Home / افيئر / خانپور مهر ۾ رتوڇاڻ: متحده ۽ جتوئي ڀائر آمهون سامهون!
above article banner

خانپور مهر ۾ رتوڇاڻ: متحده ۽ جتوئي ڀائر آمهون سامهون!

شڪارپور ضلعي جي تعلقي ۽ شهر خانپور جي ناڪي ٻه وٽ 3 اپريل تي ڏينهن جو ڏيڍ وڳي ٿيل خونريزي جا پنج ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، گناهه نمبر 63 تحت مقتول حاڪم علي جي ڀاءُ شهزادي جتوئي پنهنجي 26 سالا ڀاءُ سميت بولو جتوئي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ 40 جوابدار ڄاڻايا ويا آهن، مقتول مقصود بلوچ جي ايف آءِ آر گناهه نمبر 2011-64 سندس ڀاءُ منصب خان داخل ڪرائي آهي، فريادي پنهنجي 55 سالا مقتول ڀاءُ جا 15 نامعلوم جوابدار ڄاڻايا آهن، گناهه نمبر 2011-65 وارو ڪيس مقتول عرفان جي پيءُ اسلم راجپوت داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ فريادي 22 سالا پٽ جا ٻه نامعلوم قاتل ڄاڻايا آهن، ڇهن زخمين جو فريادي عبدالرشيد 25 ناليوار ۽ 35 اڻ ڏٺل جوابدارن خلاف گناهه نمبر 2011-66 داخل ڪرايو آهي. مٿين واقعن کان هڪ ڏينهن بعد سيد آصف علي شاهه قتل ۽ هڪ آرائين زخمي ٿيو آهي.

هن رتوڇاڻ جي نوعيت ان ڪري به الڳ رنگ ڍنگ سان ڪجهه مختلف ٿي وئي آهي، ڇو ته موجوده حالتن ۾ ان سياسي چولو پاتو آهي. هڪ طرف متحده قومي موومينٽ آهي ٻئي طرف ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ مير عابد جتوئي آهن. ايم ڪيو ايم جو صوبائي وزير نثار پنهور چوي ٿو ته جتوئي ڀتا خورن ۽ بدمعاشن شهرين جي زندگي سڪون ۽ خوشحالي ڦري آهي، انهن وڏيرن جون بدمعاشيون هاڻ برداشت کان ٻاهر ٿي ويون آهن. هنن کي پنهنجي تر ۾ ايم ڪيو ايم جي پهرين جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت ڇرڪائي وڌو آهي. ان ڪري اهي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ تي لهي آيا آهن. ٻئي طرف جتوئي ڀائرن جو چوڻ آهي ته نثار پنهور هٿياربند موڪلي ماڻهو مارايا آهن ۽ اها ڪا چڱي روايت ناهي.

“افيئر” جڏهن تازي رتوڇاڻ جا پيرا کنيا ته معلوم ٿيو ته اپريل 2010 جي 16 تاريخ تي دڪاندار غلام محمد آرائين پنهنجو دڪان بند ڪري گهر پئي ويو ته ڪجهه هٿياربندن کانئس ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي قتل ٿي ويو. خانپور ٿاڻي تي مقتول جي پٽ اختر نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ان بلائينڊ ايف آءِ آر ۾ اختيار گهراڻي جتوئي ۽ علي گهر گهراڻي جتوئي گرفتار ۽ چالان ٿيا. جتوئي ڌر جو چوڻ آهي ته تڏهوڪي ايس پي او خانپور بي گناهه اسان کي هن ڪيس ۾ ڦاسايو، ان جي باوجود هو ساک پت ڏيڻ لاءِ آرائين جي تڏي تي ويندا رهياسون، آرائين جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪيس ۽ شاهدين تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل ڌمڪيون ملنديون رهيون. ميڊيا جي رپورٽن کي جڏهن ڏسجي ٿو ته ان ۾ حملي آور ڌر آرائين ٿي آڏو اچي. اهو ئي موقف پوليس جو آهي، ڊي پي او شڪارپور جنيد احمد شيخ “افيئر” سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خانپور ۾ ٿيل خونريزي کي سياسي رنگ ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي، ان طرح ۽ ان طريقي سان اشتعال ۽ نفرتن جي باهه ڀڙڪي ٿي، جنهن جا سماج تي انتهائي هاڃيڪار اثر اثر پون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته سچائي اها آهي ته هڪ سال اڳ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڀاڳئي جي قتل تان اهو تڪرار وڌيو آهي. حملي ڪندڙ ڌر آرائين آهي، جنهن کانپوءِ مخلف ذاتين جا ٽي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن. واقعي کان پوءِ پوليس فوري طور تي حالتن تي ڪنٽرول ڪري امڪاني خونريزي جا دڳ بند ڪيا. هن معاملي کي نسلي يا گروهي رنگ ڏيڻ انتهائي خوفناڪ عمل آهي، جيڪو ماڻهن کي گمراهي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندو. اهڙي ڪوشش ڪندڙ ۽ تاثر ڏيندڙ ٻرندڙ باهه تي تيل هارڻ وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن.

خانپور جي آرائين برادري واپاري ۽ ڪاروبار پسمنظر رکي ٿي، ان ڪري ظاهري ڳالهه آهي ته ان جو پاند به انهي کان آجو ناهي هنن کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اهي هڪ طرح سان ايئن ظلمن ۽ ناانصافين جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيئن هندو سيٺ آسان شڪار ليکيو وڃي ٿو، هنن کي پنهنجي وجود جي بقا ۽ امڪاني خطرن کان بچاءَ لاءِ ٻي ڪا واٽ نه سجهي ته ايم ڪيو ايم ۾ پناهه ورتائون. ايم ڪيو ايم جو صوبائي وزير نثار پنهور انهن سڀني معاملن کي نگاهه ۾ رکندو پئي آيو، سو ان وقت ۽ حالتن جو صحيح صحيح فائدو ورتو، پهرين اپريل 2011ع تي خانپور ۾ ايم ڪيو ايم جو جلسو ڪرايو ويو، جنهن ۾ متحده جي ڪيترن وزيرن، مشيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان جلسي ۾ ڪراچي جو اڳوڻو ناظم مصطفيٰ ڪمال به شريڪ ٿيو هو، ان جلسي ۾ عوام کي وڏيرن ۽ جاگيردارن کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ جي پڪ ڏياري وئي ۽ لڳي ائين رهيو هو ته الطاف حسين جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪندو آهي ان جي ابتدا اتر سنڌ ۾ وڏيرن خلاف هڪ ڀرپور تحريڪ جي صورت ۾ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته خانپور واري جلسي کان ان مهم جوآغاز ٿي چڪو آهي، پر اهم سوال اهو آهي ته متحده کان سواءِ ڇا ٻيو ڪو متبادل خلق کي نظر نه پئي آيو؟ خانپور ۾ هاڻ هن وقت چئن قسمن جي سوچ رکندڙ ماڻهن جي اڪثريت آهي. هڪڙا پيپلا، ٻيا مذهبي، ٽيان راڄوڻا ۽ چوٿين ڌر هاڻ متحده جي حمايتين جي اُڀري آئي آهي.

آفتاب شعبان ميراڻي جي رٽ پٽيشن تي جڏهن ايم اين اي ابراهيم جتوئي جي سيٽ تي ٻيهر ضمني چونڊ ٿي هئي ته ان ڏهاڙي يارنهن سنڌ حڪومت جي وزيرن جي نگراني ۾ چونڊ عمل ٿيو هو، منسٽر ۽ ٽاپ جا ليڊر پولنگن تي ويٺا هئا، ان جي باوجود به پ پ وارن سان جيڪو وهيو واپريو، اهو سندن تلخ يادن جو حصو آهي. عورت ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سان شرمناڪ واقعا پيش آيا، ان جي باوجود ڪا ڪارروائي، ڪو ڪيس ڪا وٺ پڪڙ ۽ ڪو حساب ڪتاب نه ٿيو هو. البته پ پ وارن مٿان قتل ڪيس داخل ٿيو هو، سو هن سڄي حوالي جو مقصد اهو آهي ته ڇا اها سڄي ساري صورتحال ايم ڪيو ايم نظر ۾ رکڻ کانپوءِ ميدان ۾ لٿي آهي؟ جي ها ته پوءِ پڪ سان ان حوالي سان گهربل تياري به ڪئي هوندي.

ايس پي او خانپور انور شيخ “افيئر” کي ٻڌايو ته جوابدار جنهن گهراڻي جتوئي نوجوان کي قتل ڪرڻ آيا اهو بچي ويو. ٻئي ڌر جا ٻه جتوئي مارجي ويا. هن وڌيڪ چيو ته مشڪوڪ گهراڻي جتوئين جي خانپور شهر ۾  داخلا بند هئي، ايندا هئا ته گرفتار ڪري کين چالان ڪندا هئاسون، پوليس کي هروڀرو بدنام ڪيو پيو وڃي. اسان تي ڪنهن جي ونگار وهڻ جو الزام بي بنياد ۽ غلط آهي.

آرائين برادري جا ٻيا ته ٺهيو، پر صحافت سان تعلق رکندڙ نوجوان به روپوش ٿي ويا آهن ۽ موبائيل نمبر ميسجز ذريعي پنهنجي ڪميونٽي جي گهرن تائين محدود ٿي وڃڻ، سندن کاڌ خوراڪ ختم ٿي وڃڻ ۽ هر وقت خوف جي ڇانوَ ۾ ساهه کڻڻ بابت داد فرياد لاءِ دانهي رهيا آهن. هي معاملو جن انائن جي ور چڙهيل آهي، ان مان نه ٿو لڳي ته باهه ٺرندي ۽ وسامي ويندي. سوال اهو آهي ته آخر ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ڇا آرائين برادري لڏي ويندي؟ جي ها ته پوءِ اهو خال ڪيئن ڀربو؟ جي نه ته انهن جي پوئواري ۽ تحفظ لاءِ متحده ائين ديرو ڄمايون ويٺي هوندي، جيئن اها هاڻ متحرڪ آهي؟

ايندڙ عام چونڊن ۾ ٿي سگهي ٿو ته متحده به پنهنجو اميدوار بيهاري ڇو ته خانپور جي يارنهن يونين ڪائونسلن جي مختلف ڳوٺن مان گاڏيون ڀري ماڻهن جي شرڪت کي جهڙي ريت خانپور واري جلسي ۾ يقيني بڻايو ويو آهي، ان مان لڳي ٿو ته ان اهو طئي ڪيو آهي ته هاڻ شڪارپور ۾ به چونڊ وڙهي مختلف برادرين جي متحده ۾ شرڪت ۽ متحده پاران حيرتناڪ حد تئاين ماڻهن غمين ۽ خوشين ۾ شرڪت ان جو مظهر آهي. اڳتي هلي پ پ ڪنهن کي به ٽڪيٽ ڏئي پر جي متحده به ميدان ۾ لهي ٿي ته ٿي سگهي ٿو ته متحده ڌڪ هڻي وڃي. ڇو ته اهو انتهائي ڏکيو آهي ته پ پ ان سيٽ تان هٿ کڻي متحده جي حمايت ڪندي. ٻي ڌر مذهبي آهي، جنهن جو به زبرست اثر آهي، ٽين ڌر اين پي پي آهي، ڏسڻو اهو اهي ته ان مورچي تي متحده ڪهڙا نتيجا ٿي حاصل ڪري؟ ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ پراڻا شناختي ڪارڊ قبول نه ٿا ٿين ۽ ووٽ اليڪٽرڪ مشين ذريعي ٿين ٿا ته جتوئي ڀائرن کي ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي. ڇو ته اها ڳالهه ڪا ڳجهارت نه آهي ته خانپور جي ڪچي وارين پولنگن تي هزارين ڪوڙا ووٽ داخل آهن. “افيئر” کي مليل ڄاڻ موجب اها سموري صورتحال جتوئي ڀائرن جي نوٽيس ۾ آهي ۽ وقت ۽ حالتن جي نزاڪت ۽ حساسيت کي محسوس ڪندي اهي به گهربل هوم ورڪ ڪري رهيا آهن. پ پ جي مفاهمتي پاليسي جي نعري هيٺ ممڪن آهي ته جتوئي ڀائر جلد پ پ ۾ شامل ٿي وڃن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو