Home / افيئر / دادو، جتي ڪجهه به ناهي بدليو
above article banner

دادو، جتي ڪجهه به ناهي بدليو

ايم آر ڊي تحريڪ ۾ دادو ضلعي جي عوام جڏهن سجاڳي جو مظاهرو ڪيو ته اسلام آباد جي اهم ڌرين ملڪي نقشي ۾ ان کي ڳاڙهي لڪير ڏئي ڊيل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اتي هٿيار ۽ منشيات اهڙي منظم نموني سان تحفي طور دادو ضلعي کي مليا، جو اڄ تائين ان ڀڙڪندڙ باهه کي قابو پائڻ مشڪل بڻيل آهي. ڏوهاري پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بڻيل ضلعي کي اهڙي طريقي سان پوئتي ڌڪيو ويو جو عوام ڌاڙيلن جي ڏاڍ، پوليس گردي ۽ وڏيراڻي سوچ رکندڙ سياسي ڌرين جي حوالي ٿي ويو، جنهن ڪري عوام کي نه ترقياتي ڪم نصيب ٿيا نه وري امن مان يا روزگار نصيب ٿيو.

ضلعي ۾ ڪيتريون ئي مشهور سياسي ڌريون پيدا ٿيون، پر لڪل هٿن انهن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙي طريقي سان استعمال ڪيو، جو هتان جي عوام کي ڪو به فائدو رسي نه سگهيو. دادو ضلعو جيڪو اربين رپين جي بجيٽ رکڻ باوجود کنڊر بڻيل آهي، ضلعي جون اهم سياسي ڌريون توڙي چونڊيل نمائندا هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ ۽ وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ هڪ ٻئي کي مات ڏئي رهيون آهن. ضلعي ۾ روڊن جي حالت اهڙي ٿي چڪي آهي جو ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ وارا سبب ئي معلوم نه ڪر ي سگهيا آهن. هن وقت ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جي سالياني بجيٽ ڏيڍ ارب رپين کان وڌيڪ آهي، سرڪاري انگن اکرن مطابق 70 ڪروڙ رپيا ضلعي حڪومت ترقياتي ڪمن لاءِ رکي ٿي، جڏهن ته دادو ضعي جي چئن تعلقن جي (ٽي ايم اي ) تعلقي ميونسپل ائڊمنسٽريشن کي ساليانو 48 ڪروڙ رپيا جاري ٿين ٿا،جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ترقياتي اداري جي بجيٽ ان کان سواءِ آهي، ان باوجود ضلعي ۾ ڪو به اهڙو روڊ ناهي، جنهن جومثال ڏئي سگهجي ته هن روڊ ٺهڻ سان عوام کي فائدو رسيو آهي. ڇو ته سرڪاري فائيلن ۾ تيار ٿيل روڊن جي حالت پڻ اهڙي آهي جو اهي ٺهڻ سان گڏ ڊهڻ شروع ٿي وڃن ٿا.

ضلعي جي حالت موجوده حڪومت جي اچڻ کان اڳ واري آهي. دادو ضلعي جي 17 لک آبادي ڪهڙي طريقي سان هتي رهي پئي، ان جو اندازوتعليمي شرح ۽ صحت جي سهولتن مان لڳائي سگهجي ٿو، هتي سرڪاري اسڪولن جي تعليم ڪجهه اسڪولن کانسواءِ باقي زيرو بڻيل آهي. رهيل ڪثر پرائيوٽ اسڪولن ڪڍي ڇڏي آهي، جتي ڪجهه اسڪولن جي انتظاميا کان سواءِ باقي اسڪولن جي ٽيچرز جي پگهار 2000 کان 3000 رپيا ماهوار آهي. جنهن ڪري انهن ادارن جي پت پڻ وائکي ٿي وڃي ٿي. ضلعي ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ رورل هيلٿ سينٽر سماجي تنظيم پي پي ايچ آءِ جي حوالي ٿيڻ بعد سرڪار ته لاتعلق بڻجي وئي آهي، پر ان اداري جي ڪارڪردگي پڻ سخت متاثر ٿي آهي ۽ اتي پڻ عوام سهولتن کان وانجهيل آهي. ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. گذريل 23 سالن کان پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ شهري توڙي ٻهراڙي جو عوام مختلف فورمن تي دانهون ڪندو پيو اچي ۽ اتي عالمي ڊونر ادارن پاران ڪروڙين رپيا فراهم پڻ ڪيا ويا آهن، پر ان جي رزلٽ اڃا تائين ظاهر ناهي ٿي ۽ لکين ماهو اڃا تائين سنکيو مليل پاڻي پي رهيا آهن. جنهن ڪري ٽي بي، هيپاٽائٽس ۽ ٻين پيٽ جي بيمارين ۾ هن ضلعي جي عوام اڳڀرو َآهي. جڏهن ته ضلعي ۾ بدامني عروج تي آهي، سج لهڻ شرط انڊس هاءِ وي کان نڪرندڙ هر لنڪ روڊ غيرمحفوظ بڻيل آهي ۽ اهي روڊ ضلعي ۾ 8 هزار کان مٿي پوليس اهلڪار هجڻ باوجود نو گو ايريا بڻيل آهن، جنهن ڪري رات جو ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ عوام پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي وڃي ٿو، پوءِ ڪڏهن پاڻ ڦرائي ويهي ٿو ته وري ڪڏهن گولين جو بک بڻجيو وڃي، ايتري قدر جو انڊس هاءِ وي تي پڻ مهيني ۾ 4 يا 5 واقعا ڦرلٽ جا پيش اچي وڃن ٿا. ضلعي ۾ سياسي بنيادن تي من پسند اهلڪارن جي مقرري پڻ بدامني جو ڪارڻ آهي. جڏهن ته رهي ڪثر وري ويزا تي اهلڪارن کي موڪلڻ سبب نڪري وڃي ٿي. ايتري قدر جو پوليس جون ڪاريون رڍون وڏي عرصي کان پوءِ وري سرڪاري پراپرٽي کي مال غنيمت سمجهي لٽڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن ۾ پارڪو جي لائين مان تيل چوري ڪرڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي.

ايتري قدر جو ٿاڻن تي ڪجهه رقم عيوض ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ جو رجحان پڻ عام آهي. هن وقت سرڪاري ڌر جي چونڊيل نمائندن وچ ۾ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون عوام جي دلچسپي جو موضوع بڻيل آهن. هڪ ڌر ڏيتي ليتي سفارش يا دوستي جي ڪري ڪو آفيسر مقرر ڪرائي ٿي ۽ آفيسر ڪجهه ڏينهن مس پوسٽ تي ويهي ٿو ته وري ٻي ڌر نئون آفيسر مقرر ڪرائي ڇڏي ٿي.سياسي اڳواڻ وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ضلعي جو وهنوار ٺپ بڻيل آهي.

ڪامورا شاهي مٿي ڏنل خرچ ڪڍڻ لاءِ هر غيرقانوين ڪم ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجا نوازي ڪري مال ميڙڻ ۾ مصروف آهن. ضلعي جي اهم پوسٽ ڊي سي او ۽ ضلعي ائڊمنسٽريٽر جي مقرري لاءِ اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ موجوده صوبائي وزير وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ضلعي جي عوام جيڪي ڏک ۽ سور ٻوڏ دوران سٺا اهي ٻڌي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اڳوڻي ڊي سي او ۽ موجوده ڊي سي او جي بدلي ۽ مقرري وارن ڏينهن ۾ صرف هڪ ئي رات ۾ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا بل ڪيش ڪرايا ويا ۽ هڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪرڻ تي اڳوڻي ڊي سي او کي ڊي جي پروٽوڪول جي مقرري تان پڻ هٿ ڌوئڻا پيا، عوام جي ٽئڪس ۽ انهن جي نالن تي کنيل قرض چونڊيل نماندن ۽ ڪامورن جي کيسي ۾ وڃي ٿو.

ضلعي کي پيرس بڻائڻ جا واعدا ڪندڙ ڌريون صرف اهو ٻڌائين ته بي ايچ پي ڪمپني پاران ملندڙ رائلٽي واري رقم ڪيتري آهي۽ خرچ ڪيتري ۽ ڪٿي ڪئي وئي؟ ڪئناڊا حڪومت پاران ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل اسڪولن لاءِ ايندڙ رقم توڙي ايس ايم سي فنڊن جي رقم بابت عوام چونڊيل نمائندن کان پڇڻ جو حق رکي ٿو، پر ڪير به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي.

عوام آڏو مشرف حڪومت ۾ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ ڌريون هن وقت ساڳين سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائين ٿيون. عوام کي ته اهو به نه ٿو ٻڌايو وڃي ته شوگر سيس جي رقم ڪهڙن روڊن تي خرچ ڪئي وئي ۽ ٽي ايم اي ۽ پبلڪ هيلٿ جي اسڪيمن جا ساڳيا بل ٻنهي ڌرين ڇو ٺاهيا آهن؟ ڇا ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو عوام جي لٽيل رقم جو پڇاڻو ڪري؟ عوام کي اٽو، لٽو، اجهو ۽ روزگار ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڌريون اهو به نه ٿيون ٻڌائين ته ضلعي جي ڪجهه پارڪن ۽ اسٽريٽ لائيٽ تي ڪيل ڪروڙين رپين جو خرچ ڪري آخر عوام کي ڪهڙي سهولت فراهم ڪئي وئي؟ عوام جو ته انهن روڊن تي هلڻ دوران هانءَ ڇڄي ٿو پوي آخر اهي روڊ ڪڏهن ٺهندا، جتي صرف پٿر وڇايا ويا آهن ته وري ڪٿي صرف مٽي ڀري وئي آهي. ضلعي جي عوام انهن سڀني خبرن کان واقف آهي ته ترقياتي ڪمن ۾ ٺيڪن تي هلندڙ ويڙهه جو نقصان به عوام کي ئي ٿي رهيو آهي. ان لاءِ ايندڙ چونڊون انهن سڀني مسئلن کي اڳيان رکي پوءِ ئي ڪنهن کي ووٽ ڏيندو، ڇو ته سياسي طور جذباتي تقريرون ڪري ووٽ وٺڻ وارو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ عوام پنهنجا بنيادي مسئلا صحت، تعليم روزگار، امن امان ترقياتي ڪم، بجلي، گئس، روڊ رستا ملڻ کانسواءِ ڪنهن جي ڏٽي ۾ نه ايندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو