل ۽ گئس جي رائلٽي ڏيارڻ واري ڊاڪٽر فهيمده مرزا جي پنهنجي تقرير ۾ ڪيل مطالبي جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته بدين کي تيل ۽ گئس پراڊڪشن يونس جي مد ۾ 23 ڪروڙ رپيا مليا آهن ۽ اڃا بدين جا ٽي ڪروڙ رپيا رهيل رقم پڻ ڏني ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي تقرير جي ابتدا ان ڳالهه سان ڪئي ته ميڊيا وارا چون ٿا ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڪمزور ٿي وئي آهي ته پوءِ هن جلسي ۾ ايترا لکين ماڻهو ڪٿان آيا. هن سامونڊي طوفان ٻوڏن ۽ زلزلن وگهي بدين جي تباهي جو ذڪر ضرور ڪيو. سمنڊ جي اڳتي وڌي اچڻ ۽ سامونڊي پٽي جي تباهي جي ڳالهه ڪئي، پر ان قدرتي ۽ ۽ ايل بي او ڊي وارين هٿرادو آندل آفتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ لکين ٻوڏ متاثرن جي بحالڪاري جي ڪنهن سنڌ حڪومت جي هڪ منصوبي جو به هن بدين ۾ اعلان نه ڪيو. وڏي وزير پنهنجي تقرير ۾ اڄ کان 41 ورهيه اڳ واري بدين تعلقي جي ان تاريخيص واقعي جو ذڪر ڪيو، جيڪو واقعو 1970ع واري چونڊ جو ورڪ ڪندي شهيد ڀٽي سان ان وقت پيش آيو، جنهن شهيد ڀٽي جي جيپ کي ايندي ڏسي هڪ 7-8 ورهين جي ٻارڙي هڪ ميمڻ وڏيري ۽ زميندار جي اوطاق ۾ وڻ تي لڳل مسلم ليگ جو سائو جهنڊو ڀٽي صاحب جي اڳيان لاهي ان وڏيري جي اوطاق اڳيان وڻ تي پيپلز پارٽي جو ٽه رنگو جهنڊو چاڙهي ڇڏيو. ان واقعي کان ڀٽو صاحب ايڏو ته متاثر ٿيو جو هن ان معصوم نياڻي کي کٽ تي پاڻ سان گڏ ويهاري ڦوٽو ڪڍايو، نياڻي کي مٿي تي هٿ رکي ان کي روڪ انعام ۽ پيار ڏيندي چيو هو ته تون سنڌ جي هڪ سورمي آهين. آئون چونڊون کٽي جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ٿيندس تڏهن هن ڳوٺ ۾ ضرور ايندس. هن ڳوٺ ۾ هڪ تاريخي يادگار تعمير ڪرائڻ کانسواءِ هن ڳوٺ کي هڪ ماڊل وليج بنايو ويندو. پر افسوس جو ڀٽو صاحب ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ بعد واپس هن ڳوٺ ۾ وري ڪڏهن به نه آيو ۽ بعد ۾ شهيد پڻ ٿي ويو. ان بعد پ پ جي هي چوٿين حڪومت آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين ان معصوم نياڻيءَ جي پيپلز پارٽي وارن ڪڏهن ڪا به سار نه لڌي. ٿي سگهي ٿو ته وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏ هجي يا هن اهو واقعو ان وقت جي اخبارن ۾ پڙهيو هجي، پاڻ سائين بادشاهه ۽ ٻيو ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو آهي. هن صاحب اهو واقعو ضرور بيان ڪيو آهي، پر کيس نه ان معصوم نياڻي جي نالي ۽ ذات جي خبر آهي ۽ نه کيس اها خبر آهي ته سنڌ جي اها سورمي هن وقت ڪهڙن حالن ۾ آهي؟ دردناڪ ڳالهه اها آهي ته 41 سال اڳ اهو واقعو ڳوٺ ڀائي خان جمالي ۾ راڄواهه لڳ يو سي عبدالله شاهه ۾ پيش آيو ۽ ڀٽي صاحب طرفان سورمي قرار ڏنل اها ڇوڪري خديجه عرف کتي جمالي ڌي عمر جمالي، ڪيترائي ورهيه اڳ نندو شهر لڳ ڳوٺ سلطان جمالي ديهه ڀمڀڪي ۾ عبدالستار جمالي سان پرڻجي ٽن ٻارن جي ماءُ آهي. هوءَ ٽي بي جي مريض بڻجي انتهائي غربت ۽ ڪسمپرسي واري اذيتناڪ حياتي گهاري رهي آهي. بدين ۽ گولاڙچي جي هن ئي تڪ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڪل ملڪي پيداوار جو 60 سيڪڙو گئس ۽ تيل بدين مان نڪري ٿو،  پر بدين کي ان جي موٽ ۾ ڪجهه به نٿو ملي. بدين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن وزيراعظم کان گهر ڪئي ته تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي رهيل رقم جلد جاري ڪئي وڃي.

وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾  چوي ٿو ته بدين جي رائلٽي جي ڪل رقم 25 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي، جنهن مان حڪومت بدين کي 23 ڪروڙ رپيا ڏيئي ڇڏيا آهن. باقي بقايا 3 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. بدين مان گذريل اٽڪل 30 سالن کان ڪل ملڪي پيداوار جو 60 سيڪڙو تيل ۽ گئس نڪري رهيو آهي ۽ ملڪ جو وزيراعظم رائلٽي جي مد ۾ بدين جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ 25 ڪروڙ رپين جي سخاوت ڪئي آهي. جنهن رقم سان بدين ترقي ڪندو ۽ وڏي خوشحالي ايندي…..!!!؟ وزيراعظم گيلاني ۽ سنڌ جي وڏي وزير هن موقعي تي پنهنجين تقريرن ۾ ڪو به اهڙو بدين جي ترقي لاءِ قابل ذڪر اعلان نه ڪيو، جنهن لاءِ بدين جا ماڻهو منتظر هئا، بدين جي عوام کي اميد هئي ته جنهن جلسي لاءِ رت ولوڙي هيڏيون وڏيون تياريون ڪيون ويون هيون. ضرور ڊاڪٽر فهميده ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وزيراعظم کي بدين ۾ آڻي ان کان، لاڙ يونيورسٽي، بدين ميڊيڪل ڪاليج، بدين انجنيئرنگ ڪاليج، بدين ٿرمل هائوس، بدين آئل ريفائنري، بدين ٽماٽن جي جوس (ڪيچپ) جي ڪارخاني، اي ايس وي ۽ اي آر وي ٺاهڻ جي ليبارٽري وغيره جهڙن منصوبن جي قيام جا اعلان ڪرائيندا يا سمنڊ جيڪو بدين کي تيزيءَ سان ڳڙڪائي رهيو آهي، ان سامونڊي ٻوڏن کان بدين کي مستقل طور تي محفوظ رکڻ واري ڪنهن وڏي منصوبي جو وزيراعظم بدين ۾ اچي اعلان ڪندو. بدين جي عوام جون اهي سموريون آسون اڌوريون رهجي ويون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو