Home / افيئر / ٽينڪر مافيا جو راڄ ڪراچي، جتي ڪروڙين رپين جو پاڻي وڪرو ٿئي ٿو
above article banner

ٽينڪر مافيا جو راڄ ڪراچي، جتي ڪروڙين رپين جو پاڻي وڪرو ٿئي ٿو

 

اوهان کي ڪراچي جي تمام گهڻن علائقن ۾ صبح سوير يا رات دير سان ماڻهن جون قطارون نظر اينديون، جيڪي راشن نه پر صرف زندگي جي بنيادي ضرورت پاڻي جي حاصلات لاءِ گهرن ۾ وڏا حوض نه هئڻ ڪري مختلف ٿانوَ، جڳ، ديڳڙيون، لوٽا، ڪرمنڊل، ڊرم، دلا ۽ بالٽيون کڻي ٽينڪر ۾ پهتل پاڻي وٺي رهيا هوندا آهن. جيتوڻيڪ اهي ٽينڪر ڪراچي جي سڄي آبادي کي صاف پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ جي ذميواري ڪراچي واٽر ايند سيوريج بورڊ جي آهي پر نجي ٽينڪر سروس وارا ان ڪم ۾ سرڪار کي پوئتي ڇڏي ويا آهن. جيڪي 1000 گيلن واري ٽينڪر جي قيمت 700 کان 1200 تائين وصول ڪن ٿا ۽ ڪراچي جي ڪچي آبادي ۾ رهندڙ فيملي جو سربراهه وڏي محنت سان روزانو 150 کان 300 رپيا ڪمائي ٿو، اهو مجبورن اهو پاڻي خريد ڪندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس ڪراچي جي شهري سرڪار ٻيو ته ٺهيو پر پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي ٿي. لائين ۾ لڳي پاڻي ڀرڻ جي اها اذيتناڪ پريڪٽس اوهان کي ڪراچي جي تقريبن سڀني ڪچين آبادين ۾ نظر ايندي. سرڪاري انگن اکرن موجب لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ کان آبادي رکندڙ شهر جيڪو پهرين هڪ ضلعو هوندو هو، اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٽوڙي 18 ٽائونن ملير، لانڍي، ڪورنگي، بن قاسم، شاهه فيصل، ڪياماڙي، صدر، لياري، گلشنِ اقبال، جمشيد ٽائون، لياقت آبادي، اورنگي، بلديه، سائيٽ، گڏاپ، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ گلبرگ تي ٺاهيو ويو هو. 18 ئي ٽائونن جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آبادي ڪچين آبادين تي ٻڌل آهي. پر ڪراچي جي شهري سرڪار، سنڌ سرڪار انهن آبادين کي استعمال ته ٺهيو، پر صرف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت مهيا نه ڪري سگهيون آهن ۽ انهن ڪچين آبادين ۾ مختلف نجي ٽينڪر سروس وارا پيئڻ سميت ٻئي استعمال وارو پاڻي به انتهائي مهانگي اگهه تي فراهم ڪري رهيا اهن. انهن نجي ٽينڪر سروس وارن کي گذريل هڪ ڏهاڪي کان واٽر ٽينڪر مافيا جو نالو ڏنو ويو آهي. جيئن جيئن ڪراچي جهڙي وڏي شهر جي آبادي وڌڻ لڳي ته ٽينڪر جي ڪاروبار کي ڌنڌو بنائڻ لاءِ سيڙپڪارن جو تعداد وڌندو ويو ۽ هاڻي ته پاڻي جي ڌنڌي ۾ سياسي پنڊتن به پنهنجو ناڻو سيڙائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري پائيپ لائينن مان غيرسرڪاري طريقي سان پاڻي ڀرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.

لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ آبادي رکندڙ شهر ڪراچي ۾ ٽينڪر وارن همراهن جا هڪ اندازي موجب 200 کان وڌيڪ عيرقانوني طور پاڻي ڀرڻ جا غيرقانوني ذريعا موجود آهن. گڏوگڏ هيڏي وڏي آبادي کي صاف پاڻي پهچائڻ جي ذميواري کڻندڙ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ لڳ ڀڳ 13 هزار ملازمن جي تعداد تي مشتمل آهي، پر ان جي ڪارڪردگي زيرو آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ٽينڪر مافيا ۽ هائيڊرنٽ مافيا به الڳ الڳ مافيائون آهن، بظاهر اهو ڌنڌو گڏيل آهي، پر ٻنهي جي طريقيئه ڪار ۾ فرق آهي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري پائيپ لائينن مان غيرسرڪاري طور پاڻي ڀرڻ واري ڌنڌي ۾ گهڻو ڪري ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج جا مٿي کان وٺي هيٺ تائين جا ملازم ۽ آفيسر، لاڳاپيل علائقن جي ٽائونز جا عملدار، پوليس جا ڀوتار ۽ علائقي جي سياسي قوت جا ڪرتا ڌرتا هن ڌنڌي ۾ وڌيڪ فوڪس ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته هڪ اندازي موجب هڪ هائيڊرنٽ جو ٺيڪو گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 50 لکن تائين نيلام ٿئي ٿو. جيڪو صرف هڪ مهيني لاءِ هوندو آهي، اهڙي طرح هن وقت ڪراچي شهر ۾ 200 کان وڌيڪ هائنڊرينٽ طاقت ماڻهن جي سرپرستي ۾ هلي رهيا آهن.ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جو هڪ رٽائرڊ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌائي ٿو ته هن پاڻي واري ڌنڌي ۾ پهرين ته عام ماڻهو ۽ ننڍا وڏا ٽرانسپورٽر ملوث هوندا هئا، پر هن وقت هن پاڻي واري پيشي ۾ متحده قومي موومينٽ، پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم حقيقي، سني تحريڪ ۽ ٻين ننڍن وڏن سياسي پارٽين جا ماڻهو سڌا سنوان ملوث آهن. هو ٻڌائي ٿو ته تازو هڪ سياسي ڀوتار 50 ٽينڪر ڪراچي گهرايا آهن، صرف ۽ صرف هن ڪاروبار مان مال ڪمائڻ لاءِ.واٽر ٽينڪر مافيا ۾ نه رڳو سياسي ڀوتار، ڀائي لوگ، جناب، پير مير ۽ سائين شامل آهن، پر ڪراچي پوليس به هن پاڻي واري ڌنڌي مان تمام وڏو حصو اوڳاڙ ي ٿي ۽ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ وارا جوان چڱو خاصو حصو حاصل ڪن ٿا. ان کان سواءِ لاڳاپيل ٽائونز جا پهرين ناظم ۽ ٻيا آفيسر پر هاڻي صرف ٽي ايم اوز ۽ آفيسر به جهجها پيسا ڪمائي ٿا وٺن. هڪ اندازي موجب واٽر ٽينڪر ۽ هائڊرينٽ مافيائون روزانو هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پئسا ڪمائين ٿيون. روزانو هڪ ڪروڙ مهيني جا 30 ڪروڙ ۽ سال جا لڳ ڀڳ 4 ارب رپيا ٿين ٿا ۽ ڇاڪاڻ ته ڪراچي شهر ۾ هڙتالون عام معمول بڻجي ويون آهن ۽ آئي ڏينهن هڙتال هوندي آهي. ان ڏينهن تي آمدني ۾ پنجوڻ کان ڏهوڻ تي اضافو ٿئي ٿو. ان کان سواءِ بجلي جي لوڊشيڊنگ، واٽر پمپ ۽ مشينن جي ٿيندڙ اڪثر فني خرابي واٽر سپلاءِ لائينن جي ڀڃ ڊاهه ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جي ملازمن جي غيرذميواراڻي روش جي ڪري به ٽينڪر ۽ هائيڊرينٽ مافيا جي پاڻي واري ڌنڌي ۾ اڪثر اضافو ٿيندو رهي ٿو. مطلب ته ساليانو لڳ ڀڳ ڪمائجندڙ 4 ارب رپين جا حصا پتي ٿين ٿا، جيڪي ٿاڻن، ٽائون آفيسن، ڪراچي واٽر بورڊ جي برانچ آفيسن ۽ سياسي يونٽن کان وٺي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي قائم پوليس جي وڏي آفيس ۾ ويٺل عملدارن، سرڪاري جهنڊي واري گاڏي ۾ بوسڪي پائي گهمندڙ لاڙ ۽ اتر جي ڀوتارن کان وٺي صوبي جي انتظامي طور ٻن هائوسز ۾ ويٺلن جا کيسا گرم ڪيا وڃن ٿا. ٽينڪر مافيا ڪراچي نه رڳو ڪراچي جي ڪچي آبادي وارن بلڪه تمام پوش علائقي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جنهن کي اسان جا وڏيرا، مير ۽ پير صرف ڊفينس چوندا آهن، ڊي ايچ اي جا تقريبن سمورا فيز به ٽينڪر مافيا جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. ان کان علاوه ڪراچي جي ٻئين نمبر تي پوش علائقي ڪلفٽن جا به لڳ ڀڳ سمورا علائقا هن پاڻي واري ڌنڌي جا اهم هنڌ آهن.

ان سان گڏوگڏ اختر ڪالوني، محمود آباد، منظور ڪالوني، سان گڏ ڪورنگي ٽائون جا ڪيترائي علائقا، لانڍي، ٽائون جا گهڻا علائقا، ڪياماڙي ٽائون جا به ڪيترائي علائقا ۽ وڏي تعداد ۾ ڪراچي جا هوٽل، ريسٽورنٽ، ۽ ڊرائي ڪلينرز فيڪٽريون به ٽينڪر مافيا جي زور آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ويٺا آهن. ڪراچي واٽر بورڊ جي هڪ حاضر سروس عملدار به نالو نه کڻڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪراچي جي ٻڌي پاڻي جي سپلاءِ روزانو لڳ ڀڳ 650 ملين گيلن آهي، جنهن مان واٽر بورڊ وارن جي نااهلي ۽ عدم دلچسپيءَ جي ڪري لڳ ڀڳ 15 کان 20 سيڪڙو پاڻي Leakages جي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته پاڻي جي ضرورت ۽ موجودگي جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 400 ملين گيلن روزانو جو فرق ٿئي ٿو، جيڪو فرق پورو ڪرڻ لاءِ ٽينڪر مافيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي.

صوبائي رٿابندي ۽ ترقي کاتي ۾ پاڻي ۽ آبپاشي جا مامرا ڏسندڙ هڪ آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي “افيئر” کي ٻڌايو ته ڪراچي کي الڳ سان هيڏي وڏي آبادي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڪوٽڙي بئراج وٽان ساڄي پاسي کان هڪ واهه جنهن جو نالو ڪراچي واهه آهي، اهو نڪرندو آهي، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ڪينجهر کي اچي لڳي ٿو. جتان وري مختلف انڊر گرئاونڊ ۽ ٽرنڪ لائينز وسيلي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي کي ڪوٽا موجب 65 ڪروڙ گيلن يعني 1200 ڪيوسڪ پاڻي روزانو فراهم ڪيو وڃي ٿو. آبادي جو حوالو ڏيندي هن ٻڌايو ته هن وقت ڪراچي جي آبادي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ هوندي يا کڻي ٿورو گهڻو هيٺ مٿي هوندي. ان حساب سان  روزناو 40 گيلن پاڻي في ماڻهو طور ڪراچي کي سنڌو درياهه مان پهچايو وڃي ٿو. ان باوجود به جيڪڏهن عوام کي پاڻي نه ملي ۽ غيرقانوني هائيڊرينٽ ۽ غيرقانون ٽينڪر مافيا سرگرم هجي ته پوءِ حڪومت جو ڪم آهي ته ان معاملي جو جائزو وٺي. پاڻي جي ماهر جي ان موقف کانپوءِ سمورو معاملو کير جو کير پاڻي جو پاڻي طور سامهون اچي ويو آهي.

افيئر طرفان مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ سان رابطو ڪرڻ لاءِ سندس آفيس جو چڪر به هنيو ويو، پر صاحب ڏاڍو مصروف آهي، جو اجواب ملڻ ڪري سندس موقف نه ملي سگهيو. “افيئر” طرفان مڪاني ادارن صوبائي وزير آغا سراج دراني سان به ان سڄي مامري تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ساڻس به رابطو نه ٿي سگهيو.

ان سان گڏوگڏ پوليس جي به چند بالا آفيسرن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ليکڪ پي پي آءِ ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

yasirbabbar@gmail.com

ٽئنڪر ڊرائيور چون ٿا

پاڻي ٽنئڪر سياسي ماڻهن جي سرپرستي ۾ هلن ٿا

گل خان هزاريوال جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 30 سالن جو لڳي رهيو هو، پر هي پاڻ کي اڃا به 20 سالن جو سمجهي ٿو،  هي جيڪو ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ ڪي پي ٽي فلاءِ اوور جي ڀرسان  هڪ خالي پلاٽ تي ٻين ڪيترن ئي ٽينڪرن سان گڏ پنهنجي ٽينڪر کي به بيهاريو ويٺو هو. هن “افيئر” کي ٻڌايو ته اسان ٽينڪر وارن جي ايڏي آمدني نه آهي، جيتري غيرقانوني طور تي هلندڙ هائيڊرينٽ وارا ڪمائين ٿا. هو ٻڌائي ٿو ته اسان هتان کان ٿورو اڳيان ڪورنگي واري علائقي ۾ صفا والا چوڪ وٽ ٺهيل هائيڊرينٽ مان ٽينڪر ڀريندا آهيون. في هزار گيلن تي 200 رپيا ڀرائي ڏيندا آهيون. عادل هزاريوال جي ٽينڪر ۾ 3 هزار گيلن پاڻي ڀرجي ٿو. سندس چواڻي ته مان پنهنجي گاڏي تي 600 رپيا ڀرائي ڏيندو آهيان ته لڳ ڀڳ 500 رپيا ڊيزل جا لڳي ويندا آهن. هڪ چڪر دوران ۽ پاڻي جو ٽينڪر 2 هزار کان 3500 تائين وڪرو ٿي ويندو آهي. مطلب ته هڪ ٽينڪر تي اسان کي خرچ پکو لاهي 700 کان 1000 تائين بچت ٿي ويندي آهي. هو ٻڌائي ٿو، هڪ ٻئي ٽنيڪر ڊرائيور عادل ٻڌايو ته هن وقت صرف ڪورنگي ٽائون جي اندر 25 کن غيرقانوني هائيڊرينٽ آهن، جيڪي پوليس ۽ سياسي ماڻهن جي سرپرستي ۾ هلن ٿا، جڏهن ته واٽر بورڊ وارا به ساڻن مليل آهن. هائيڊرينٽ جا قسم ٻڌائيندي عادل چيو ته هڪڙا هائيڊرينٽ پاڻي جي سرڪاري لائين مان ڪٽ هڻي ٺاهيا ويندا آهن جيڪي ڪم اڪثر رات جو پوليس موبائيل بيهاري ڪيا ويندا آهن ۽ ٻيا هائيڊريٽ وري زمين ۾ بورنگ مشين هڻي جر جو پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. پر اهو جر وارو هائيڊرينٽ نصيب تي هوندو آهي، جي مٺو نڪري پوي ته واهه واهه نه ته کارو پاڻي نڪرندو آهي.  کن پل جي ساهي کانپوءِ هن وڌيڪ ٻڌايو ته کاري پاڻي وارا هائيڊرينٽ به ڪمائينٿا، پر مٺي جي ڀيٽ ۾ انهنجي ڪمپلين گهٽ هوندي آهي. هو آرڊر يا ڊمانڊ کي ڪمپلين ڪوٺي ٿو.

هن ٻڌايو ته سياري ۾ ته پاڻي جي ڊمانڊ گهٽ هوندي آهي، پر اونهاري ۾ اسان جي چاندي ٿي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته اونهاري ۾ انسان ته انسان پر ٻوٽا به تمام گهڻو پاڻي پيئندا آهن. هو کلندي ٻڌائي ٿو.

ٽينڪر جنهن ۾ عادل ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو هو، اهو سندس ذاتي ٽينڪر آهي. جيڪو هن چواڻي ته هن 3 لک ايڊوانس ۽ ماهوار 20 هزار قسط تي ورتو آهي. ٽينڪرن جا قسم ٻڌائيندي هن چيو ته واٽر ٽينڪر 5 قسمن جا ٿين ٿا. جن جا وري ريٽ به مختلف ٿين ٿا. هن ٻڌايو ته هڪڙا ٽينڪر سنگل ٿين ٿا،  جن ۾ 1000 گيلن پاڻي ڀرجي ٿو، اهي گهٽ ۾ گهٽ 700 ۽ وڌ ۾ وڌ 1200 تائين وڪرو ٿين ٿا، جڏهن ته ٻيا ڊبل ٽينڪر ٿين ٿا، جن ۾ 2 هزار گيلن پاڻي ڀرجي ٿو. اهي گهٽ ۾ گهٽ 1500 کان 2500 تائين ۽ ٽيان ٽينڪر وري ٽرپل سڏجن ٿا، جن ۾ 3 هزار گيلن پاڻي ڀرجي ٿو، جيڪي وري گهٽ ۾ گهٽ 2000 کان 3500 تائين وڪرو ٿين ٿا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ان کان سواءِ 10 ويلر ٽينڪر به آهن جن ۾ 8000 گيلن پاڻي ڀرجي ٿو. جيڪي 6 کان 9 هزارن تائين وڪرو ٿين ٿا. جڏهن ته 22 ويلر ٽينڪر به آهن، جنهن ۾ 24000 لٽر پاڻي ڀرجي ٿو، جيڪي 18 کان 25 هزارن تائين مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿين ٿا. هن موجب ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ هائيڊرينٽ موجود آهن، جن کي سياسي ماڻهن، پوليس، واٽر بورڊ ۽ ٻين کاتن جي چڱن مڙسن جي سرپرستي حاصل آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو