Home / افيئر / وچ اوڀر: عوامي اُڀار ۽ آمريڪا بهادر جي نئين قبضاگير پاليسي
above article banner

وچ اوڀر: عوامي اُڀار ۽ آمريڪا بهادر جي نئين قبضاگير پاليسي

ٿورو تصور ڪريو، جيڪڏهن توهان هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهندا هجو، جتي جي رياستي ٽي وي روزانو بادشاهه سلامت يا سپريم ليڊر جون سرگرميون ڏيکاريندي هجي، شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن جا ٽائيٽل ان اڪيلي مسيحا ۽ سندس ڪٽنب جي تصويرن ۽ خبرن سان ٽمٽار هجن، رستن تي لڳل هورڊنگز تي سندس مختلف پوز ۽ ادائن واريون تصويرون لڳل هجن ۽ آسمان کي ڇهندڙ عمارتن مٿان سندس وڏي ڄمار لاءِ دعائون ۽ خدمتن جا ترانا تصويرن سان گڏ اڪريل هجن، اهڙي ملڪ  ۾ زندگي ڪيڏي نه يڪسانيت جو شڪار ۽ اڪثريتي اظهار کان وانجهيل هوندي. اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي اڪثر عرب رياستن جي عوام  گذريل اڌ صدي کان ڪجهه اهڙي ئي قسم جا منظر ۽ اظهار جي آزادي کان وانجهيل سماجي زندگي ڏٺي آهي. توڙي جو اڪثر رياستن تيل جي دولت سبب عوام جي هڪ وڏي حصي کي جديد زندگي جون سڀ آسائشون ۽ عياشيون فراهم ڪيون آهن، پر عرب دنيا ۾ سياسي زندگي به جمود ۽ وطن دوست بادشاهتن ۽ انقلابن جي ڇل ۾ عوام جي اڪثريت کان رياستي ڪاروهنوار ۽ قومي دولت ۾ حصيداري وارو حق مڪل طور کسيو ويو.

مصر، لبيا، تيونس، الجزائر، يمن، بحرين سميت آفريڪي ۽ وچ اوڀر جي عرب رياستن ۾ جيڪو عوامي اڀار ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ان پٺيان ڪهڙا هٿ ۽ بين الاقوامي محرڪ آهن. انا کان قطع نظر هي عوامي ڪاوڙ جو اظهار چاليهارو سالن جي ان سياسي گهٽ ٻوسٽ ۽ نسل در نسل عوام مٿان مڙهيل قيادت ۽ جامد سياسي سرشتي جو نتيجو آهي. جنهن اندر هڪ فرد يا هڪ خاندان ملڪ جي اقتدار، وسيلن، عوامي زندگي، اظهار جي آزادي تي قبضو ڪري عوام کي آزاد، جمهوري ۽ خودمختيار انفرادي ۽ اجتماعي زندگي گهارڻ جو حق کسي ورتو آهي. مصر، تيونس ۽ لبيا سميت جن به ملڪن ۾ پرتشدد يا پرامن عوامي ردعمل جي مظهر پٺيان سڀ کان طاقتور محرڪ اها تبديلي جي عوامي خواهش آهي، جيڪا اتي موجود سياسي جمود ۽ عوام جي آواز کي عرب قوم پرستي، انقلاب ۽ مذهب جي نالي ۾ دٻائڻ سبب پئدا ٿي آهي.

مصر ۽ تيونس ۾ حسني مبارڪ ۽ زين العابدين جي ڊگهي راڄ خلاف عوامي ردعمل گهڻي ڀاڱي پرامن رهيو، پر لبيا ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي خواهش تمام گهڻو پرتشدد رخ اختيار ڪيو آهي. لبيائي اڳواڻ ڪرنل معمر قذافي خلاف اڀريل تحريڪ قذافي جي اقتدار جي خاتمو جو سبب بڻبي يا اهو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۽ مهينن ۾ واضح ٿي ويندو، پر ان سان بين الاقوامي سياسي منظرنامي ۾ تبديلي، عرب خطي ۾ آمريڪي مفادن جي بقا، عرب آفريڪي رياستن ۾ روس ۽ يورپي طاقتن جا مفاد ۽ اثر رسوخ ڪهڙي صورتحال اختيار ڪندا، ايندڙ وقت انهن سڀني سوالن جا جواب ڏيندو، پر هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته عرب دنيا ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل تبديلي جي شروعات آهي، ان جو انت ڪٿي ايندو، آمريڪا طرفان تبديلي ۾ پنهنجو حصو وٺڻ واريون ڪوششون ڪيترو ڪامياب رهنديون ۽ عرب دنيا ۾ ايندڙ جمهوري انقلاب ان خطي ۾ عرب اسرائيل تڪرار تي ڪيئن اثرانداز ٿيندا، اهي اهڙا سوال آهن، جن جي جوابن سان ايندڙ عالمي سياست جو نقشو جڙندو.

مصر ۽ تيونس ۾ آمريتن خلاف وڏي عوامي اڀار ۽ عوام جي مرضي واري تبديلي جي نعري مان لڳي رهيو آهي ته ان خطي ۾ آمريڪا جي ٽي ڏهاڪا پراڻي پاور اسڪيم ڪارگر نه رهي آهي. ان ڪري آمريڪا ۽ يورپ طرفان اهي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ٿا حسني مبارڪ جي منظر تان هٽڻ بعد، اقتدار جون واڳون وري به سندن آزمايل ۽ اتحادي فوج وٽ رهن ۽ منظر تي محمد البرادي جهڙا وچ ٿرا چهرا آندا وڃن، جيڪي مسلم برادرهوڊ جي معتدل اڳواڻن سان گڏجي ڪنهن وڏي تبديلي کي روڪي رکن. وچ اوڀر آمريڪا ۽ يورپ جي پرڏيهي پاليسي جا مک نقطو رهيو آهي، جنهن ۾ آمريڪا، يورپ ۽ جاپان لاءِ سستو تيل حاصل ڪرڻ ۽ اسرائيل جي سلامتي وارا ٻه بنيادي مقصد شامل رهيا آهن.

مصر ۾ جمال عبدالناصر جي سرواڻي ۾ شروع ڪيل عرب قومپرستي واري تحريڪ آمريڪا لاءِ هميشه مٿي جو سور رهي آهي. جنهن کان متاثر ٿي لبيا سميت اڪثر تيل پئدا ڪندڙ عرب ملڪن تيل کي قومي ملڪيت ۽ ڪنٽرول ۾ آڻي اتر آمريڪا ۽ يورپ لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ لبيا سڀ کان اهم ۽ آمريڪي دشمني ۾ اڳڀرو ملڪ رهيو آهي، جيڪو دنيا جو نائون وڏو تيل پئدا ڪندڙ ملڪ آهي. ان سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي هم عصر تاريخ جو ٻيو وڏو پاسو عرب اسرائيل دشمني ۽ 1967ع جي جنگ سان جڙيل آهي. عرب حڪومتن جي تڏهوڪي اتحادي طرفان فلسطيني رياست جي دعويٰ جي جواب ۾ اسرائيل طرفان حملو ڪري عرب، اردن ۽ شام جا علائقا قبضي ۾ ڪري ڇڏيا هئا، ان سموري عمل ۾ اسرائيل کي سڌي آمريڪي مدد حاصل هئي.

عرب ۽ مغربي دنيا ۾ تيل جي عالمي سياست جو ٻيو دورو 1973ع ۾ شروع ٿئي ٿو، جڏهن اوپيڪ طرفان تيل جون قيمتون وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو. آمريڪا ۽ مغربي طاقتن طرفان تڏهن کان ئي تيل تي انحصار گهٽ ڪرڻ لاءِ متبادل ذريعن جي ڳولها ۽ عرب دنيا جي ٻڌي کي ختم ڪرڻ وارن ٻن ايجنڊائن تي ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن مان ٻي ايجنڊا ايران ۽ عراق جي جنگ جي نتيجي ۾ جلد ئي سوڀ ماڻي ۽ ٻئي ملڪ هڪٻئي کي مات ڏيئي ۽ هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ مغرب کي سستو تيل ڏيندا رهيا. جنگي جنون ۽ آمريڪي هوڏ ۽ بين الاقوامي سازشن جي نتيجي ۾ صدام حسين جي ڪويت تي قبضي واري قدم، آمريڪا ۽ يورپي اتحادين کي عراق ۾ قدم ڄمائڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪو پڻ دنيا ۾ تيل پئدا ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ نمايان آهي. عراق تي ڪنٽرول کانپوءِ عرب دنيا جي تيل پئدا ڪندڙ ملڪن جو هڪ وڏو حصو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح آمريڪا ۽ يورپ جي وس هيٺ اچي ويو. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جمال عبدالناصر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ مصر جي صدر انور سادات اسرائيل سان صلح ڪري عرب قومپرستي جي ان سخت گير لائين کي ختم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو بنياد آمريڪا ۽ اسرائيل مخالفت ۽ تيل کي هڪ طاقتور ٽول طور استعمال ڪرڻ تي ٻڌل هو. ٻئي پاسي وچ اوڀر ۾ بادشاهت تي ٻڌل تيل پئدا ڪندڙ وڏا ملڪ جهڙوڪ سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون ۽ اردن وغيره اڳ ئي اوپيڪ ۾ آمريڪا ۽ يورپ لاءِ سهولتون پيدا ڪندڙ ملڪن طور ڪم ڪري رهيا هئا.

عرب دنيا ۾ مختلف وقتن ۾ ايندر اڀار کي مختلف رخ ڏيڻ، اتي حڪومتن جي تبديلي کي موافق بنائڻ ۽ آمريڪي ۽ اتحادي فوجين جي ان خطي ۾ موجودگي کي يقيني بنائڻ ۾ اتر آمريڪي ملڪن جي پرڏيهي پاليسي جو هميشه حصو رهيو آهي، جيڪا بالآخر آمريڪا يورپ ۽ جاپان لاءِ توانائي جي ضرورتن ۽ تيل جي ڪرندڙ پئداوار کي هٿي ڏيڻ جي ضمانت طور ڪم ڪندي رهي آهي.

ان ڪري هينئر به مصر، تيونس، لبيا وغيره ۾ ايندڙ تبديلي ۾ آمريڪا ۽ ان جا يورپي اتحادي ان پراڻي آزمايل پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ پهريان ڊڪٽيٽر کي ڀرپور مدد مهيا ڪري ڪيترن سالن تائين مدد ڪئي ويندي آهي ۽ آخر ۾ جڏهن عوام منجهائن بيزار ٿيندو آهي ته کين وڏيون ڏائڻون قرار ڏئي متبادل هم خيال قيادت جي حمايت ۽ عملي مدد ڪئي ويندي آهي. مالزوچ، مشرف ۽ حسني مبارڪ ان جا تازا مثال آهن. حسني مبارڪ کي آخر تائين آمريڪا طرفان هر سال هڪ ارب ڊالر فوجي امداد ملندي رهي آهي ۽ سندس خلاف ٿيندڙ مظاهرن کان هڪ هفتو اڳ تائين کيس ڀرپور آمريڪي ۽ يورپي حمايت حاصل رهي آهي. ۽ آمريڪي ۽ يورپ جي ميڊيا ۾ ان کان اڳ سندس خلاف آمر طور هڪ به ليک شايع نه ٿيو هو. هي آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو هڪ دلچسپ رخ آهي، جنهن ۾ پهريان انهن ڊڪٽيٽرن جي مڪمل سهائتا ڪئي ويندي آهي ۽ آخر ۾ جڏهن اهي ڪنهن ڪم جا نه رهندا آهن ته کين ولين يا ڏائڻون قرار ڏئي رخصت ڪرايو ويندو آهي. انڊونيشيا ۾ سهارتو، فلپائن ۾ مارڪوس، عراق ۾ صدام، مصر ۾ حسني مبارڪ، چلي ۾ پنوشي، پاڪستان ۾ ضياءَ ۽ مشرف ڪجهه اهڙا ڊڪٽيٽر رهيا آهن، جن پنهنجي سموري اقتداري دور ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي حمايت ۽ محبت ماڻي.

لبيا ۽ ان جو اڃا تائين موجود اڳواڻ ڪرنل معمر قذافي ٻين عرب ملڪن ۽ اڳواڻن کان مختلف ڪيس آهي. قذافي لبيا ۾ هڪ نسبتن پرامن انقلاب ذريعي اقتدار ۾ آيو، جڏهن لبيا ۾ ادريس جي بادشاهت هئي. ان وقت قذافي 27 سالن جو نوجوان آرمي آفيسر هيو، جيڪو عرب دنيا ۾ جمال عبدالناصر جي قوم پرستي واري تحريڪ کان تمام گهڻو متاثر هيو. جمال ناصر جي ان ئي واٽ تي هلندي هو آمريڪا ۽ اسرائيل جو سخت مخالف رهيو ۽ سرد جنگ واري زماني ۾ سندس مڪمل جهڪاءَ ان وقت جي سويت يونين ڏانهن رهيو. پنهنجي مخصوص آمريڪا دشمني واري پاليسي سبب هو آمريڪا طرفان عالمي طور ولين ظاهر ڪيل اڳواڻن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي درج ٿيل هيو، تڏهن اساما بن لادن جهڙا ڪردار ڪنهن به منظرنامي ۾ شامل نه هئا. ان ڪري آمريڪا طرفان سندس ملڪ مٿان، معاشي پابنديون، هوائي بمباري ۽ مختلف وقتن تي کيس بين الاقوامي طور اڪيلو ڪرڻ جهڙا قدم ڏسڻ ۾ آيا. انهن سمورن قدمن باوجود 40 سالن تائين قذافي دنيا توڙي عرب آمريڪي سياست جي منظر تي هڪ قدآور شخصيت طور نمايان نظر آيو. آمريڪا جي سخت مخالفت باوجود ڏکڻ آفريڪا جو صدر ۽ آزادي جي تحريڪ جي سرواڻ نيلسن منڊيلا لبيا وڃي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ اي اين سي جي آزادي واري تحريڪ دوران حمايت ۽ عملي مدد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

قذافي جي عرب قومپرستي ۽ سامراج دشمني واري هڪ ڊگهي ڪردار سان گڏوگڏ سندس شخصيت جو ٻيو پاسو ان المئي تي ٻڌل آهي، جيڪو اڪثر عرب اڳواڻن ۽ سوشلسٽ جهڪاءَ واري قيادت جو رهيو آهي، ڪرنل قذافي پڻ دنيا جي ٻين طويل عرصي تائين اقتدار ۾ رهندڙ اڳواڻن جيان پاڻ کي لبيا ۽ عرب مقصد لاءِ اڻٽر ۽اڪيلو محافظ سمجهندو رهيو. سندس 40 سالن جو دور لبيا جي ترقي ۽ سرد جنگ واري زماني ۾ مجموعي چڱائي واري پاسي سان گڏ هڪ ملوڪيت واري دور جيان پڻ رهيو آهي، جتي اقتدار ۾ سندس شخصيت ۽ گهر ڀاتين کانسواءِ ٻيو ڪير به نظر نه ٿي آيو. قذافي پڻ هڪ انقلابي اڳواڻ کان بادشاهه سلامت وارو سفر انتهائي سخت گيري ۽ اندران اٿندڙ مخالفتن کي چيڀاٽي عبور ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته اڄ جڏهن گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ عرب دنيا جو عوام تبديلي طرف ڏسي رهيو آهي ته ان خواهش کي استعمال ڪندي آمريڪي ۽ يورپي طاقتون قذافي سان سمورا پلاند پاڙڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيون آهن. قذافي خلاف لبيا ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ ٿيل تشدد ۾ هزارين ماڻهن جي مارجي وڃڻ بعد بين الاقوامي برادري طرفان لبيا مٿان اقتصادي پابندين، سڌي فوج ڪشي، اتان جي مخالف ڌر کي مڃتا ڏئي قانوني حڪومت مڃڻ جهڙا قدم کنيا پيا وڃن.

توڙي جو لبيا ۾ قذافي خلاف اٿندڙ احتجاجن جي صدا پٺيان قذافي جي راڄ ۾ ايذاءَ هيٺ ايندڙ ننڍن گروپن، قبيلن ۽ عوام ۾ ڊگهي اقتدار کان بيزاري وارو عنصر شامل آهي، پر لبيا ۾ امڪاني تبديلي پٺيان اتر آمريڪي، برطانيا ۽ يورپ جي ملڪن جي اها نيت پڻ شامل آهي، جنهن تحت آمريڪا ۽ ان جا هم خيال ملڪ گذريل 40 سالن کان سخت گير آفريڪي اڳواڻ کي اقتدار تان هٽائي نائين تيل پئدا ڪندڙ وڏي ملڪ ۾ پنهنجي پسند جي حڪومت جوڙڻ جو خواب سانڍيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته عرب دنيا ۾ لبيا ۽ شام ٻه اهڙا ملڪ بچيا آهن، جتي آمريڪي اثر رسوخ بنهه گهٽ رهيو آهي ۽ ٻئي ملڪ اسرائيل دشمني ۾ به سڀ کان اڳڀرا رهيا آهن.

بين الاقوامي ميڊيا ۾ شايع ۽ نشر ٿيندڙ ڪالمن ۽ تجزين ۾ اهي ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن ته لبيا ۾ قذافي خلاف تحريڪ جي اڳواني نيشنل فرنٽ فار دي سالويشن آف لبيا نالي تنظيم ڪري رهي آهي، جنهن کي پراڻي زماني کان آمريڪا جي سهائتا حاصل آهي. مثال طور مئي 1984ع ۾ قذافي مٿان سندس رهائشگاهه ۾ ٿيل حملي ۾ ان تنظيم جا 15 ماڻهو شامل هئا. هي تنظيم 1980ع واري ڏهاڪي کان لبيا جي سرحدن، خاص طرح بن غازي واري گهڻ قبيلائي علائقي ۾ موجود رهي آهي. قذافي خلاف مظاهرن ۽ پرتشدد ردعمل جي شروعات پڻ انهيءَ علائقي مان ٿي آهي.

ٻئي طرف لبيا ۾ ٿيندڙ قذافي مخالف مظاهرن کي اولهه جي ميڊيا تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي. بلڪل اهڙي طرح جيئن عراق واري جنگ ۾ دنيا جي وڏن نشرياتي ادارن پنهنجي اڻ ڌرئي ڪردار کي پاسي تي رکي هڪ طرفي رپورٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي هئي. قذافي ڊڪٽيٽر، قذافي قاتل جا ٽائٽل ۽ ٽي وي سپر روزانو ڪوريج جو حصو بڻجي چڪا آهن. مغربي ميڊيا طرفان قذافي جي تازين تقريرن کي کل جهڙو قرار ڏنو ويو آهي.

ٻئي پاسي قذافي خلاف لبيا اندر ۽ ٻاهر تحريڪ هلائيندڙ اڳواڻ پڻ واشنگٽن ۾ ويٺل آهي. تازو اي بي سي آسٽريليا طرفان اين ايف ايس ايل اڳواڻ ابراهيم شاد جو هڪ تفصيلي انٽرويو پڻ نشر ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ سموري اولهه جي ميڊيا ۾ نشر ڪيو ويو. ابراهيم شاد جي اين ايف ايل سي لنڊن ۾ 2005ع ۾ هڪ ٻي تنظيم اين سي ايل او پڻ جوڙي هئي. اين سي ايل او 7 فيبروري تي ان وقت 17 فيبروري تي ڪاوڙ جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن مصر ۾ حسني مبارڪ جي استعيفيٰ بعد ميڊيا کي هڪ ٻيو وڏو محاذ گهربل هو. ان ئي ڏينهن تي ابراهيم شايد جي حامين لبيا جي اڀرندي شهر بن غازي ۾ وڏو مظاهرو ڪري قذافي جي آمريت جي خاتمي جي گهر ڪئي. قذافي جو پٽ سيف الاسلام ۽ قذافي جڏهن پنجن تقريرن ۾ پرڏيهي مداخلت ۽ سندن خلاف تحريڪ ۾ اين جي اوز جي ڪردار جي ڳالهه ڪن ٿا ته ان مان مراد اين سي ايل او آهي، جيڪا هڪ اين جي او طرز تي لبيا ۾ داخل ٿي ڪم ڪندي رهي آهي. اهو چيو پيو وڃي ته لبيا ۾ مظاهرين مٿان تشدد جون خبرون ۽ تصويرن پڻ اين سي ايل او جي نيٽ ورڪ ذريعي مغربي ميڊيا ۽ انٽرنيٽ سائيٽس کي موصول ٿي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته لبيا ۾ سرڪاري ميڊيا کانسوا3 ٻئي ڪنهن به خابرو اداري کي علائقن ۽ واقعن تائين رسائي نه آهي.

ٻئي طرف عرب دنيا بشمول لبيا ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۽ ان جي خبرن کي منظم نموني شايع ۽ نشر ڪرڻ ۾ مغربي خاص طرح آمريڪي ۽ برطانوي نشرياتي ادارن ۽ انٽرنيٽ جي وڏين ڪمپنين گوگل، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر جو پڻ نمايان ڪردار سامهون آيو آهي. اهڙا پڻ اطلاع آهن ته روس جي ڊپٽي وزيراعظم اوگرسيچن هڪ بيان ذريعي گوگل ڪمپني جو نالو کڻندي الزام هنيو آهي ته مصر ۾ ٿيندڙ تازن مظاهرن وقت گوگل ڪمپني جو هڪ وڏو عملدار ويئل گهونم مصر ۾ موجود هيو ۽ ان تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ ان آمريڪي ڪمپني جو هٿ آهي.

عرب دنيا ۾ تازي لهر ڪهڙا نتيجا آڻيندي، ڇا قذافي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو اقتدار بچائي سگهندو؟ آمريڪا پنهنجا ۽ اتحادين جا تيل جا ذخيرا حاصل ڪرڻ ۽ سياسي مفاد گهڻي وقت تائين محفوظ ڪري سگهندو؟ عرب ملڪن ۾ جڙندڙ نيون حڪومتون عوامي اميدن تي پوريون لهنديون يا نه اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهم سوال تمام جلد پنهنجي منطقي جوابن تائين پهچندا، پر هڪڙي ڳالهه چٽي آهي ته وچ اوڀر ۾ اتر آفريڪا ۾ آيل تحريڪن جي نتيجي ۾ عرب رياستون ڪڏهن به اڳ جهڙيون نه رهنديون، عوام طرفان جڏهن تبديلي جي خواهش جو اظهار ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ان جو انت رڳو بادشاهن ۽ قابض انقلابي اڳواڻن جي وڃڻ سان نه ٿيندو، عرب دنيا ۾ هڪ نئون دور ۽ نئين دنيا جا بنياد پئجي رهيا آهن ۽ ان تبديلي ۾ ٽيڪنالاجي جو انتهائي ڪردار آهي، چوڻ وارا چون ٿا ته في الوقت انهي ٽيڪنالاجي آمريڪا ۽ مغرب کي فائدو ڏنو آهي، پر اصل ۾ اها ئي ٽيڪنالاجي ۽ ڄاڻ آهي، جنهن بند ٿيل عرب دنيا کي کوليو ۽ جاڳايو آهي، ۽ عوام کي هاڻ ڪا به وڏي يا ننڍي طاقت گهڻي وقت تائين گمراهه نه ٿي ڪري گهي. تبديلي ۽ تاريخ کي هڪ دڳ گهرجي، ۽ اهو دڳ عرب دنيا جي عوام کي هٿ اچي ويو آهي ۽ هاڻوڪي جديد دور ۾ اهو دڳ هڪ عالمي تبديلي جو محرڪ بڻجي سگهي ٿو.

javedlangah@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو