Home / افيئر / بابا سريچند ۽ درياءَ جي ڪهاڻي
above article banner

بابا سريچند ۽ درياءَ جي ڪهاڻي

هونءَ ته ٺٽي جي تاريخ ۾ ڪئين صدين جون ڪهاڻيون  چپي چپي تي  موجود آهن. جيڪي تاريخ کان وڌيڪ مٿ ۽ ديو مالائي قصن وانگرٺٽي جا ماڻهو ٻڌائيندا رهن ٿا.پر جيڪڏنهن ڪو مغرب وارو ماڻهو ٺٽي ۾ ايندڙهوندو ته هن کي اتي اچڻ سان ئي مشرق جي روحانيت وارو پسمنظر ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ گهڻو سامان ملي ويندو. ٺٽي واسي حيرت ناڪ حد تائين  پنهنجي شهر جي تاريخ ۽ آرڪيالاجي تي هڪ محقق ۽ آرڪيالاجسٽ وانگر ڳالهائيندي نظر ايندا آهن. هو ان ۾ رڳو ٺٽي جي تاريخ ۽ آرڪياجي جي رڳو ڳالهه  نه ڪندا آهن. پرهو هڪ ئي وقت ٺٽي جي بزرگن اوليائن سنتن ۽ ساڌن جا قصا به اهڙي ريت ٻڌائڻ لڳندا  آهن، ڄڻ ڪي هي  ٺٽي جا پروشينل گائيڊ هجن. يا وري لوڪ قصا ٻڌائيندڙ قصا گو يا چارڻ هجن.پنهنجي علائقي جي مقامي تاريخ سان اهڙو لڳاءُ ٻئي هنڌ گهٽ نظر آيو آهي. ٺٽي ۾ اهڙا تاريخي قصا ڪندڙ هر طبقي ۽ عمر وارا ماڻهو هجن ٿا.   هونءَ به ٺٽي جي  ڌرتيءَ کي اهو شرف حاصل آهي ته ان تي  حملي آور، فاتح، مفتوح، بادشاه، وزير، اولياءَ ، درويش سنت۽ فقيرن پنهنجا پير گهمايا آهن. جڏنهن ٺٽو اهڙن قصا گو ماڻهن سان گڏ گهمبو آهي ته شهر جي چپي چپي ۾ ڪئين دلچسپ   ڪهاڻيون ملي وينديون آهن . گذريل  ڏينهن اهڙي قصا گو ٺٽو گهمائيندڙ بابا سريچند جي درٻار ڏيکارڻ  لاءِ وٺي هليو. ٺٽي جي اها ڌرتي ڪيڏي نه عظيم آهي، جنهن تي بابا گرونانڪ جو وڏو پٽ، بابا سريچند هليو، گهميو ۽ چليا ڪڍيا، عبادتون ۽ رياضتون ڪيون.  ٺٽي  جي بادشاهي مسجد جي اڳيان نڪ سامهون درياءَ واري طرف (اوڀر ڏانهن)  ٽي کن ڪلو ميٽر پنڌ ڪري وڃبو ته  بابا سريچند جي خوبصورت  دربار نظر ايندي. چون ٿا ته پنج سئو سال اڳم درياءُ انهيءَ درٻار لڳ فقير جي ڳوٺ وٽان وهندو هو۽ شهر کان ڏور درياءَ جي ڪنڌيءَ تي خاموشي وارو هنڌ، رياضت۽  تپسيا لاءِ  بابا سريچند چونڊ ڪئي هئي . بابا گرونانڪ جا ٻه پٽ هئا. جنهن ۾ وڏي پٽ جو نالو سريچند ۽ ننڍي پٽ جو نالو لکمنداس هو. بابا گرونانڪ پنهنجي گاديءَ کي موروثيت کان بچائڻ لاءِ پنهنجي پٽن مان نه وڏي پٽ ۽ نه وري ننڍي پٽ کي پنهنجو جائنشين مقرر نه ڪيو هو. ان ڪري بابا گرونانڪ جو وڌو پٽ بابا سريچند پنهنجي پيءُ واري مذهبي فرقي جي  بدران برهمچاريت وارو اداس پنٿ بنجي ويو. هو انهيءَ پنٿ جو هندستان ۾ وڏو اڳواڻ ليکيو وڃي ٿو.  بابا سريچند ٺٽي ۾ اچڻ کان اڳم ڪابل، پشاور۽ ڪشمير ۾ اهڙا آستانا قائم ڪري تپسيا ڪيون هيون۽ پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪيا. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي هئي . هو اداسي پنٿي هو. اداس پنٿ برهمچاريت تي ٻڌل هجي ٿو . ان جو ٻيو مطلب هي آهي ته  جنهن  شادي ڪئي  اهو ذاتي اسودگي ڏانهن هليو ويو۽ اهو ڪنپٽ ڪاپڙي، ڀڀوتي يا ناگو ٿي منزلون ماڻي  نٿو سگهي. جيتو ڻيڪ لطيف سائين پاڻ اداس پنٿ نه هو پر انهن جي لاءِ ائين چيو آهي ته” جهڙو آيو جن ڏانهن تهڙو ويو موٽي ، انهن جي اوٽي پورڀ ٿيندو پڌرو“ روينيو رڪارڊ ۾ انهيءَ ديه جو نالو ٻائو پورڻ داس آهي. ساون وڻن سبز کيتن وارو اهو علائقو چيٽ جي پڪل فصلن ۾ ڪٿي ڪٿي لابارا هلي رهيا هئا. انبن جي وڻن ۾ ميرائون اڇو ٻور واسيل هئوته اسان فقير جي ڳوٺ داخل ٿيا هئاسين. روايتن موجب  ٺٽي واسين بابا گرونانڪ کان درياه جي بوڏ کان بچڻ واري مدد گهري هئي . انهيءَ زماني ۾ درياءُ ٺٽي جي ٻنهي پاسن اولهه ۽ اوڀر کان وهندو هو. جڏنهن ساوڻين ۾ درياءُ، شيهن درياءُ ٿي گجگوڙون ڪندي ٺٽي کي ٻنهي طرفن کان وڪوڙي وٺندو هو.ته انهيءَ وقت ٺٽي واسي درياءَ تي راڄ ڪندڙ لال اڏيري کان مدد واريون پرارٿنائون ڪندا هئا جڏنهن ته ان کان سواءِ ٺٽي واسي اهڙي ڏکي گهڙي مان پار پوڻ لاءِ بابا گرونانڪ  کان مدد وارو عرض ڪيو.روايت ٻڌائيندڙ چون ٿا ته بابا گرونانڪ پنهنجي پٽ  بابا سريچند کي انهيءَ ڪم لاءِ ٺٽي روانو ڪيو هو.  جتي هو ٺٽي جي اوڀر کان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجي دونهين دکائي ، آستانو ٺاهي ويهي رهيو. درٻار جي اولهه تي درٻار جي خدمت ۽ سيوا ڪندڙ سنتن جو سمانڌيون رکيل آهن . جن تي  خوبصورت مقبرو جڙيل آهي. اڄ کان پنج سئو سال اڳم  هڪ سئو ٽيه سال ڄمار ماڻي الوپ ٿي ويل بابا سريچند گرونانڪ جي چوڻ تي لاڳيتو ٺٽي ويٺو رهيو۽ پنهنجي رياضت ۽ تپشيا ۾ مصروف رهيو. بابا سريچند جي درٻار تي ڊگهي ڌڃا هر وقت ڦڙڪندي رهي ٿي.  تکي اس ۾  سونڍن جي  پٿرسان اڏيل بابا سريچند جي درٻار هر وقت چمڪندي رهي ٿي.. ”هيءَ ڪئين سئو سال اڳم درياءَ ۾ وهي آيل ڪاٺ وارو لڪڙو آهي. جيڪا سئو فوٽ کان به وڏو آهي ،پر ڪجه سال اڳم ۾ تيز هوائن ۾ هڪ ٽڪر ڀڄي پيس ، اهو به اسان اتي کوڙي ڇڏيو آهي.پوڄاري نوتن لال درٻار جي اوڀر طرف تي لڳل سئو فوٽ ڊگهي ڌڄا بابت ٻڌائڻ لڳو.  سامهون شيشين جي وچ ۾ باه ٽمڪي پئي. هيءَ اکنڊ جوت آهي ، هتي بابا سريچند ويهي تپسيا ڪئي هئي ۽ دونهي ٻاري ويٺو هو. پنج سئو سالن کان اها جوت لاڳيتو دکيل آهي. بابا جي درياءَ سان وچن ڪيل آهي ته هيءَ جوت ڪڏنهن به نه وسامندي۽ لاڳيتو ٻري پئي. هڪ دفعو انهيءَ جوت تي درياءَ جو پاڻي ڇولي هڻي چڙهي آيو هو۽ بابا پنهنجي رياضت ۽ تپشيا ۾ مشغول هو. پوءَ جو کڻي ڏٺائين ته دونهي واري جوت درياءُ ڇولي ۾  لوڙهي کڻي ويوآهي.. بابا درياءَ سان ڳالهايو، تون منهنجي  دونهين به کڻي وئين؟ پوڄاري نوتن لال لاڳيتو ٻڌايو پئي. ساوڻين ۾ درياءُ پنهنجي اوج ۾ پئي وهيو. مٿان وري جو ٻئي ڇولي آئي ته سائين جي ٻرندڙ جوت  دونهينءَ واري رک سميت اچي سندن اڳيان پئي. ٻئي لمحي درياءُ پنج ميل فقير واري ڳوٺ کان پري هليو ويو. جيڪو پنج سئو سالن کان هاڻ لاڳيتو اتان وهندڙ آهي.  پر هاڻ 2010 جي سانوڻين واري وڏي ٻوڏ ۾ ته درياءُ فقير جي ڳوٺ وٽان کنڊ هنيو هو؟ پوڄاري کان ڪنهن پڇي ورتو هو. اهو پاڻي درٻار کان چار فوٽ پري ٿي اچي بيٺو هو. پوڄاري لاڳيتو بابا سريچند جون ڪرامتي ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو. پر ٺٽو ته انهيءَ ٻوڏ ۾ ٻڏڻ وارو هو،  ٻيهر ڪنهن پوڄاري کان پڇي ورتو هو. درياءَ کان  ٺٽو نه ٻوڙڻ وارو وچن بابا سريچند جو پنج سئو سال اڳم ڏنل آهي . اهوئي ته سبب هو ٽوڙي بند کان وٺي ڪوٽ عالمون تائين درياءَ جي ٻوڏ ۾ لڳل گهارن مان آخر ٺٽي ڏانهن ايندڙ هي اڪيلو گهارو ڇو ٻڌجي سگهيو هو. اهو فقط بابا سريچند جو ٺٽي وارن کي  ڏنل وچن جو سبب هو. پوڄاري نوتن لال پنهنجي ڳالهه لاڳيتو ٻڌائي رهيو هو . آئون اکنڊ جوت کان ٿي ڊگهن وارن واري بابا سريچند جي مورتي جي زيارت ڪرڻ لڳس. جنهن ۾ بابا سريچند هلڪي مرڪ سان درٻار ۾ ايندڙن جو آڌرڀاءُ ڪري رهيو هو.
below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو