Home / ڪور افيئر / پ پ، ن ليگ ۽ لوٽا ڪريسي جي سياست!
above article banner

پ پ، ن ليگ ۽ لوٽا ڪريسي جي سياست!

سياست ايئن به ٿيندي آهي جيئن پاڪستان ۾ ٿئي پئي، ٻين ملڪن ۾ اهڙي سياست ڪرڻ جو تصورڪرڻ به گناهه سمجهيو وڃي ٿو، تيونس جي تبديلي طئي ٿيل هئي يا عوام پاڻ محرڪ ٿيو ڪجهه به چئي ڇڏڻ اتان جي حقيقي صورتحال سان ناانصافي ٿيندي، پر مصر ۽ لبيا ۾ انقلاب خالص عوامي ته نه سڏبو، ٻاهرين مداخلت کانسواءِ انقلابن جي ڪاميابي مشڪوڪ هوندي آهي،  تاريخ مستقبل ۾ پاڻ شاهدي ڏيندي ته مصر، لبيا، بحرين، عمان، يمن ۽ سعودي عرب ۾ عوامي اٿل پٺيان عالمي استعمار جو ڪيترو ۽ القاعده جو ڪيترو هٿ هو؟ پر انهن ملڪن ۾،  جتي انقلاب جي خطري جي گهنٽي وڳي اتي به قابض حڪمرانن جي سياست ۽ فيصلا، نظر اچي پيو ته سندن خواهش موجب ٿيندا رهيا. اهو پاڪستان ئي آهي جتي اڄ ڪلهه سڀ ڪجهه مفاهمت جي نالي ۾ وڪرو ٿئي پيو. 2008 جي چونڊن وقت مسلم ليگ (ن) نالي شينهن مايوس ۽ شڪست جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ سرگردان هو، ان شينهن کي زبان ميثاق جمهوريت ۽ طاقت پيپلزپارٽيءَ  جي غلطين ڏني.  نواز شريف ۽ چوڌري نثار ڀلي ته اها ڳالهه چئي سگهندا هجن ته سندن جادو ججن نه پر عوام جي زور تي هلڻ لڳو آهي پر ميثاق جمهوريت ئي اهو ٺاهه هو جنهن کي لٺ بڻائي مسلم ليگ (ن) وارن پاڪستان جي سياست تي چالاڪيءَ سان قبضو ڪري ورتو آهي. اڄ به ملڪ ۾ انقلاب اچڻ جو ڪو خطرو نه آهي پر حڪمران انقلاب جي ڌمڪيءَ کان ايترو ته ڊڄي رهيا آهن جو تيل جون قيمتون وڌائڻ کان به لاچار آهن.  تيل جون قيمتون وڌائڻ ڪو انا جو مسئلو نه پر گورننس ۽ معاشي ذميداري آهي ۽ ڪا به حڪومت اگر اهو فرض سرانجام  نه ڏئي سگهي ته پوءِ اها حڪومت نه پر گلا جو گهانگهو ٿي رهي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ اڄ به انقلاب جي اصل معنيٰ صرف هڪ چهري جي تبديلي آهي. اسٽيبلشمينٽ کي زرداريءَ جون پاليسيون ۽ چهرو پسند نه آهي ان ڪري انقلاب اچڻ جي ڳالهه ڪري دراصل زرداريءَ کي ڊيڄاريو پيو وڃي.  ملڪ جي بادشاهه هجڻ باوجود آصف علي زرداري جنهن ڳالهه کان ڊڄي پيو اهو ڪوئي انقلاب نه آهي پر حڪومت جو مستقبل آهي، آصف زرداريءَ جي خواهش موجب حڪومت جو مستقبل ان صورت ۾ برقرار رهي سگهي ٿو ته مفاهمت تي انڌو عمل هلندو رهي ۽ حڪومت گوڏا کوڙي سڀني خواهشن کي پورو نه ڪري سگهڻ جو ماتم ڪندي رهي. پنجاب حڪومت مان بي عزتيءَ سان ڌار ڪيل پيپلزپارٽيءَ کي تبصري جي ڇريءَ هيٺيان آڻجي ته فائدي ۽ نقصان کي ڪيئن ماپجي؟ اهو به ته سوال آهي!!!؟

عوام کي هميشه مخالف ڌر جي سياست پسند ايندي آهي ۽ جيئن ته مسلم ليگ (ن) وفاق ۾ مخالف ڌر جي پارٽي آهي ان ڪري اهو چيو وڃي ٿو ته مسلم ليگ (ن) عوامي سياست پئي ڪري. پنجاب جي عوام کان ڪير پڇي ته اتي سياست عوامي آهي يا نخري بازي ته ڳالهه مختلف نظر ايندي! مخالف ڌر جي سياست ڪرڻ جي شوق چڙهڻ سبب ميان نواز شريف سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪيو ته آصف زرداريءَ جي پارٽيءَ کي پنجاب جي صوبائي حڪومت کان ڌار ڪجي. ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ جون حڪومتون خراب آهن ته پوءِ پنجاب حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگيءَ کي جاچي ڏسبو ته ان جا افعال به ٻين حڪومتن کان بهتر ته ڪو نه آهن. وڏي صوبي هجڻ جو ڪمال آهي يا سياست جي پختگي، اڄ پنجاب ۾ ووٽ ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي ميراث نه پر ٽن پارٽين ۾ ورهايل آهن. پيپلزپارٽي سرائيڪي پرڳڻي جي عوام جي پسنديده پارٽي آهي اتان جي عوام جي اڪثريت اڄ به شهيد ڀٽي جي فلسفي جا ڳڻ ڳائي ٿي. پرويز مشرف کان ڊڄي سعودي عرب ۾ پناهه وٺڻ سبب ميان نواز شريف جي خاندان، اسٽيبلشمينٽ کي پاڻ موقعو فراهم ڪيو هو ته پنجاب جي جاگيردار ۽ صنعتڪار طبقي سان گڏ عوام کي به هڪ نئين پارٽيءَ جي پٺيان لڳائي ڇڏجي. بيشڪ اها پارٽي وقت جي آمر ٺاهي پر سواءِ پيپلزپارٽيءَ جي ملڪ جون سڀ پارٽيون يا ته آمرن جون يا انهن جي منظور نظر ماڻهن جون ٺاهيل آهن. پنجاب ۾ سياست جي ڪاميابي ملڪ تي حاڪميت ڪرڻ واري خواب کي پوري ڪرڻ جي راهه آهي، ضياءُ الحق جي ڪڇ مان نڪري ميان نواز شريف پنجابي قومپرستيءَ ذريعي پنهنجي صوبي جي سياست تي ڪنٽرول حاصل ڪيو. بعد ۾ سندس حاڪميت جي لاءِ آءِ ايس آءِ مهراڻ بينڪ جون ٽجوڙيون به کولي ڇڏيون ته سندس مخالفن لاءِ جيلن جا دروازا به. پر ان وقت ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪرڻ لاءِ سندن هر حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هو. ۽ اڄ، اهي ادارا به مٿس مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ان ڪري مسلم ليگ (ن) عوامي انداز واري سياست ڪرڻ جو ڊرامو رچائي رهي آهي. پيپلزپارٽيءَ تي عدالتن سان جهيڙي، معيشت نه سڌاري سگهڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جا الزام هڻي مسلم ليگ (ن) جي قيادت عوامي موٽ ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان فيصلي بعد به پاڻ عوام کي ڪجهه ڏيڻ جو ڪو واعدو ناهي ڪيو. لڳي ايئن پيو ته اڳ سندن سمورن ڏوهن ۾ پيپلزپارٽي به برابر جي شريڪ هئي پرهاڻي سڀ گناهه سندن کاتي ۾ ڳڻبا ۽ مٿن لوٽن واري سياست کي نئين زندگي ڏيڻ واري تهمت به لڳل رهندي.

مسلم ليگ(ق) جي سياست به رواجي سياست آهي جيڪا سڀ مسلم ليگيون ڪنديون آهن ۽ مٿن اهو الزام تازو تازو آهي ته هنن پرويز مشرف جي آمراڻي حڪومت لاءِ پنهنجا ڪلها گسايا پر اها حڪومت ختم ٿيڻ بعد به پنجاب ۾ سندن اثر مسلم ليگ (ن) لاءِ مضبوط ڌمڪي آهي. ان ڪري ئي ميان برادران چاهن ٿا ته چوڌري شجاعت جي پارٽيءَ جي اهڙن ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي اڳواڻن کي پاڻ سان ملائجي جيڪي ايندڙ اليڪشن تي اثر انداز ٿي سگهڻ جي حيثيت رکن ٿا. ڇو ته مستقبل ۾ اگر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) اليڪشن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي ته نج پنجابي علائقن ۾ به شينهن تي ايترا ٺپا ڪو نه لڳي سگهندا جو نواز شريف ٽيهر وزيراعظم ٿي سگهي!؟ پيپلزپارٽي به پنجاب جي سياست تي پنهنجي گرفت مضبوط رکڻ لاءِ ناڪام ۽ ڪامياب چالون هلي چڪي آهي، گورنر راڄ لڳائي مسلم ليگ (ق) جي لوٽن کي خريدڻ وارو ڪڌو ڪم هجي يا سرائيڪي صوبي جو لالي پاپ، پيپلزپارٽي به اقتدار تي مستقل قبضو ڪرڻ لاءِ وسان نه پئي  گهٽائي. آصف زرداريءَ پنهنجي حاڪميت جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي جمشيد دستيءَ پارن کي اهو خواب ڏيکاري ڇڏيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي موجوده حڪومت سرائيڪي صوبو ٺاهينبدي ان ڪري سرائيڪي عوام کي قومپرستاڻين تقريرن ذريعي پيپلزپارٽيءَ جو مريد بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. پنهنجي صوبي ٺهرائڻ جي لالچ سبب ئي مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽن تي ڪامياب ٿيل سرائيڪي ايم اين ايز رياض حسين پيرزاده، سردار بهادر خان سيهڙ ۽ سندن هم خيال پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ به تيار آهن پر نئين صوبي ٺاهڻ لاءِ جيڪي آئيني عمل آهن اهي شايد ته هيءَ حڪومت يا پيپلزپارٽي پورا نه ڪري سگهي. بهرحال چئي سگهجي ٿو ته گورنر راڄ لڳائي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ پيپلزپارٽي سرائيڪي علائقي جي عوام کي الڳ صوبي جو خواب ڏيکاري ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب اندر مضبوط پوزيشن حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشيءَ واري ڪهاڻي ان سڄي صورتحال ۾ اگر پيپلزپارٽيءَ کي نقصان ڏنو به ته اهو نقصان ايڏو وڏو نه هوندو جنهن جي ڪري پيپلزپارٽيءَ جا پير اکڙجي وڃن. هونئن به شاه محمود قريشيءَ جو زورسرائيڪي علائقي کان وڌيڪ سنڌ ۾ آهي ۽ اهو به ڇڙوڇڙ صورت ۾.

ايئن به نه آهي ته پيپلزپارٽيءَ جو فوڪس صرف سرائيڪي علائقي تي آهي، سينٽرل پنجاب ۾ به پيپلزپارٽي جلد (ن) مخالف سياست جو آغاز ڪري عوام کي پاڻ وڻائڻ شروع ڪندي. فيصل آباد، سيالڪوٽ، قصور، جهنگ، گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ پيپلزپارٽيءَ کي پير ڄمائڻ ۾ مشڪل ٿيندي ڇو ته انهن شهرن ۾ ماڻهو گهڻي ڀاڱي ڪاروباري مفاد رکن ٿا ۽ مسلم ليگ (ن) بجلي، گيس ۽ پيٽروليم اسمن جي اگهن واري معاملي تي قومپرستاڻي انداز واري لهر ڦهلائي ڇڏي آهي. اتان جا ماڻهو سمجهن ٿا ته پيپلزپارٽي سندن ڪاروبار تباه ڪرڻ پئي چاهي. ان ڪري هاڻي جڏهن نواز ليگ صوبي ۾ ق ليگ جي لوٽن سان گڏ سياست ڪندي ته پيپلزپارٽيءَ وٽ موقعو هوندو ته اتان جي عوام کي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پاڻ سان ملائي. اهو ڪم ايترو آسان نه آهي پر جيئن ته پاڪستاني عوام مخالف ڌر واري سياست کي پسند ڪندو آهي ان ڪري پيپلزپارٽي پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿي. پنجاب اندر سياست جا اثر ان انداز سان سنڌ تي به پوندا ۽ هن مهل تائين سنڌ کي ساست جو محور نه ٺاهيندڙ مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽيءَ کان پلاند ڪرڻ لاءِ سنڌ جي انهن وڏيرن کي پارٽيءَ ۾ ضرور شامل ڪندي جيڪي هن مهل تائين آضف زرداريءَ کي قبول نه پيا آهن. گهوٽڪيءَ ۽ شڪارپور وارو مهر گروپ، ٺٽي جو شيرازي، دادو جو جتوئي ۽ ٿر جا ارباب ميان نواز شريف ڪوشش ڪندو ته پاڻ سان گڏ کڻي اڳتي وڌي ته جيئن پاڻ مٿان لڳل اهو داغ ڌوئي سگهي ته سندس پارٽي هڪ صوبي جي پارٽي آهي. پرويز مشرف جي رخصتيءَ کانپوءِ سڀ کان وڏو نقصان چوڌري شجاعت جو ٿيو آهي، چوڌري ڀائرن پاران مشاهد حسين جي مشوري تي پنهنجي الڳ پارٽي برقرار رکڻ واري فيصلي کي گهڻا تجزئي نگار صحيح سمجهن ٿا پرسواءِ خيبر پختونخوا جي باقي ٽنهي صوبن ۾ پيپلزپارٽيءَ ۽ مسلم ليگ (ن) سندن پارٽيءَ تي جيڪي راتاها هنيا آهن انهن مان لڳي ٿو ته ايندڙ الڪشنن تائين اها پارٽي ٽانگا پارٽي بڻجي ويندي. اهو عام خيال آهي ته مسلم ليگ (ق) ۾ سليم سيف الله ۽ همايون اختر جيڪو هم خيال گروپ ٺاهيو اهو آصف زرداريءَ جي اشاري تي منظم ڪيوويو ته جيئن وفاق ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ وٽ حامي ۽ مددگار موجود هجن. پنجاب ۾ يونيفڪيشن بلاڪ جو ٺهڻ به اصل ۾ ته پيپلزپارٽيءَ جو ڪرشمو آهي پر ان تي قبضو شهباز شريف ڪري ورتو.  اهڙي رجحان کي ڏسندي اهو به چيو پيو وڃي ته هم خيال گروپ به اڳتي هلي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي ويندو. پر ايئن تڏهن ٿيندو جڏهن اسٽيبلشمينٽ اهو واضح اشارو ڏيندي ته مستقبل جي حڪومت مسلم ليگ (ن) ٺاهيندي.

ميان شهباز شريف ۽ چوڌري نثار اسٽيبلشمينٽ کي رام ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين وسان ڪين گهٽايو آهي پر آمريڪي پاليسين جي زور هجڻ ڪري آرمي چيف کين موقعو ڏيڻ جي حق ۾ نه هو، هاڻي ريمنڊ ڊيوس واري اشوءَ کانپوءِِ اگر آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿيا ته ان جا اثر پيپلزپارٽي حڪومت تي ضرور پوندا. مسلم ليگ (ن) تي گهري نظر رکندڙ چون پيا ته پارٽي سياست جي حوالي سان شريف ڀائرن وچ ۾ به شديد اختلاف موجود آهن. انهن اختلافن پٺيان ڪجهه خانداني معاملا به موجود آهن. آصف زرداريءَ جي پارٽيءَ کي ڌار ڪرڻ وارو فيصلو چوڌري نثار ۽ شهباز شريف واري ڌڙي جو سمجهيو وڃي ٿو، مخدوم جاويد هاشمي، راجه ظفرالحق ۽ اسحاق ڊار ان راءِ جا هئا ته پيپلزپارٽي سان اتحاد ختم نه ڪجي. چوڌري نثار شروعاتي ڏينهن ۾ شهباز شريف کي اهي خواب به ڏيکاريا ته  اسٽيبلشمينٽ محترمه بينظير ڀٽو کي ئي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ نه ڏنو ان ڪري ميان نواز شريف کي به وري اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندي ان ڪري وڏي ڀاءُ کي ان ڳاله تي قائل ڪري ته صرف پارٽيءَ جو وڏو ٿي رهي باقي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ميان نواز شريف کي اها ڳاله پسند نه آئي. جڏهن ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار پاران رات جي اونده ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪرڻ واري حرڪت تي به نواز شريف ناراض ٿيو هو ڇو ته ان ملاقات جي خبر کيس ميڊيا ۾ آيل خبرن مان پئي. اها ڳاله به اسلام آباد ۾ بحث هيٺ ايندي رهي آهي ته چوڌري نثار موجوده سيٽ اپ ۾ وزيراعظم ٿيڻ جي آس لڳايو ويٺو هو، هن اهو پئي سمجهيو ته شريف ڀائر نااهليءَ جي ڪيسن ۾ ڦاٿل آهن، ان ڪري چهرن جي تبديلي ايندي ته هو وزيراعظم جي عهدي لاءِ موزون ترين اميدوار هوندو!؟ ٻئي پاسي شهباز شريف پاران مصطفيِٰ کر جي اڳوڻي زال تهمينه درانيءَ سان ڳجهه ڳوهه ۾ شادي ڪرڻ سبب شريف خاندان اندروني اختلافن جو شڪار آهي. نواز شريف ڀاءُ جي حرڪتن کي روڪڻ لاءِ سندس پٽ حمزه شهباز تي هٿ رکي کيس اهم ڪردار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.  پر انهن معاملن کي في الحال ايترو ڳجهو رکيو ويو آهي جو اڃان ميڊيا جي بحث جو موضوع ناهن بڻيا. ٿي سگهي ٿو ته شريف خاندان پنهنجا اندروني اختلاف پاڻ ۾ ئي نبيري وٺي. پر انهن اختلافن جو پارٽي سياست تي اثر موجود آهي.

مسلم ليگ (ن) جي اندروني سياست ۾ مخدوم جاويد هاشميءَ جو معاملو به اهم آهي، ايئن ئي جيئن شاهه محمود قريشيءَ کي اهميت اختيار ڪرائي وئي آهي. ٻئي مخدوم ملتاني پنهنجين پارٽي قيادتن خلاف ڍڪيل لفظن ۾ سخت تنقيد ڪرڻ لڳا آهن. مخدوم جاويد هاشمي جو معاملو خالص زيادتي ٿيڻ ڪري مختلف آهي. مشرف دور ۾ جيل ڪٽڻ ۽ تشدد سهندڙ جاويد هاشميءَ کي شهباز ۽ نثار لابيءَ پوئتي ڌڪي غيراهم ڪرائي ڇڏيو. هاشميءَ جا ويجها ماڻهو ٻڌائيندا رهيا آهن ته ان ڏک سبب ئي هو شديد بيمار ٿيو ۽ جسماني طور اڌ مفلوج بڻجي چڪو آهي. جاويد هاشمي ايندڙ اليڪشن ۾ خاموش رهندو، سياست ڇڏي ڏيندو يا پنهنجي موجوده پارٽيءَ جي مخالفت ۾ نڪري پوندو هن پاران ان ڏس ۾ اڃان ڪا به چٽائي ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته پنجاب کان ٻاهر شريفن جي پارٽيءَ کي هزاره پرڳڻي ۾ به سخت ڏکيائيون پيش اينديون، خيبر پختونخوا جي معاملي تي اتان جا ماڻهو نواز شريف مٿان سخت ڪاوڙيل آهن ۽ امڪان آهن ته مسلم ليگ(ن) جو ڳڙهه سمجهيو ويندڙ اهو علائقو هاڻي مسلم ليگ(ق) ۽ جي يو آءِ ۾ ورهائجي ويندو. هنن سڀني ڳالهين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسلم ليگ (ن) لاءِ عملي طور تي تمام گهڻا چيلينج موجود آهن، پيپلزپارٽيءَ کي پاڻ کان ڌار ڪري ميڊيا کي دلچسپ موضوع ته ڏنو ويو آهي پر ان جو يقين ڪير ڏياريندو ته ڇا عملي سياست ۾ به ميڊيا ذريعي ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي؟

ميڊيا جمشيد دستيءَ جهڙن جي جيڏي مخالفت ڪئي، عوام ايتري ئي شدت سان ان مخالفت کي نظر انداز ڪري کين ٻيهر ووٽ ڏنا. عوام ٽاڪ شوز بجاءِ گهٽين ۽ هوٽلن ۾ ٿيندڙ تبصرن ۽ مقامي نوعيت جي معاملن مطابق ووٽ ڏئي ٿو اهو طئي ٿي چڪو آهي. پر اڄ جي مخالف ڌر کي ڪير سمجهائي ته ڪالم نگارن، اينڪر پرسنز ۽ پگهار وٺندڙ تبصري نگارن جي زور تي شهرن جي ڪيبل ڏسندڙ ماڻهن کي ته وقت گذاريءَ جو موقعو ڏئي سگهجي ٿو پر ٻهراڙين جو عام عوام پنهنجا فيصلا دليل نه پر ”واسطي“ جي بنياد تي ڪري ٿو.! وچ مدي وارين چونڊن جي امڪان کي اڃان رد نه پيو ڪيو وڃي، پر صورتحال جو جائزو وٺڻ سان ئي اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته اتحاد ختم ٿيڻ باوجود آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي جي حڪومتن جي خاتمي لاءِ ڪا به حرڪت نه ڪندا. پيپلزپارٽي پنهنجي سر پاڻ شهباز شريف کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ڪو مطالبو نه ڪندي نه ئي مسلم ليگ (ق) کي ايئن ڪرڻ لاءِ همٿائيندي، ساڳيءَ ريت (ن) ليگ يوسف رضا گيلانيءَ کي تنگ نه ڪندي ۽ تماشو ايئن ئي هلندو رهندو. ان وچ ۾ اگر مسلم ليگ (ق) شهباز شريف کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مطالبو ڪندي ته پوءِ اهو به سمجهي سگهبو ته ڪا ٽين قوت ٻنهي پارٽين کي ويڙهائي اڳتي اچڻ چاهيندي ۽ سياسي پارٽين جي ويڙهه بهاني وچ مدي وارين چونڊن جو بندوبست ڪرائيندي. جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان پيپلزپارٽيءَ کي ٿيندو. ايندڙ مارچ ۾ سينيٽ چونڊون ڪرائي آصف زرداري اپر هائوس ۾ اڪثريت وٺڻ چاهي ٿو. جڏهن ته سندس مخالف سڀ قوتون چاهن ٿيون ته سينيٽ چونڊون عام چونڊن بعد ٿين. ان ڪري مسلم ليگ (ق) تي ذميواري رکي ويندي ته اهي پنجاب ۾ شرارت ضرور ڪن. شريف برادران تڪڙين چونڊن جا حامي ان ڪري به نه آهن ڇو ته سندن نااهليءَ جا ڪيس اڃان عدالت ۾ موجود آهن ۽ کين اليڪشن وڙهڻ توڙي حڪومت ڪرڻ لاءِ مڪمل فٽ قرار ناهي ڏنو ويو. اسٽيبلشمينٽ کين اهو سرٽيفڪيٽ، ڪي پڪا واعدا وٺڻ بعد ئي جاري ڪرائيندي. هن وقت تائين عدالتن جي فيصلن سان  صرف پيپلزپارٽيءَ جو گراف گهٽ ٿيو آهي. جيڪي به ڪيس ٻڌا ويا اهي پيپلزپارٽيءَ جي وزيرن خلاف هئا يا اڳواڻن متعلق، ان کان اڳ واري دور جا سڀ ڪيس پينڊنگ ۾ رکيا ويا آهن. ان ڪري ئي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته جڏهن شريف ڀائرن جي اهليت متعلق فيصلو اچي ويندو ته پوءِ چونڊن لاءِ (ن) ليگ وارا وڌيڪ جوش سان مطالبو ڪندا،  جهيڙي تي به لهي ايندا ۽ ”جاڳ پنجابي جاڳ“ جهڙا نعرا ٻڌڻ لاءِ ملندا. فيصل آباد ۾ گيس لوڊشيڊنگ خلاف نعرا هڻائي، پنجاب سان زيادتي ٿيڻ وارا بيان ڌئي پيپلزپارٽيءَ کي سنڌي قومپرست پارٽي بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته  حڪومت مان ڪڍڻ وارو قدم کڻي (ن) ليگ پيپلزپارٽيءَ کي پنجاب جو ميدان واندو ڪري ڏنو آهي ته اتي مخالف ڌر واري سياست ڪري سندن نڪ ۾ ناڪيلي وجهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو