Home / پروفائيل / يوسف هارون: هڪ تاريخ ساز شخصيت
above article banner

يوسف هارون: هڪ تاريخ ساز شخصيت

پاڪستان جي قيام  جي تحريڪ ۾ سر عبدالله هارون جو تاريخي ڪردار هو. مرحوم يوسف هارون، مرحوم محمود هارون مرحوم سعيد هارون، عبدالله هارون جا پٽ هئا. يوسف هارون سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سياسي فلسفي کي ڦهلائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. حالانڪه سندس تعلق هڪ خوشحال گهراڻي سان هو. ليڪن هن سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سنڌ جي غريب، مظلوم هارين جي مفادن جو تحفظ ڪيو. يوسف هارون جو سنڌ جي سياسي منظرنامي ۾ هميشه اهم ڪردار رهيو. هو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سياست ڪندو  رهيو. ايوب خان جي دور ۾ هڪ اهڙو به وقت آيو جڏهن يوسف هارون روزاني ”ڊان“ جو چيف ايڊيٽر بڻيو. ايوب خان ”ڊان“ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا هٿڪنڊا استعمال ڪيا. ايئن اهڙو ڏکيو وقت به آيو جو يوسف هارون پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ٿي ويو.

ايوب خان خلاف جڏهن گول ميز ڪانفرنس ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلي ته ان جي نتيجي ۾ ايوب خان يوسف هارون کي اولهه پاڪستان جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو هو. يوسف هارون شيخ مجيب جو تمام ويجهو دوست هو. چيو وڃي ٿو ته شيخ مجيب کي هارون ڪٽنب جي سرپرستي حاصل هئي ۽ سندس سياست تي هارون ڪٽنب اثرانداز پڻ رهيو.

مرحوم يوسف هارون هڪ ماٺيڻو، بالغ نظر ۽ وسيع سياسي رابطا رکندڙ سياستدان هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو آمريڪا ۽ برطانيا جا سفارتڪار به سندس سياسي معلومات تي ڀاڙيندا هئا. يوسف هارون مرحوم کان سندس زندگيءَ ۾ مون هڪ طويل سياسي انٽرويو ڪيو هو، جنهن ۾ بنگال ۾ شيخ مجيب بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن وراڻيو هو ته ”پاڪستان قائداعظم جي قيادت ۾ جمهوري اصولن جي تحفظ لاءِ قائم ڪيو ويو هو، هو خود به قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري اصولن جي پاسداري ۾ يقين رکندو هو ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾  بنگالين جو مک ڪردار هو، ليڪن اڳتي هلي بنگالين سان معاشي ناانصافيون ڪيون ويون. سندن حق غصب ڪيا ويا.“ هن اهو پڻ چيو هو ته ”شيخ مجيب پاڪستان ٽوڙڻ نه پيو چاهي ۽ نه ئي بنگلاديش ٺاهڻ پيو چاهي، ليڪن بعد ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جهن جي ڪري بنگالين علحدگي جو رستو اختيار ڪيو.“

يوسف هارون هڪ تجريبيڪار پارليامينٽرين هو. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن به اهم معاملن بابت ڳالهائيندو هو ته سندس گفتگو ۾ معامله فهمي جو عنصر موجود هوندو هو. هو ضعيف العمري باوجود پاڪستان جي سياست کان باخبر رهندو هو. جڏهن ”ڊان“ جي هڪ خصوصي ايڊيشن بابت کيس ڪا شڪايت پئدا ٿي ته هن ”ڊان“ جي ايديٽر نالي هڪ وضاحتي خط لکيو هو، جيڪو اخبار شايع به ڪيو هو.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هارون ڪٽنب هن ملڪ ۾ تمام گهڻا سياسي لاها چاڙها ڏٺا آهن، انهن جو هر دور ۾ سياسي ڪردار رهيو آهي. عبدالله هارون کان وٺي يوسف هارون تائين اهو ڪردار سرگرم نظر اچي ٿو. نه رڳو سياست، پر صحافت به سندن اهم مورچو رهيو آهي. مرحوم ضمير نيازي يوسف هارون لاءِ لکي ٿو ته ”ايوب جي دور ۾ يوسف هارون راتورات پرڏيهه هليو ويو هو، ڇو ته کيس گرفتاري جو خطرو هو، سندس تعلق مسلم ليگ جي ان قيادت سان هو، جيڪي تحريڪ پاڪستان جا اکين ڏٺا شاهد هئا.“

بهرحال يوسف هارون پنهنجي پڇاڙي عمر ۾ سنڌ لاءِ تمام گهڻو فڪرمند رهيو، ڪن وقت تي هن ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر نه ڪري سگهيو. هاڻي سوال اهو آهي ته هن وقت هارون ڪٽنب جو اڪيلو فرد حسين هارون جيڪو سياست ۾ سرگرم آهي، پر اڄڪلهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو آهي، ڇا اهو ڪو سنڌ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو