Home / افيئر / تاريخ جي ڳڙکي کُلي ٿي عرب دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ لارنس آف عربيه جي سنڌ ياترا
above article banner

تاريخ جي ڳڙکي کُلي ٿي عرب دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ لارنس آف عربيه جي سنڌ ياترا

هڪ آمريڪي اخبار جي تجزئي نگار جو چوڻ آهي ته هن وقت آمريڪا وچ اوڀر ۾ ايڪويهين صديءَ جي منگول وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عرب دنيا ۾ جنهن تيزيءَ سان سياسي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن عالمي سياست ۾ ڀونچال پئدا ڪري ڇڏيو آهي، ظاهري طور اهو پئي سمجهيو ويو ته عراق ۽ افغانستان کانپوءِ هاڻي ايٽمي تڪرار جي تناظر ۾ ايران آمريڪا جو هدف هوندو. ليڪن في الحال اُن جو ٽارگيٽ لبيا آهي.

عثمانيه سلطنت جي زوال جي تاريخ ۾ برطانيا جو اهم ڪردار هو. 1258 عيسوي ۾ ترڪي جي شهر انقره جي سردار ظفرل خان جي ڪٽنب ۾ پئدا ٿيندڙ عثمان خان جي سلجوقي ترڪن بدران قونيه وٽ پنهنجي نالي جي مناسبت سان عثمانيه سلطنت جو بنياد وڌو هو. پوءِ عثمانه سلطنت اهڙي ريت ڦهلجي وئي جو ان جي حڪمراني يورپ جي ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ مرڪزي بلغاريه کان اوڀر سربيا تائين سمورا علائقا جيڪي ساڍا پنج لک اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڦهليل هئا،يورپ ۾ البانيا، بوسنيا، آسٽريا، بلغاريا، ڪريٽ ٻيٽ، يونان، هرزگونيا، هنگري، ڪريميا، جرمني، ترڪي جي ڏکڻاولهه جا سامونڊي علائقا ڊوڊيڪنس بلقان جو ٻيٽ ايپوريس، مقدونيه، مونيٽگرو، اٽلي جو علائقو اوئرينٽو، هاڻوڪي يوڪرين جا علائقا رومانيا جو علائقو ٽرانسلوانيا وغيره شامل هئا. ايشيا کنڊ ۽ وچ اوڀر ۾ موجود سعودي عرب، شام، يمن، لبنان، اومان، فلسطين، قطر، داغستان، عراق ڪويت، مصر، جارجيا، لبيا، سوڊان، تيونس ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ عثمانيه سلطنت ۾شامل هئا. عثمانيه سلطنت انتظامي، سياسي ۽ فوجي لحاظ کان 29 حصن ۾ ورهايل هئي، ان جي پنهنجي فوج، بحريه ۽ هوائي فوج به هئي. ليڪن 1918ع ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ عثمانيه ايئرفورس کي ختم ڪيوويو. پهرين نومبر 1922ع تي مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مجلس ملي تڪبير ۽ سيواري معاهدي جي اعلان کانپوءِ عثمانيه سلطنت ختم ڪئيوئي. چيو وڃي ٿو ته عثمانيه سلطنت جي زوال ۾ لارنس آف عربيه جو اهم ڪردار هو. ليفٽنٽ ڪرنل ٿامس ايڊورڊ لانس 16 آگسٽ 1858ع تي اتر ويلز جي ڳوٺڙي ڪيرنر فورن شائر جي علائقي ”ٽرم ڊاگ“ ۾ ڄائو. 1905ع ۾ هن رائل گيريزن آرٽلري ۾ سپاهي طور 17 سالن جي عمر ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کانپوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي زير اهتمام ڪاليج ۾ 1907ع ۾ داخلا ورتائين، مهم جوئي سندس مزاج جو حصو هئي. هن 1907ع ۽ 1908ع ۾ سائيڪل تي برطانيا کان فرانس تائين سفر ڪيو. 1909ع ۾ هن ٽن مهينن اندر هڪ هزار ميل پنڌ سفر ڪري صليبي جنگن دوران تباهه ٿيندڙ قلعن ۽ انهن جي تعمير بابت مقالو لکيو. ان کانپوءِ وچ اوڀر بابت اسڪالرشپ هاصل ڪري 1910ع ۾ بحري جهاز ذريعي بيروت هليو ويو. هن وچ اوڀر جي قديم آثارن جي کوٽائي ۾ به حصو ورتو ۽ عربي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ ريتن رسمن تي پڻ دسترس حاصل ڪئي، هو گهڻو تڻو عربي پوشاڪ پائيندو هو. هن عراق ۽ مصر جي قديم علائقن جي تحقيق تي ڌيان ڏنو ۽ وچ اوڀر جي سياست تي عبور حاصل ڪري ورتو. 1914ع ۾ پهرين مهاڀاري جنگ دوران برطانوي فوجن لاءِ لارنس آف عربيه جي معلومات فوجي اعتبار کان اهميت واري رهي. عثمانيه سلطنت جي فوجن خلاف برطانيا، فرانس ۽ اٽلي جي فوجن جي جنگي معرڪن ۾ لارنس آف عربيه جي نقشن، تجزين ۽ معلومات بنيادي ڪردار اداڪيو. هن جي اهڙين خدمتن عيوض برطانيا جي تڏهوڪي فوجي قيادت جي سفارش تي کيس برطانوي فوج جي جنرل سروس گروپ ۾ شامل ڪيو ويو. عثمانيه سلطنت جي فوجي منصوبن کي ناڪام بنائڻ لاءِ لارنس آف عربيه کي قاهره ۾ برطانوي پرڏيهي وزارت جي عرب بيورو ۾ انٽيليجنس آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ کيس عثمانيه سلطنت کي ختم ڪرڻ جي منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو. ايئن عثمانيه سلطنت خلاف عرب قبيلن ۽ سندن سردارن کي هن استعمال ڪيو. شريف مڪه جي ٽئين پٽ ۽ 1913ع تائين عثمانيه سلطنت ۾ جدي جي نمائندگي ڪندڙ امير فيصل کي هن سلطنت خلاف برطانوي فوج جي منصوبي ۾ شريڪ ڪيو. جنهن جو مقصد دمشق ۽ مديني جي وچ ۾ وڇايل ريلوي لائين کي تباهه ڪري عثماني فوج کي پهچندڙ سامان جي رسد روڪڻي هئي. لارنس جو برطانوي فوجن کي عثمانيه سلطنت جي فوجن کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار هجڻ سبب کيس برطانوي فوج ۾ ليفٽننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. هو عرب دنيا کي ڀاڱا ڪرڻ ۾ پردي پٺيان ٿيندڙ منصوبابندي ۾ شريڪ رهيو. انهي حد تائين جو 1919ع ۾ پئرس ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس دوران امير فيصل جي وفد سان گڏ خاص نمائندي طور شرڪت ڪيائين. ان عالمي ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي 25 قومن جي عيوضين شرڪت ڪئي هئي. جڏهن برطانيا جو ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ سر ونسٽن چرچل برطانوي نو آباديات جو سيڪريٽري هو، تڏهن لارنس آف عربيه چرچل جو صلاحڪار ٿيو هو. هن جي ڄاڻ ۽ عرب دنيا جي معاملن کان واقف هجڻ واري ڳالهه چرچل کي به متاثر ڪيو. ليڪن هن پنهنجي مهم جو طبيعت سبب اها اهم نوڪري ڇڏي 1922ع ۾ برطانوي رائل ايئر فورس ۾ ملازمت اختيار ڪئي.

لارنس آف عربيه 1926ع کان 1928ع تائين هندستان ۾ رهيو. هو تقريبن هڪ سال تائين ڪراچي ڪنٽومينٽ ۽ ڪجهه عرصو رسالپور ڪنٽومينٽ ۾ به ايئرمين ٿي رهيو. هن کي ادب ۽ شاعري سان خاص دلچسپي هئي. سندس هڪ ڪتاب جو مهاڳ جڳ مشهور ليکڪ جارج برنارڊشا لکيوهو. لارنس مشهور يونان شاعر هومر جي نظم ”هومر اوڊيسي“ جو به ترجمو ڪيو هو. عرب دنيا جي اندروني

سياست بابت سندس ڪتابSeven Pillars of Wisdomاڄ به تاريخي ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

ڪراچي ۾ رهائش دوران لارنس آف عربيه. برطانيا، آمريڪا ۽ يورپ ۾ موجود پنهنجن دوستن کي ڪجهه خط به لکيا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو مالي مشڪلاتن جو شڪار هو. سر ونسٽن چرچل، جارج برنارڊشا ۽ سندس گهر واري، اي ايم فوسٽر سميت اهم شخصيتن جا نالا لارنس آف عربيه جي خطن ۾ نظر اچن ٿا. لارنس آف عربيه جي زندگيءَ تي 1962ع ۾ ٺهندڙ فلم ”لارنس آف عربيه“ کي آمريڪي ميگزين ٽائم تاريخ جي هڪ سئو وڏين فلمن ۾ شامل ڪيو هو. انهي فلم ۾ مصر جي هڪ مشهور اداڪار عمر شريف به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. فلم ۾ لارنس آف عربيه جو ڪردار آئرش اداڪار پيٽر اوئيلو ادا ڪيو هو.

لارنس آف عربيه ڪراچي ۾ جيترو عرصو به رهيو. مطالعي ۽ خط و ڪتابت ۾ محو رهيو. هُن کي پهرين ڪابل ۾ ايئرمين ڪلارڪ جي آڇ ڪئي وئي هئي، هو ڪراچي ۾ ملازمت دوران فارغ وقت ۾ لکندو رهندو هو.The minutes in Karachiسندس ڪراچي بابت لکيل ڪتاب آهي. هن ڪراچي مان پرڏيهي پبلشرن کي ڪيئي خط به لکيا، جيڪي گهڻو تڻو رائلٽي جي مسئلي بابت هئا. هو ڪراچي ۾ رهائش دوران هندستان، افغانستان جي صورتحال جو جائزو به وٺندو رهيو. ڪراچي ۾ ڊرگ روڊ تي واقع رائل ايئرفورس جي دفتر ۾ لارنس آف عربيهفارغ وقت ۾ موسيقي ٻڌندو هو ۽ ڪتاب پڻ پڙهندو رهندو هو. هو اڪيلو ايئرمين هو جيڪو ٽائپسٽ جو ڪم به ڪري سگهندو هو. سندس يڪسوئي، مطالعي مشاهدي ۽ شهرت جي ڪري اعليٰ آفيسرن ۾ ڇڪتاڻ به رهي. 19 اپريل 1926ع تي لارنس آف عريبهA.O.C Indiaسر جيوفري کي پشاور بدلي ٿيڻ بابت جيڪو خط لکيو هو، اهو به ان دٻاءَ جو نتيجو هو. جيڪو هن ڪراچي ۾ اعليٰ عملدارن طرفان محسوس ڪيو هو.

رائل ايئرفورس جي رڪارڊ جو مطالعو ڪرڻ مان خبر پوي ٿي ته لارنس جي ڄم سرٽيفڪيٽ ۾ سندس ماءُ جي ڪٽنب جو نالوmadenڄاڻايل آهي، جيڪو سندس باقي ڪاغذن ۾ نٿو ملي. دراصل لارنس آف عربيه جي والد اينگلو آئرش ڪٽنب جي سر رابرٽ ٿامس پنهنجي زال ايڊٿ کي ڇڏي پنهنجي ڌيءَ جي سارسنڀال ڪندڙ عورت سارا جونز سان شادي کان سواءِ تعلق رکيو، جنهن مان کيس لارنس آف عربيه سميت پنج پٽ ٿيا.

هندستان ۾ لارنس جي رهڻ دوران ان کي پراسرار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 26 سيپٽمبر 1928ع ۾ برطانيا جي هڪ اخبار ”ايوننگ اسٽار“ لارنس آف عربيه بابت اها خبر شايع ڪري هلچل مچائي ڇڏي ته برطانوي حڪومت جو ڪرنل ۽ بناتاج بادشاهه لارنس آف عربيه جاسوسي سرگرمين ۾ ملوث آهي. ان وقت هندستان ۾ هن روسي بالشويڪن جي امرتسر ۾ ڳجهي هيڊڪوارٽر جي تلاش تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو هو. هو بالشويڪن خلاف هندستان ۾ جاسوسي مشن تي هو. هڪ آمريڪي اخبارلارنس آف عربيه بابت خبر شايع ڪئي هئي ته هو مصر ۾ سوئيز جي علائقي ۽افغانستان ۾ به سرگرم هو. هو فرانس ۾ به ڪافي متحرڪ رهيو.

لارنس آف عربيه کي جڏهن ڪراچي مان ميران شاهه بدلي ڪيو ويو ته هن پنهنجا سمورا ڪتاب جيڪي 60 کن هئا، اهي پارسل ڪرائي ميران شاهه موڪلرايا. برطانيا مان کيس دوست به ڪتاب موڪليندا هئا. جيڪي پوءِ 200 کان وڌيڪ ٿي ويا. ميران شاهه ۾ رهڻ دوران هو گراموفون ذريعي پنهنجي پسنديده موسيقي ٻڌندو هو.

لارنس آف عربيه 1935ع ۾ 26ورهين جي عمر ۾ رائل ايئرفورس مان رٽائر ٿيو ۽ لنڊن ويجهو ”واٽ هام“ جي ٻيلن ۾ زمين خريد ڪري اتي پنهنجو گهر ٺاهيائين. 13 مارچ 1935ع تي پنهنجي رٽائرمينٽ کان ڪجهه عرصوپوءِ هو پنهنجي پسنديده موٽرسائيڪل تي چڙهي ڏکڻ اولهه انگلستان جي ڪائونٽي ڊورسٽ وڃي رهيو هوجتي ٻن معصوم سائيڪل سوار ٻارن کي بچائيندي زخمي ٿيو، کيس دماغ ۾ ڌڪ لڳا، ڇهه ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ کانپوءِ 19 مئي 1935ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري رسمن ۾ سر ونسٽن چرچل سميت سندس دوستن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي. پوليس انڪوائري موجب لارنس جي موٽرسائيڪل جي حادثي واري جاءِ تي تيز رفتار ڪار جي ڦيٿن جا نشان پڻ مليا، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته کيس پراسرار نموني رستي تان هٽايو ويو. حقيقت ۾ وچ اوڀر جي هاڻوڪي سياست ۽ افغانستان جي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ لارنس آف عريبه جي ڪردار ۽ لکڻين جو مطالعو ضروري آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو