Home / افيئر / بلوچستان جي سياسي صورتحال ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي
above article banner

بلوچستان جي سياسي صورتحال ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي

ظاهري طرح انقلاب جو ڏيک ڏيندڙ بلوچستان جي سياسي صورتحال ڇا ڪنهن انتشار ڏانهن وڃي پئي؟ هي اهو سوال آهي جيڪو بلوچستان سان دلچسپي رکندڙ هر بلوچ دوست حلقي ۾ ڊنل لهجي ۽ خوف ۾ ورتل اکين سان پڇيو وڃي ٿو. جنهن جو هڪڙو جواب ته قومپرست پارٽين ۽ آزادي پسند حلقن ۽ سندن حامين جيان اهو ٿي سگهي ٿو ته قومن جي آزادي جو سفر ڪو سال ٻن جو قصو ناهي هوندو، ٻه چار سئو ماڻهن جي قرباني قومن جي نجات واري راهه ۾ ڪا معنيٰ نٿي رکي. اڄ بلوچ مسئلو عالمي سطح تي تسليم ٿي چڪو آهي، عالمي قوتون انهي ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن. بلوچ نوجوانن جو پاڻي جيان وهندڙ خون ثابت ڪري ٿو ته هاڻ انقلاب جي منزل پري ناهي رهي وغيره. پر حقيقت اها آهي جو اهي سڀ دليل پنهنجي جاءِ تي سهي هوندي به بلوچ تحريڪ جو تنقيدي جائزو رڳو انهي سوال جي ڪري لازمي ٿي پوي ٿو جو سماج انقلاب ڏانهن وڃي پيو يا انتشار ڏانهن؟ قومي تحريڪ جو رضاڪاراڻي بنيادن تي ساٿ ڏيندڙ يا حمايت ڪندڙ مختلف قوم دوست حلقن ۾ جڏهن اهڙا سوال جنم وٺڻ لڳن ته انهن کي رڳو ڪمزوري جي علامت ڄاڻائي يا مختلف الزامن ۽ فوتائن هيٺ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اهو سوال، معروضي حالتن جي ٺوس جائزي جي تقاضا ڪري ٿو.

اهو ته بلوچ سياست جي معمولي ڄاڻ رکندڙ به ڄاڻي ٿو ته هاڻوڪي بلوچ تحريڪ جو بنياد ايڪيهين صدي جي شروعات ۾ ئي پئجي ويو هو، پر 2006ع ۾ نواب اڪبر بگٽي جو قتل انهي تحريڪ جي ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو ۽ بلوچستان جي سياسي بٺي ۾ جيڪا باهه هلڪي هلڪي دُکي رهي هئي، سا جوالا مکي بڻجي وئي ۽ بلوچستان ٻري اٿيو، جنهن جو سيڪ پنجاب ۽ اسلام آباد تائين به پهتو. اڪبر خان جي پهاڙن تي وڃڻ واري حڪمت عملي بلوچ نوجوانن کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ وڏي تعداد ۾ نوجوان رضاڪاراڻي بنيادن تي تحريڪ ۾ شامل ٿيا، جڏهن ته هيٺين طبقي مان اڳتي ايندڙ بي ايس او جو چيئرمين ڊاڪٽر الله نذر پڻ انهي جو وڏو محرڪ ثابت ٿيو. جنهن ڪري پهريون ڀيرو بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ مزاحمتڪارن جون ڪارروائيون ٿيڻ لڳون ۽ قومي تحريڪ پهريون ڀيرو پهاڙن کان لهي شهرن تائين به پهتي. مڪران ۾ هڪ وڏي عرصي کان سرگرم غلام محمد بلوچ جي اثر هيٺ نوجوانن جو وڏو انگ قومي تحريڪ جو باقاعدي حصيو بڻيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مڪران انهي تحريڪ لاءِ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري ويو.

شهرن اندر گهري ايندڙ تحريڪ رياستي ادارن کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو. پنجابين خلاف نسلي بنيادن تي ٿيندڙ ڪاررواين کي منهن ڏيڻ انهن ادارن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. گوريلا حڪمت عملي تحت جدوجهد کي منهن ڏيڻ سيڪيورٽي ادارن لاءِ ڪو سولو ڪم ڪو نه هو ۽ شايد نه ئي وري کين ايترو جلدي انهي تحريڪ جي منظم ٿيڻ جو اندازو هو. اهو ئي سبب هو جو بلوچ گوريلن هڪ عرصي تائين رياست ۽ رياستي ادارن جي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ايتري قدر جو ادارن جي ناڪامي جو اعتراف خود ملڪ جي پارليامينٽ ۾ به ٿيڻ لڳو. ان جو هڪڙو سبب شايد رياستي ادارن جي هشتگردي واري جنم ۾ ورتل ٻيڙين مصروفيت به هئي.

بهرحال انهي جي نتيجي ۾ بلوچ تحريڪ کي وڏو بوسٽ مليو ۽ سماج ۾ انقلاب واري صورتحال پيدا ٿي وئي. مگر ستت ئي بالاچ مري جو قتل تحريڪ لاءِ هڪ ٻي ٽرننگ پوائنت ثابت ٿي. جيتوڻيڪ بالاچ جي شهادت تي جوڳو ردعمل سامهون نه اچي سگهيو، پر اصل الميو هاءِ ڪمان جو هو. بالاچ رڳو ڪمانڊر نه هو، پر تحريڪ جي اندروني ۽ اهم خارجي معاملن کي هلائڻ ۾ به سندس هٿ هو، سندس جاءِ خالي ٿيڻ کانپوءِ پهاڙن منجهه قيادت وارو بحران سامهون آيو. واضح رهي ته بلوچ حلقن ۾ مرين بابت اها راءِ عام آهي ته مري ٻي ڪنهن تي ڪنهن به صورت ۾ اعتماد ناهن ڪندا. اهو ئي سبب هو جو براهمداغ ۽ الله نذر جي پهاڙن ۾ هئڻ باوجود هاءِ ڪمان جا سمورا اختيار لنڊن ۾ ويٺل نواب مري جي ٻي پٽ هيربيار ڏانهن منتقل ٿي ويا جيڪو پنهنيج مزاج ۾ ۽ سخت گير مشهور آهي.

انهي وچ ۾ پاڪستان جي سياست حالتن ۾ پڻ تبديلي آئي، جنهن ظاهر آهي ته بلوچستان جي سياست کي به متاثر ڪيو. خاص ڪري 2008ع ۾ پرويز مشرف سرڪار جي خاتمي ۽ پ پ جي سياسي سرڪار ٺهڻ دوران سيڪيورٽي ادارن کي بلوچستان بابت ساهه پٽڻ ۽ نئين سر حڪمت عملي جوڙڻ جو موقعو هٿ آيو. جڏهن ته بلوچستان ۾ انهي دوران پيدا ٿيندڙ انتشار واري صورتحال به رياستي ادارن لاءِ مددگار ثابت ٿي، نتيجي طور سرڪار 2009ع ۾ هڪ نئين حڪمت عملي سان ميدان ۾ لٿي.

هاڻ انهن ادارن پڻ دوبدو ويڙهه بجاءِ گوريلا ٽائپ حڪمت عملي جوڙي، ٻي پاسي انهي وچ ۾ بلوچ مزاحمتي قوتن ۽ سياسي پارٽين وچ ۾ پارلياماني ۽ غيرپارلياماني طريقي ڪار تي شروع ٿيندڙ بحث جيڪو هڪ جهيڙي جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو، انهن ادارن انهي کي پڻ چڱي نموني ڪيش ڪرايو. بلوچ سماج جي هر ننڍي وڏي اندروني تضاد کي اڀاريو ويو. ذاتي ۽ قبائلي دشمنين کي هٿي وٺرائي وئي. مطلب ته بلوچ گوريلن لاءِ هڪ ئي وقت ۾ گهڻا محاذ کوليا ويا. سياسي قيادت کي رڳو غيرسرگرم ٿيڻ جي شرط تي مراعات ڏنيون ويون. جنهن ۾ سندن قيادت ۽ ڪارڪنن جي آزادي پڻ شامل هئي. پاڻ ڏسون ٿا ته 2009ع کان وٺي بلوچستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جو ڪو عوامي ميڙاڪو نظر نٿو اچي. انهي وچ ۾ سماج کي پارلياماني ۽ غيرپارلياماني سياست واري موضوع تي ايترو ته الجهايو ويو جو سياسي پارٽين لاءِ ڪا جاءِ ئي باقي نه رهي. بلوچ حلقا ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويا. اڄ صورتحال اها آهي جو بلوچستان ۾ ڪا به بلوچ پارٽي اڪيلي سر هزار ماڻهو به گڏ نٿي ڪري سگهي. بلوچستان جي هڪ درجن پارٽين تي ٻڌل آل پارٽيز ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جڏهن گذريل ڏينهن ۾ تازو ئي هڙتال جو سڏ ڏنو ۽ جلسو پڻ ڪيو ته بلوچن، پشتونن، هزارن ۽ ٻين قومن جي انهي گڏيل اکٽ ۾ ٻه هزار ماڻهو به ڏسڻ ۾ نه آيا. الميو اهو آهي ته پاڪستان جيان، بلوچسان ۾ پڻ اڄ به ڪي پارٽيون عوامي ميڙ گڏ ڪري سگهن ٿيون ته اهي مذهبي جماعتون ئي آهن.

2009ع ۾ اهو گڏيل قومن جي اهلڪار جان سلوڪي وارو مامرو هو، جنهن سرڪاري ادارن کي چيڙائي وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ غلام محمد سميت 3 بلوچ اڳواڻ ايئن مارجي ويا، جو سندن چچريل لاش تربت جي ڀرپاسي ۾ اهڙي حالت ۾ مليا، جو کين سڃاڻڻ مشڪل هو. اهو ڄڻ ته چچريل لاش اماڻڻ واري حڪمت عملي جي شروعات هئي جيڪا ايندڙ سال ۾ تيزي سان وڌي، جڏهن ته انهي وچ ۾ بلوچ گوريلن وچ ۾ موجود ڪجهه ماڻهن کي مخبري لاءِ استعمال ڪيو. ڪوئيٽا ۾ سگار بلوچ واري واقعي کان ويندڙ علي شير ڪرد جي قتل تائين مزاحمتي ويڙهه جي لاڳيتي مخبري ۽ موت جتي هڪڙي پاسي ويڙهه کي شديد ڇيهو رسايو، اتي ئي مزاحمتي تظيمن جي اندروني نيٽ ورڪ جي ڪمزوري بابت ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو. واضح رهي ته سگار بلوچ ڪوئيٽا جي وچ شهر واري علائقي جي هڪ سرڪاري ڪالوني، وحدت ڪالوني ۾ پوليس سان ڪيترائي ڪلاڪ مقابلي کانپوءِ مارجي ويو هو. ذريعن چواڻي ته ڪوئيٽا ۾ پنجابين لاءِ ٻنڀڻ ٻارڻ واري ڪاررواين جو هو مک ڪردار هو ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وحدت ڪالوني جي هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ ويهي اهي ڪارروايون ڪري رهيو هو ۽ فرشتن کي به خبر نه هئي. ظاهر آهي ته اهڙي اطلاع اندروني ماڻهن کان علاوه ڪير ٿو ڏئي سگهي؟ ائين علي شير ڪرد کي شهرن اندر گوريلا ڪاررواين جي بنياد وجهڻ وارن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. هو گذريل ڪيرن ئي سالن کان منظرعام تان هٽيل هو. سندن انتهائي ويجهي دوستن کي به هن جي ڪنهن مستقل ٺڪاڻي جي خبر نه هئي جو هو ستت ئي پنهنجا ٺڪاڻا مٽائيندو رهندو هو. گرفتاري واري ڏينهن هو ڪنهن مائٽ جي دعوت تي ڪوئيٽا آيل هو. جتي هن پنهنجي بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ڊاڪٽر گهر واري کي فون ڪري ملاقات لاءِ گهرايو. سندس گهر واري جي پهچڻ کان 10 منٽن اندر ايف سي جو وڏو تعداد علائقي ۾ پهچي ويو. جتي پوري علائقي کي گهيري ۾ وٺي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ گرفتاري جي رڳو 3 ڏينهن بعد سندس چچريل لاش خضدار جي علائقي مان مليو.

اهي رڳو چند مثال آهن، اهڙا درجنين ڪارڪن مخبري جي ڪري گرفتار ڪري مارجي چڪا آهن. صاف ڳالهه آهي ته جڏهن هڪ گوريلو پهاڙ واري ڪيمپ مان رڳو ٻن ڏينهن جي موڪل تي گهر اچي ٿو ته گهر پهچڻ کان اڳ ئي سيڪيورٽي ادارن جي هٿ چڙهي وڃي ٿو ته لازمي اهو سوال اٿي ٿو ته آخر اهو اطلاع ڪٿان وڃن ٿا،

ڳالهه رڳو اندروني مخبري تائين جي هجي ها ته تڏهن به خير هو، جو گوريلا ويڙهه ۾ اهڙا سخت مقام ايندا رهندا آهن. پيچيدگي تڏهن پيدا ٿي جڏهن ڪجهه ڄاڻو حلقن اهو سوال اٿاريو ته قومي تحريڪ ۽ گوريلا ويڙهه جي اعليٰ لکي پڙهي قيادت جي خاني جو سڌو سنئون فائدو ڪهڙي قوت کي پهچي ٿو؟ ڇا اهي اُهي ماڻهو ناهن جيڪي ڪنهن به قسم جي سودي بازي ۾ سڌي سنئين رڪاوٽ ٿي سگهن پيا؟ اهي ئي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ڪمٽمينٽ تان ڪنهن به صورت پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هئا!!

مزاحمتي ويڙهه واري انهي مُک لڏي جي خاتمي کانپوءِ صورتحال اها آهي جو اڄ ڪوئيٽا ۾ تحريڪ ڄڻ ته دم ٽوڙي ويئي آهي. اهي پنجابي جيڪي ڪي سال اڳ هتان ساهه بچائي ڀڄي رهيا هئا، اڄ سينو تاڻي پنهنجي ذاتي محفلن ۾ چون ٿا“وڏا آيا هئا اسان کي هتان ڪڍڻ وارا، هاڻ سامهون اچن ته خبر پوي” ڪنهن بلوچ دانشور چواڻي ته پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي سيڪيورٽي ادارن پنهنجي هڪ هڪ حجام ۾ موچي جو ڳڻي ڳڻي بدلو ورتو اهي.

گذريل سال 2010ع جي جولاءِ وري مهيني کان ويندي هاڻي تائين بلوچ سياسي ڪارڪنن ۽ نوجوانن جا 120 چچريل لاش ملي چڪا آهن، جنهن جو ذڪر پاڪستان جي ڪنهن ٽي وي چئنل ۽ “ملڪي اخبار” ۾ نٿو ملي. جيتوڻيڪ انهن منجهه اڪثريت اهڙن ڪارڪنن جي هئي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ مزاحمتي تحريڪ سان واڳيل هئا، پر ڪجهه اهڙا نوجوان به هئا، جيڪي رڳو پنهنجي جذباتي گفتگو جي ڪري نشانو بڻيا. فورسز جي نئين حڪمت عملي تحت هر اهو ماڻهو، جيڪو بلوچستان جي نجات جي ڳالهه ڪري ٿو، ڌرتي تي گهمڻ جي قابل ناهي رهيو. هر اهڙي ڪارڪن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو آهي، جنهن جو تازو مثال قلات ۾ مارجي ويل خان قلات جي فيملي سان تعلق رکندڙ  آغا محمود احمدزئي آهي،  جنهن لاءِ بي ايل اي بدلو وٺڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته فورسز جي اهڙين ڪاررواين سماج ۾ هڪ ڏهڪاءُ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مزاحمت ڪارڪنن جي حمايت ڪندڙ شاگرد تنظي بي ايس او جي سموري قيادت اڄ انڊر گرائوڊ ٿي چڪي آهي ۽ جڏهن قيادت انڊرگرائونڊ هلي وڃي ته تنظيمن اندر ۽ خاص ڪري شاگرد تنظيمن اندر انتشار هڪ فطري امر بڻجي وڃي ٿو.

بلوچ مزاحمتي تنظيمن پاران لاڳيو طنز جو نشانو بڻجڻ کانپوءِ قومپرست تنظيمون پڻ اڄ انهي عمل ۾ الڳ ٿلڳ بيٺل نظر اچن ٿيون. لڳي ايئن پيو ته مزاحمتي تنظيمن خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي پيو. اهو سلسلو ايئن ئي رهيو ته ايندڙ چونڊن تائين ميدان صاف ڪيو ويندو. اسٽيبلشمينٽ وٽ اڃا بلوچ براهوي تڪرار وارو سدا بهار ڪارڊ باقي آهي،  جنهن کي شايد ڪنهن مناسب وقت لاءِ بچائي رکيو ويو آهي. جڏهن ته مزاحمتي تنظيمن اندر هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪندڙن مان الله نذر ئي اڪيلو وڃي رهيو آهي، مولا بخش دشتي جي قتل جي الزام هيٺ هُن خلاف به ميدان گرم ڪيو ويو آهي.  اميد جي انهي آخري ڪرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ به ادارا وسان نٿا گهٽائين.

انهي صورتحال ۾ بلوچ قومي تحريڪ کي جيڪڏهن جلد نئون خون نه ملي سگهيو ۽ مزاحمتي تنظيمن پڻ حڪمت عملين ۾ جلد ڪا تبديلي نه آندي ته بظاهر ويجهي نظر ايندڙ بلوچ سماج جي انقلاب کي انتشار ۽ انارڪي ۾ تبديل ٿيندي دير نه لڳندي!!

khanabadosh@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو