Home / ڪور افيئر / پ پ ۽ ن ليگ تڪرار-لاهور ڇا ٿو سوچي
above article banner

پ پ ۽ ن ليگ تڪرار-لاهور ڇا ٿو سوچي

مسلم ليگ (ن) پاران پيپلز پارٽي حڪومت کي ڏنل ڏهه نڪاتي ايجنڊا تي عمل نه ٿيڻ جو چئي 23 فيبروري   تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ نواز شريف پنجاب حڪومت مان پيپلز پارٽي کي ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ٻئي ڏينهن لاهور ۾ صورتحال ڪنهن حد تائين غيرمعمولي طور بدلجي وئي.

ملڪي سطح تي پڻ سرگرميون وڌي ويون. محسوس ٿيو ته اجهو ڪي اجهو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. گهڻا معاملا هڪ ئي وقت اڀري سامهون آيا. مذهبي پارٽين کي گهڻي وقت کان ڪو اشو سمجهه ۾ نه پئي آيو، جو انهي جو عوامي مفاد سان ڪو تعلق نه هجڻ سبب ايجنڊا ئي مختلف هوندي آهي. ڊاڪتر عافيه صديقي جو معاملو ئي هو جنهن تي هو تڳي رهيون هيون. نه ته ٻيو مڙئي ڪُل خير. ان دوران هنن کي لاهور ۾ ريمند ڊيوس هٿان ٿيل واقعو هٿ چڙهي ويو. ان کان اڳ گستاخي جي اشو سان بيحيائي جي حد تائين کيڏي رهيا هئا.هو ڊاڪٽر عافيه کي پاسي تي رکي گستاخي ۽ ريمنڊ ڊيوس جي پويان لڳي ويا. ان دوران ئي نواز ليگ پيپلز پارٽي کي پنجاب کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته سياسي گرمي پد ۾ واڌ ته ٿيڻي هئي.

24 فيبروري تي پيپلز پارٽي پنجاب ۾ چڻ ڪنهن گيس چيمبر مان ٻاهر نڪتي هجي. هنن وڏا، وڏا ساهه کڻي پاڻ کي تازو توانو ڪرڻ شروع ڪيو، يومِ نجات ملهائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. نواز ليگ هڪ ڌڪ سان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ سڀ پارلياماني سيڪريٽري هٽائي ڇڏيا ۽ ستن وزاتن تان هٽائڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سمري پنجاب جي گورنر لطيف کوسه ڏانهن موڪلي. ٻئي  ڏينهن لطيف کوسه جو بيان آيو ته کيس اهڙي ڪا سمري اڃا ملي ئي ناهي، جڏهن ملي ته فيصلو ڪبو. ماڻهن محسوس ڪيو ته هاڻي ڄاڻ ٿو ڌُڪڙ کي اٽو لڳي. نئين آئيني جنگ شروع ٿيندي پر صدر آصف علي زرداري ان وقت پرڏيهي دوري کان ڪراچي پهتو هو ۽ اتي ئي رهيل هو. لطيف کوسه کي ڪراچي گهرائي کيس شهباز شريف پاران موڪليل سمري تي صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ هن ٻئي ڏينهن لاهور موٽي سمري تي صحيح ڪري، پنهنجي پارٽي جي ستن وزيرن جن ۾ سينيئر وزير به شامل هو، کي هٽائي ڇڏيو. ان وقت لاهور ۾ پنجاب جي ماڻهن کي شهيد سلمان تاثير ڏاڍو ياد آيو. هو جيڪڏهن هن وقت هن موقعي تي پنجاب جو گورنر هجي ها ته پنجاب جو نقشو ئي ٻيو هجي ها. نواز ليگ کي ايڏو آسان رستو نه ملي ها. لاهور ۾ ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هاڻي ملڪ جي سياسي ڊرامي جو اسڪرپٽ ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو ته سلمان تاثير کي شهيد ڪري رستي تان هٽائڻ ڇو ضروري هو؟ ۽ قاتل قادري کي هيرو بنائڻ ڇو ضروري هو؟

هونئن پاڪستان جي سياسي تقدير لکڻ جو حق، فقط ۽ فقط عوام کي هجن گهرجي، پر گذريل سٺ سالن کان انهن کان قلم ڦُري جن قوتن اها تقدير لکڻ شروع ڪئي آهي، انهن جيئن چاهيو ايئن ٿيو آ، پر گهڻا موقعا انهن جي هٿان به ڇڏائجي ويا آهن ۽ عوام پنهنجا فيصلا ڏنا آهن. ايئن ئي شهيد سلمان تاثير کي منظر کان هٽائڻ کانپوءِ (ياد رهي ته ان کي عين ان ڏينهن ئي ان شهر ۾ منظر تان هٽايو ويو هو جنهن گهڙي جنهن شهر ۾ نوا زليگ پيپلز پارٽي کي ڏهه نقطا ڏئي ايجنڊا ۽ الٽيميٽم ڏنو پئي ويو. (ان جو اهو مطلب به ناهي ته سلمان تاثير کي منظر تان هٽائڻ ۾ ڪي سياسي ڌريون ملوث هيون)

پنجاب مان هڪ اتحاي ڌر کي ڌار ڪرڻ کا پوءِ لاهور ۾ سڀ ڪجهه ڪنهن ڌر جي مفاد ۾ به نه هو. لاهور ۾ ڪافي حلقن جو خيال هو ته نواز ليگ جو اهو فيصلو ٺيڪ ناهي ته ٻئي طرف هڪ راءِ اها به هئي ته نواز ليگ سٺو ڪم ڪيو آ، پر ان کانپوءِ جيڪي ڏکيائيون پيدا ٿينديون ان سان منهن ڏيڻ ڪو ايڏو سولو به ناهي. انهن ڏينهن ۾ آءٌ لاهور ۾ ئي هئس، جنهن وقت ٻه اتحادي پارٽيون هڪٻئي کان ڌار ٿي رهيون هيون. اهو محسوس ٿيو ته “مفاهمت” وقت ۽ مقامي طور لاهور ۾ پيپلز پارٽي کي ايترو ئي نقصان پهچايو آهي، جيترو ڪراچي ۾. ٻنهي شهرن ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي ڏاڙهي ٻين جي هٿ ۾ ڏئي، پنهنجي ووٽرن جي مينڊيٽ ۽ اميدن کي مايوس ڪيو آهي. چوڻ وارن ايئن به چيو پئي ته هن مفاهمت مان به پيپلز پارٽي کي اهڙو ئي فائدو پوندو، جهڙو نوي هزار جنگي قيدي هندستان جي جيلن مان آزاد ڪرائڻ کانپوءِ کيس پيو هو. جو جنهن ملڪ لاءِ ايڏو وڏو ڪم ڪيو هو ان کي ڪجهه سالن ۾ ئي ڦاهي چاڙهي قتل ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ محسوس ٿيو ته اتان جا شهري، هڪ مخصوص ذهنيت، سوچ جا يرغمال بڻايل آهي. يا انهن کي ان سوچ ۽ ذهنيت جي تاريخ بڻايو ويو آهي نه ته هي شهر هاڻي فوجي آپيشاهي کي پسند ڪرڻ وارن مان نه آهي. هڪ وڏو تعداد آهي، جيڪو ڊڪٽيٽرن کي پسند نٿو ڪري. هتان جي ماڻهن کي 77ع کان گهيري ۾ آڻي، روحاني تشدد ذريعي بيحال ڪري مذهبي سوچ، ملائيت ۽ آپيشاهي جي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو آهي. ايئن ناهي ته ڪو هن شهر مان روشن خيالي مذهبي رواداري، جمهوريت پسندي جون شمعون ٻرڻ بند ٿي ويون آهن. ۽ فقط قاتل قادري ۽ جنرل ضياءَ ۽ ان سوچ کي ئي پسند ڪيو ٿو وڃي. ايئن قطعي ناهي.

پنجاب جي سينيئر وزير جي عهدي تان هٽي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ بڻجڻ سان، سندس سرگرميون وڌي ويون آهن. لاهور جي هوٽل ۾ ڪچهري دوران چيائين ”سچي ڳالهه اها آهي ته مان پاڻ کي هاڻ ڏاڍو تازو توانو ٿو سمجهان. پنجاب اسيمبلي ۾ 100 کان مٿي پيپلز پارٽي جا ايم پي اي روزانو پنهنجا مسئلا کنيو  ايندا هئا، جيڪي حل نه ٿي سگهندا هئا. نالي ۾ حڪومت ۾ هئاسين، اسان جا سڀ دڳ بند هئا. حڪومت ۾ رهڻ ۽ عوام وٽ وڃڻ ۽ جواب ڏيڻ مسئلو بڻجي ويو هو.“

مسلم ليگ (ن) لاءِ پيپلز پارٽي کي الڳ ڪرڻ کانپوءِ ٻين مسئلن سان منهن ڏيڻ شايد ايترو ڏکيو نه هجي، پر اخلاقي طور سندن پوزيشن ٺاهيندڙ ن کي هو ”لوٽا لوٽا“ جو لقب ڏيندا رهيا آهن ته هاڻي ساڳيو عمل پاڻ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو؟ ان لاءِ (ن) ليگ وٽ ته کوڙ سارا جواز هوندا، پر ڇا ڪجي ته سياست ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي واري پراڻي چوڻي کي گهٽ ۾ گهٽ سياست جي ميدان ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي.

ٻن اتحادي پارٽين جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ لاهور جي صورتحال اها آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي پارٽين کي پنهنجي پوزيشن بحال رکڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ڇو جو صورتحال جيڪا ٻاهران کان نظر اچي ٿي. ان کان گهڻي تبديل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو