Home / افيئر / اولهه جا ملڪ ۽ انتها پسندي ‎: اوريانا فلاسي ڇا ٿي سوچي
above article banner

اولهه جا ملڪ ۽ انتها پسندي ‎: اوريانا فلاسي ڇا ٿي سوچي

اٽلي جي شهر فلورينس ۾ جنم وٺندڙ اوريانا فلاسي 1929 ۾ پيدا ٿي. ننڊي عمر ۾ ئي هن کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو وٺڻو پيو ۽ اهڙي طرح 1967 کان وٺي هندستان_پاڪستان_ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ٿيندڙ جنگين جي رپورٽنگ ڪيائين.

اوريانا فلاسي نه رڳو ميدان جنگ جي رپورٽنگ ڪئي آهي پر دنيا جي مڃيل سياسي انٽرويو ڪندڙن ۾ سندس نالو ڳڻجي ٿو. امام خميني کان وٺي ياسر عرفات، ڀٽو، قذافي ۽ ٻين ڪيترن سياسي شخصيتن جا هن انٽرويو ڪيا. اڄڪلهه نيو يارڪ ۾ سياسي جلاوطن جي حيثيت سان رهندڙ اوريانا جو هي ڪتاب اٽلي جي مشهور اخبار ۾ شايع ٿيو.

اوريانا فلاسي پنهنجي هن ڪتاب ۾ جهڙي نموني يورپ ۽ آمريڪا ۾ انساني آزادي، تهذيب ۽ فن، جمهوريت ۽ ثقافت جي تعريف ڪئي آهي اتي هن مسلمان ملڪن ۾ آزادي کان خالي هڪڙي اهڙي سماج جي پڻ عڪاسي ڪئي آهي جتي عورتن تي تشدد کان وٺي غير مهذب معاشري جون مڙئي برايون ڄاڻايون آهن. هن مستقبل جي خوف جو اظهار  ايئن به ڪيو آهي ته ڪيئن نه يورپ جي شهرن ۾ لکن جي تعداد ۾ ايندڙ مهاجرن خوبصورت ملڪن کي گند جو ڍير بنائڻ شروع ڪيو آهي.

اڪيلي هلندڙ عورتن سان زيادتين کان وٺي قتل ۽ ڦرن جي ڪارواين سبب سڄي يورپ ۾ هڪڙي ڊپ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.

اوريانا پنهنجي دليلن سان يورپ ۽ آمريڪا جي وارثن کي چوڻ ٿي چاهي ته توهان انهن رولاڪن کي پنهنجي ملڪن ۾ اچڻ کان منع ڪريو. توهان اهڙا قانون ٺاهيو جن سان اهي هتي نه اچي سگهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ انساني آزادي وارا قانون هاڻ هي ڄٽ پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن توهان هنن کي جيل ۾ ٿا وجهو ته توهان کي دنيا وارا نسل پرست ٿا چون ۽ توهان جا ٺاهيل قانون انساني حقن جي تحفظ ۾ انهن کي توهان جي ملڪ ۾ رهڻ جي نه صرف اجازت ٿا ڏين بلڪه سندن روزگار جو پڻ بندوبست ڪن ٿا. ان ڪري اڄ سڄي يورپ ۾ اصلي رهاڪو نون ايندڙ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ اقليت ۾ بدلجندا وڃن.

The Rage & The Pride Oriana FALACI اوريانا ان ناول ۾ جنهن سوچ جو اپٽار ڪيو آهي اچو ته پڙهون ته هوءَ ڇا ٿي سوچي؟

مون هي ڪتاب ان وقت لکيو جڏهن آءُ پنهنجي هڪڙي ناول تي ڪم ڪري رهي هيس. اهو ناول جنهن کي مان پنهنجو ٻار چوندي آهيان. ان ناول سان مون کي بي انتها اُنسيت آهي.

نيويارڪ ۾ سياسي جلاوطني جي زندگي گذاريندي مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته نيو يارڪ سياسي پناهگيرن لاءِ هڪڙو محفوظ گهر آهي. 11 سيپٽمبر جو واقعو ان وقت ٿيو جڏهن مون بيماريءَ جي بستري تان اٿي اڃا مس ناول لکڻ شروع ڪيو هو. ٽيليويزن چينلز تي “جاڙن ٽاورن” جي تباهي اکين سان ڏٺم پئي. مان دنيا جي ان خوبصورت ٻن عمارتن جي تباهي کي ڏسندي اهو به ياد ڪندي رهيس ته  اهو انهن مسلمانن جو ڪم آهي جيڪي اسان جي آزادي اسانجو ڪلچر اسان جي تهذيب ميسارڻ چاهين ٿا. آءُ مسلسل ٻارنهن ڏينهن تائين بنا کائڻ_ پيئڻ ۽ سمهڻ جي اهو سڀ ڪجهه ٽائيپ رائيٽر تي لکندي رهيس جيڪو جيڪو منهنجي ذهن ۾ ايندو رهيو. باوجود پنهنجي ذهني ڪيفيتن جي جنهن ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ ۽ برتري جا احساس هئا پر مان هتي واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته “لکڻ هڪڙو تمام سنجيده عمل آهي. لکڻ صرف هڪ وندر يا ذهني آسودگي ناهي. مان لکڻ مهل اهو ڪڏهن به نه ناهي وساريو ته لکيل لفظ گهڻوڪجهه چڱائي آڻي سگهن ٿا پر انهن لفطن سان کوڙ ساريون برايون به پيدا ٿي سگهن ٿيون. تحرير جتي کوڙ ساري چڳائي آڻي سگهي ٿي اها ئي تحرير ڪيترن ئي قتلن جو سبب به ٿي سگهي ٿي. تاريخ پڙهو، توها ن کي معلوم ٿيندو ته دنيا جي تبديل ٿيندڙ هر سٺي ۽ خراب واقعن جي پويان تحرير شامل هوندي آهي اها تحرير هڪڙي ڪتاب هڪڙي نظرئي هڪڙي شعر يا هڪڙي نغمي جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي.”

مون هميشه احتياط سان لکيو آهي آءُ هوريان هوريان لکندي آهيان. 11 سيپٽمبر تي مان مضمون لکڻ ويٺي هيس، پر مان هڪڙو ننڍڙو ڪتاب لکي ويٺس. جڏهن مون پنا ميڙي گڏ ڪيا ته مضمون ڪافي ڊگهو ٿي ويو انجو اڌ حصو مون الڳ ڪري ڇڏيو جيڪي ڪجهه گوتم ٻڌ جي مجسمن جي تباهي تي لکيم ۽ جيڪو ڪجهه ذولفقار ڀٽو جي 13 سالن جي شادي متعلق رکيو اهو پاسي تي هڪڙي ڳاڙهي فولڊر ۾ رکي ڇڏيو جيڪو وري ڪنهن ٻئي ڀيري چاپينديس.

هي ننڍڙو ڪتاب مان ان ڪري لکي رهي آهيان جو آمريڪين کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته اسامه بن لادن هڪڙي  جنگ ڇيڙڻ وڃي رهيو آهي. اها مذهبي جنگ  آهي جنهن ۾ ملا سڄي يورپ ۽ آمريڪا کي فتح ڪرڻ چاهين ٿا. اسامه جي للڪار کي آمريڪي شايد سمجهڻ نه ٿا چاهين يا هو سمجهي نه ٿا سگهن پر اسان يورپ وارن تاريخ ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي اسان کي تاريخ ياد آهي جڏهن هٽلر ۽ ميسوليني نازي فاشزم رائج ڪيو هو. اسامه بن لادن پنهنجي وڊيو ۾ جيڪا سيپٽمبر 11 کان ٻه مهينا پوءِ جاري ٿي ان ۾ چيو آهي.

توهان ڏٺو ته 11 سيپٽمبر کان پوءِ آمريڪا، وچ اوڀر ۽ ايشيا جي مک شهرن ۾ لکين بلڪه ڪروڙين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. مون ٽي وي تي ڏٺو ته ڪابل، شام، سعودي عرب ۽ اسلام آباد کان وڌيڪ ماڻهو ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ نڪتا. نيروبي ۾ ٽي وي رپورٽر هڪڙي پوڙهي کان پڇيو ته تنهنجو هيرو ڪير آهي؟هن چيو اسامه ۽ جيڪڏهن هي مارجي وڃي ته پوءِ هن چيو وري به ڪو ٻيو اسامه.خميني کان پوءِ اسامه آيو آهي. توهان ڏٺو جبلن جي ملڪ سعودي عرب ۾ جنم وٺندڙ اسامه هڪڙي ٻئي جبلن جي ملڪ افغانستان کي پنهنجو ملڪ بڻايو. هي اها ئي جبلن ۾ رهندڙن جي سوچ جي عڪاسي آهي. اڄ کان ڪيئي سال پهرين اسلام به ان ئي جبل واري ملڪ مان نروار ٿيو. توهان  کي ياد رکڻ کپي ته وچ اوڀر ۾ اڄ به زندگي ۽ ترقي هڪ جاءِ تي بيٺل آهي. انهن ملڪن ۾ اڄ به ماڻهو قديمي رسمن ۽ رواجن هيٺ رهي رهيا آهن اتي ٽيڪنالاجي ناهي اڄ به معلومات جو ذريعو ملان آهي ۽ انهن جبلن مان ڪڏهن به ڪا سائنسي ۽ سماجي ترقي نه ٿي آهي.

افغانستان اهو ملڪ آهي جتي گذريل ويهن سالن ۾ ڪابل ۾ ڏاڙهين ۽ برقعن جي بدلجڻ جو رواج ڏٺو ويو آهي.نقشو کڻي ڏسو افغانستان جي ڀرسان ڪهڙا ملڪ آهن.پاڪستان،ايران،سعودي عرب،عراق،شام،روسي رياستون.سڄو خطو مذهبي انتها پسندن سان ڀريو پيو آهي. اهي سڀ اسان جي آزادي، جمهوريت ۽ تهذيب جا دشمن آهن.انهن سان فوجي تڪرار ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو جيڪڏهن توهان ڪابل فتح ڪري اهو سمجهو ٿا ته توهان مذهبي انتها پسندي کي ختم ڪري ڇڏيو ته اها توهان جي ڀُل آهي.اهي ختم نه ٿيندا بلڪه وڌيڪ مضبوط ٿيندا جيترو توهان هنن سان وڙهندا اهي ايترو ئي منظم ٿيندا.

توهان اهو نه سمجهو ته اهي انتها پسند صرف انهن جبلن ۾ پيا آهن اهي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا آهن.آءُ اٽلي ڄائي آهيان مون کي آمريڪا پنهنجي وَر جيان لڳندو آهي مان ان سان پيار ڪرڻ چاهيندس. مان چاهيان ٿي ته  سڄي زندگي هن سان وفادار رهان پر اٽلي منهنجي ماءُ آهي ۽ ماءُ سان مان پيار ۽ وفا خلوص جي انتها تائين ويندس. ڇاڪاڻ ته آءُ وَر خاطر پنهنجي ماءُ نه ٿي قربان ڪري سگهان ۽ نه ئي ڪنديس. ان ڪري اٽلي جي معاملي ۾ مان وڌيڪ حساس آهيان توهان ڏٺو ته اٽلي انهن دهشتگردن جو ڳڙهه آهي. ميلان ۽ ٿيورن ۾صوماليا، افغانستان، الجيريا ۽ ڪرد. بوسنيا جا ڪيترائي ماڻهو هتي ڀرٿي ٿيندا  رهيا آهنايف بي آءِ1989ع ۾ ميلان جي هڪڙي مسجد جي نشاندهي ڪئي هئي جنهن ۾ ويڙهاڪن کي تربيت پئي ڏني وئي ۽ اتان ئي الجيريا جو شخص احمد رسن جيڪو ميلان ۾ رهندو هو، ان کي سئٽزرلينڊ ۾ 60 ڪلو بارود سيمت گرفتار ڪيو ويو هو.

توها ن کي خبر هئڻ کپي ته اسلامي انتها پسند تمام گهڻا چالاڪ آهن انهن يورپ ۽ آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ سکيا ورتي آهي ۽ تو هان وانگر ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. کوڙ سارا انتها پسند جيڪي جهليا ويا آهن انهن وٽ يورپ ۽ آمريڪا جي شهريت جا پاسپورٽ آهن.

اهو سمجهڻ کپي ته اهي حڪمت عمليون ڪي هيڊ ڪواٽر ناهن ٺاهيندا انهن مان گهڻائي ڪاسائين جي آهي. اٽلي کي غور سان ڏسو توهان کي هر گهٽي ۾ عربن جا ڪلب، چڪلا ۽ عبادتگاهون ملنديون. ٿيورن ۾ هڪڙو ماڻهو مراڪش کان Tourist ويزا تي اٽلي آيو ۽ اچڻ سان جانورن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کپائڻ جو ڪاروبار شروع ڪيائين ٿوري عرصي کان پوءِ اهڙن ڪوس گهرن ۽ ماڻهن جو تعداد وڌنڌو ويو ۽ توهان اڄ ٿيورن جي گهٽين ۾ گهمي ڏسو توهان کي رڳو ڪبابن ۽ گوشت جي ڌپ ايندي. ايتري تيزي سان ئي سندن مذهبي عبادتگاهون تعمير ٿيندي ڏسڻ ۾ اينديون، جتي نماز کان پوءِ خطبا فقط اسان خلاف هوندا آهن. پيش امام ته صرف انتهاپسند تيار پيا ڪن  بلڪه پاڻ به انهن جو حصو آهن.

مان جڏهن ياسر عرفات کان انٽرويو وٺڻ وئي هيس ته هن هڪڙو جملو چيو هو ته اسا ن عظيم تهذيب جا وارث آهيون. اسانجو ڪلچر توهان جي ڪلچر کان اوچو آهي. مون کي هن چيو ته حساب جا انگ مسلمان سائنسدانن ايجاد ڪيا. توهان کي ٻڌائيندو هلان ٿي ياسر عرفات ڪورو ڄٽ هو جنهن کي بحث نه ڪرڻ ايندو هو ۽ نه ئي دليل ايندا هئس نه تقرير ڪري سگهندو هو ۽ نه ئي وٽس ڪا تاريخ جي باري ۾ ڄاڻ هئي. مون زندگي ۾ جيترا به انٽرويو ڪيا انهن ۾ ياسر عرفات کان مايوس ٿي هيس، هو ضدي دهشتگرد هو.

عظيم ڪلچر جا باني چورائيندڙ پنهنجي ملڪ ۾ عورتن سان ڪهڙا ڪلور ٿاڪن مون کي اهو انٽرويو ياد ڪندي ڏڪڻي وٺي ويندي آهي جيڪو مون انقلاب کان پوءِ ايران جي شهر قم ۾ امام خميني جو ڪيو هو.اٽلي ۾ واقع ايراني سفارتخاني ۾ جڏهن مان ويزا لاءِ ويس ته اتي ويٺل ويزا آفيسر مون کي چيو ته ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ کان اڳ تون ننهن رڱڻي لاهي اچ ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ ان جي اجازت ته آهي.

ان کا وڌيڪ تذليل منهنجي قُم شهر۾ ٿي جتي مون کي چيو ويو هو ته اولهه جي ڊريس لاهي تون برقعو پائي ۽ هن شهر ۾ رهڻ لاءِ توکي شادي ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اڪيلي عورت کي ڪنهن به هوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو. مون کي اتي پنهنجي سموري انساني آزادي مذاق لڳي هئي ۽ اسلامي ملڪ ۾ عورت هئڻ جي سزا جي سموري ڪيفيت سمجهڻ جو احساس پڻ ٿيڻ هو.

جڏهن مان ذوالفقار علي ڀٽو کان ڪراچي ۾ انٽرويو ڪيو هو ته مون هن کان اسلام جي باري ۾ سوال ڪيو ته اسلام ڇاهي. هن مون کي پنهنجي پهرين شادي جو واقعو ٻڌايو. ان جا تفصيل ڪيئي سال پوءِ هن ٻڌايا. جڏهن منهنجي ساڻس روم جي هڪ بڪ اسٽور تي ملاقات ٿي، اسان اتي ڀر ۾ هڪ ڪيفي تي ويهي ڪافي پيتي ۽ ڪچهري ڪئي. هن مون کي چيو ته منهنجي شادي بليڪ ميلنگ ۾ ٿي آءُ 13 سالن جو به نه هئس ته مون کي چيو ويو ته تون شادي ڪر. منهنجي شديد انڪار تي چيو ويو ته توهان ها ڪريو پوءِ توها ن کي ڪرڪيٽ ڪلب  ۾ اجازت ملندي ۽ مون شادي لاءِ ها ئوڪار ڪئي.جيڏي مهل رات جو مان بيڊروم ۾ ويس ته منهنجي گهر واري رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ مون روئڻ شروع ڪيو پوءِ ته نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ننڊ اچي وئي ۽ ٻئي ڏينهن مان لنڊن روانو ٿي ويس پڙهڻ لاءِ. ان زال کي مان وري تڏهن ڏٺو جڏهن مان نصرت سان شادي ڪري لاڙڪاڻي ويو هوس. هو اتي ئي رهندي هئي. تو کي خبر آهي مان ماين جو شوقين آهيان هوءَ ڏاڍي خوبصورت پئي لڳي پر مان هن سان هم بستري نه ڪئي ۽ هوءَ سڄي زندگي ائين گذاريندي رهي. ڇاڪاڻ ته مان هن کي هٿ به نه لاٿو ۽ هوءَ ڪنهن ٻي مردسان جسماني فعل ڪرڻ سبب قتل ٿي سگهي پئي. مان هن سان هم بستري ڪئي پر ٻار پيدا ڪرڻ واري خيال کان نه. مون کي ٻن شادين واري رواج کان سخت نفرت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو