Home / پروفائيل / تعليمي ماهر الهڏنو عباسي جي آخري وصيعت
above article banner

تعليمي ماهر الهڏنو عباسي جي آخري وصيعت

لاڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حسن جو ڀاڻ ۾ درويش صفت انسان مير محمد ڪلهوڙو جي ڪکائين گهر ۾ جنم وٺندڙ الهڏنو عباسي وڏو ٿي پنهنجو نالو اهڙو روشن ڪندو جنهن تي لاڙ کي ته ڇا پر سڄي سنڌ کي فخر هوندو، اهو ڪنهن به نه سوچيو هو. وقت جي حڪمرانن پاران نظرانداز ڪيل الهڏنو عباسي جنهن ننڍپڻ ۾ تمام گهڻي غربت هوندي به علم سان اهڙي ته دل لڳائي جو سندس تعليمي خدمتون صدين تائين ياد رهنديون. 1949ع ۾ ٽنڊو باگو ۾ خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي قائم ڪيل لارينس مدرسه ۾ پڙهندڙ الهڏنو عباسي جڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ساڳي اسڪول ۾ استاد طور مقرر ٿيو ته هن ان وقت مير غلام محمد سان عهد ڪيو ته تعليم لاءِ توهان جي ٻاريل شمع کي ڪڏهن وسامڻ نه ڏيندس، ان وقت مير غلام محمد خان ٽالپر جي اسڪول ۾ هن سان گڏ ڪم ڪندڙ استاد سرڳواسي نٿو مل مورواڻي، سائين بخش ٽالپر ۽ ان وقت جي هيڊ ماستر سائين قمرالدين قاضي جون محنتون ڪنهن کان لڪل نه آهن. پنهنجي ڊيوٽي کي ايمانداري جو مثال بنائيندي هن شخص ڪڏهن به اسڪول ٽائيم کان دير سان اچڻ جو ڪڏهن سوچيو به نه هو. مسلسل 15 سال ڪلاس روم ۾ صبح کان وٺي ٻنهپرن جو موڪل تائين ڪنهن به ڏينهن چاهي سردي هجي يا گرمي ڪرسي تي ويهي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪا عزت ۽ مان مرتبو هڪ استاد کي مليل آهي، اهو اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن جي شان خلاف آهي. دنيا ۾ ڪو انسان ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيندو آهي ته نه رڳو ان کي ان جي قوم پر ان ملڪ جي سرڪار به وڏا اعزاز ڏيندي آهي. الهڏنو عباسي زندگي جا 9 سال ۽ انهن نون سالن جي هر ڏينهن تي 8 ڪلاڪ پنهنجو نور ۽ رت نچوئي هڪ اهڙو ڪتاب لکيو جيڪو اسان جي تعليمي دنيا ۾ هڪ وڏو سرمايو آهي. پنجن ٻولين انگريزي، سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ۾ لکيل ڊڪشنري (لغت) لکڻ کان پوءِ هڪ استاد وٽ ان ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ سرمايو نه هئڻ سبب هن همت نه هاري، مارشلائي گورنر ايس ايم عباسي، اڳوڻي وزيراعليٰ غوث علي شاهه، بدين ضلعي جي چيئرمين غلام علي نطاماڻي، سميت ڪيترن ئي وزيرن کيس ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ دلاسن تي ڌوتاريو. شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ۽ پرويز مشرف تائين سمورن کيس ڊڪشنري ڇپرائڻ لاءِ بيوروڪريٽس جي درن جا پنڌ ڪرايا. الهڏنو عباسي ۽ ولي محمد راهمون جون محنتون ان ڪري ساڀيان ٿيڻ نه ڏنيون ويون جو سندن جي بدنصيبي صرف اها آهي ته هو سنڌي قوم سان تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن پنجاب جو ڪو استاد پنجن ٻولين بجاءِ ٽن ٻولين ۾ به ڊڪشنري لکي ۽ ڪو پنجاب جو انجنيئر واري بجاءِ ڇيڻي مان بجلي ٺاهي ها ته انهن کي اوڏي مهل پنجاب جي سرڪار سرڪاري خرچ تي الائي ڪٿي پهچائي ڇڏي ها. ٻه سال اڳ مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي جي موقعي تي ٽنڊو باگو مان چونڊيل ايم پي اي ۽ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزاسائين الهڏنو عباسي کي خراج تحسين پيش ڪندي مرزا ادبي اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان ڊڪشنري ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو ته سائين الهڏنو عباسي جي اکين مان خوشي مان لڙڪ وهي پيا. ڪيل اعلان جي هڪ سال بعد ذوالفقار مرزا طرفان موڪليل هڪ دوست سائين الهڏنو عباسي کان ڊڪشنري جو لکيل مسودو کڻڻ آيو ته الهڏنو عباسي بنا ڪاپي ڪرائڻ جي کيس اصلي مسودو ڏيئي ڇڏيو. هڪ سال گذري وڃڻ تائين نه اها ڊڪشنري ڇپجي سگهي نه مرزا ادبي اڪيڊمي جي آفيس ملي سگهي.

مهيني ۾ چار ڀيرا ڊي سي او بدين جي آفيس ۽ مرزا آفيس بدين جا چڪر ڪاٽي الهڏنو عباسي ڪيترائي ڀيرا ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا کي ايس ايم ايس ۽ فونون ڪيون پر کيس ڪو به جواب نه مليو. دم ۽ سهڪي جي بيماريءَ سبب کيس فيبروري ۾ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ته اتي سندس طبيعت سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي. هفتي کان ڊاڪٽرن کيس آءِ سي يو ۾ شفٽ ٿيڻ جو چيو ته مون فورن سندس شاگردن دودو چانڊيو، خدا ڏنو شاهه ۽ عثمان راهوڪڙو سميت آصف سهتو کي فون ڪري سندس مدد ڪرائڻ لاءِ چيو. دودو چانڊيو سنڌ جي ثقافت جي وزير سسئي پليجو، پير مظهر الحق وزير تعليم، گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سڪندر منڌرو ايم پي اي، نصرت سحر عباسي ايم پي اي سميت ڪيترن ئي وزيرن ۽ ميمبرن کي الهڏنو عباسي جي علاج ڪرائڻ ۽ مدد لاءِ چيو، پر شعيب بخاري جي پرڏيهه بيماري تي 45 لک منظور ڪرڻ، ٽن وزيرن لاءِ ڪروڙن واريون گاڏيون خريد ڪرڻ ۽ وزيرن مشيرن جي دعوتن ۽ ٽي اي ڊي اي جي خرچ کان سواءِ الهڏنو عباسي جي علاج لاءِ سنڌ سرڪار وٽ پئسو نه بچيو جو هن تي خرچ ڪري سگهي. 10 مارچ تي لاڙ جو هي عظيم تعليمي ماهر ۽ استاد الهڏنو عباسي 5 زبانن ۾ لکيل ڪتاب ڇپرائڻ جون حسرتون کڻي هليو ويو. بچل شاهه قبرستان ۾ رات جو 11 بجي کيس دفن ڪرڻ کان اڳ سندس آخري ديدار مهل سندس اکيون اهو چئي رهيون هيون ته منهنجا شاگردو مرزا اڪيڊمي وارن کان منهنجي ڪتاب جو مسودو وٺي منهنجي قبر ڀرسان دفن ڪري ڇڏجو، اها منهنجي آخري وصيعت به آهي ۽ خواهش به.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو