Home / سياسي افيئر / ريمنڊ ڊيوس جي آزادي ۽ ڇڙواڳ ميڊيا
above article banner

ريمنڊ ڊيوس جي آزادي ۽ ڇڙواڳ ميڊيا

پاڪستاني ميڊيا پنهنجي آزاديءَ جي انتها کي پهچي چڪي آهي! پرويز مشرف جڏهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ فائديمند نه رهيو هو ته ميڊيائي مدد وسيلي عدليه بحاليءَ جي تحريڪ منظم ڪري سندس ڏاڍ جي دور کي انت تائين رسايو ويو. اها شروعات هئي ميڊيا پاران طاقت جو سرچشمو ٿيڻ جي. مشرف جي شڪست ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ميڊيائي مالڪن طئي ڪري ورتو آهي ته پاڪستان ۾ طاقت جو سرچشمو هاڻي عوام نه پر ٽي ويءَ جي اسڪرين ۽ اخبارن جا ڪارا پنا آهن! جيڪو منطق اسلام آباد ۾ هميشه رائج رهيو آهي ته سياستدان پوري ملڪ سان دشمني نڀائي به اقتدار هلائي ويندو پر “جي ايڇ ڪيو” سان ڦٽائڻ کانپوءِ رستي جي خاڪ جي حوالي ٿيندو يا جيل جي دال کائڻ تي مجبور ڪيو ويندو. نواز شريف جڏهن امير المومنين ٿيڻ پئي چاهيو ته پهريان پارليامينٽ تي هڪ هٽي قائم ڪيائين، پوءِ ميڊيا سان جهيڙو ڳنڍيائين، ان بعد سپريم ڪورٽ کي فتح ڪري جڏهن ان وقت جي آرمي چيف سان محاذ آرائي اختيار ڪيائين ته پنجاب ڄائو هجڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ کيس جيل جي هوا کارائي ملڪ بدر ڪيو. ان بنياد تي ميڊيا جي موجوده ڪردار کي ڏسندي اهو چئي ڇڏڻ ۾ گهڻي هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي ته شايد جلد اسٽيبلشمينٽ ميڊيا کي پنهنجي سائيز ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪندي!! اگر ميڊيا واقعي آزاد ٿيڻ وارو معجزو ڪري رهي آهي.

بحرين ۾ انقلاب لاءِ ٿيندڙ فسادن دوران ڪجهه پاڪستانين کي قتل ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، سعودي عرب ۾ پاڪستانين کي هر روز ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو يا سندن هٿ ڪپيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ هندن جي معصوم ٻارن کي اغوا ڪري مٿن سنڌ جي ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي ۽ بلوچستان ۾ حق گهرندڙ نوجوانن کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري پهاڙن ۾ پوريو پيو وڃي پر ملڪ جي “غيرت مند” انهن واقعن تي عوام ۾ غيرت، عزت ۽ خودمختياريءَ جو جذبو نٿا جاڳائين؟ ريمنڊ ڊيوس کي ايئن ئي آزاد ٿي وڃڻو هو، ”افيئر“ جي هنن ئي پنن ۾ پاڻ پاڪستان جي تاريخ تي سرسري بحث ڪندي اهو سمجهي چڪا هئاسين ته هي ملڪ ان هڪ فرد کي پاڻ وٽ باندي بڻائي نه ٿو رکي سگهي. هي ملڪ سڌيءَ ريت يا ته آمريڪي امداد تي پنهنجا ادارا هلائي ٿو يا آمريڪي رضامنديءَ سان دنيا جي وڏن قرض ڏيندڙ ادارن کان اوڌر وٺي پنهنجي عوام جو پيٽ پالي ٿو. صفا سادي ڳالهه اها به آهي ته ملڪ ۾ عسڪري ادارن جا سربراهه ۽ جمهوري حڪمران به آمريڪين جي خوشنوديءَ سان مقرر ٿي سگهندا آهن. جڏهن هو چونڊ کٽي آيو هو ته پاڪستان جي ساڄي ڌر وارن جيڪي اڄ غيرت جو جا هوڪا پيا هڻن تن هن کي باراڪ اوباما بجاءِ باراڪ حسين اوباما چئي محسوس ڪرايو هو ته ڄڻ مسلمانن آمريڪا تي فتح حاصل ڪري ورتي آهي، ان باراڪ حسين اوباما جڏهن چيو ته ريمنڊ ڊيوس سندس ملڪ جو سفارتڪار آهي ۽ عالمي قانون تحت پاڪستان، قاتل هجڻ باوجود کيس آزاد ڪري ته قلم جي غازين ۽ گفتار جي مجاهدن کيس ڪوڙو سڏيو.

پر ميڊيا آهي جو ان حقيقت کي هضم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن جمهوريت جو جڏهن پورا ٽي سال پهريان افتتاح ٿيو هو، تڏهن ملڪ تي عدالتي بحاليءَ واري تحريڪ جو بخار چڙهيل هو ۽ مسلم ليگ (ن) وارا ان بخار لاهڻ جا ماهر ڊاڪٽر بڻجي چڪا هئا. ملڪ جي ترقي ۽ خودمختياريءَ جو راز آزاد عدليه ۾ لڪل هو ۽ اصول پسندي ميان ڀائرن ۽ سندن همنوائن جو اوڇڻ هئي. ڪلهه جڏهن هنن مسلم ليگ (ق) جي لوٽن کي پنهنجي ڀرسان ويهاري ميثاق جمهوريت جي دل ۾ ميخ هنئي ته سندن اصول پسنديءَ وارو بوڇڻ ته غائب ٿي ويو پر ريمنڊ ڊيوس جي آزاديءَ لاءِ پنجاب جي خادم اعليٰ جڏهن سعودي بادشاهه جي ادنيٰ خادم وارو ڪردار ادا ڪندي وڪيل مٽائي ۽ فيصلا ڏيارڻ وارو ڪم ڪيو ته هنن پنهنجي آزاد عدليه جو ڪردار هڪ دفعو وري داغدار ڪرايو. پيپلزپارٽيءَ وارن بي بيءَ جي شهادت جو ذمو مٿن رکندي، جنهن مسلم ليگ (ق) کي قاتل ليگ چيو هو، شهيدن جي پارٽيءَ جي مهندار جڏهن چوڌري شجاعت سان گوڏو گوڏي ۾ ڏئي پنهنجي صدقي لاءِ هر روز ڪسجندڙ ڪارا ٻڪر کيس ايوان صدر ۾ کارايا ته ميثاق جمهوريت جي ڪاغذن تي پيل لاش کي ڄڻ ته ڪنهن اونهي قبر ۾ پوريو ويو ۽ مفاهمت جي عنوان سان هڪ نئون باب تحرير ڪيو ويو. ٽي سال پهريان جڏهن يوسف رضا گيلانيءَ حلف کنيو هو تڏهن مسلم ليگ   (ق) اڳ ئي تنقيد جي ٽڪٽڪيءَ تي چڙهيل هئي، پر جج بحال نه ٿيڻ سبب چوڌري نثار ۽ آصف زرداريءَ جي حجت خراب ٿي هئي ۽ ميان ڀائرن کي پنهنجي مستقبل لاءِ روڊن تي اچڻو پيو هو. اها ميڊيا هئي جنهن عوام تي عدليه  جي آزاديءَ جو بخار چاڙهيو پئي، شريف ڀائرن ۽ سندن ساٿين عوام جو علاج پئي ڪيو ۽ نيٺ راولپنڊي سمجهي ورتو ته مستقبل جي سياست لاءِ ضروري آهي ته عدليه آزاد ڪجي!!؟ گذريل ٽن سالن جي سياست، يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ انتهائي دلچسپ سبق آهي. اڄ مسلم ليگ (ق) سندن چونڊيل نمائندن کي لوٽو ڪرڻ سبب همدردي وصول پئي ڪري سندن پلڙو مٿي ٿي رهيو آهي، ساڳي مسلم ليگ (ق) جي قيادت، شهيدن جي وارث حڪمرانن سان شهيدن جي قربانين سبب قائم ٿيل حڪومت جي زندگيءَ خاطر ماني به کائي ٿي ۽ اتحاد به ڪري وٺي ٿي. مسلم ليگ (ن) قوم کي آزاد عدليه به ڏني ته ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي قوم کي غيرتمند ٿيڻ جي صلاح به ڏني. هنن ميثاق جمهوريت تان پلٽو به کاڌو پاڪستان جي خودمختياريءَ تي حملو ڪندڙ ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪرائڻ ۾ به پاڻ نڀايو ۽ آزاد عدليه کان پسند جو فيصلو به ڪرايو. پنڊي وارا جج بحال ڪرائڻ وارا مهربان به هئا ۽ اڄ آمريڪي جاسوس جنهن پاڪستان جي ايٽمي ۽ جهادي اثاثن جي حساس معلومات پئي گڏ ڪئي ان کي پنهنجي مهربان آمريڪي جنرلن جي خواهش تي ملڪ مان سالم حالت ۾ وڃڻ به ڏنو. ڪيڏا نه ڀرپور تضاد آهن جيڪي پاڪستان ۾ پيدا ڪري ملڪ، سياست، عوام ۽ ادارن کي هلايو پيو وڃي!

بيشڪ مضبوط رياست لاءِ غيرجانبدار ۽ بيباڪ ميڊيا جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. پر ڇا هن ملڪ ۾ جتي چونڊيل نمائندا جيڪي قانون ٺاهڻ جا مجاز آهن اهي قانون ٺاهي ان تي عمل نه ڪرائي سگهن، هن ملڪ جا نيم سول حڪمران جن هڪ وقت ۾ اعلان ڪيو ته فوج جي آفيسرن کي وڏين ۽ مهانگين گاڏين بجاءِ ايف ايڪس ماڊل جي گاڏين ۾ گهمڻ جو پابند ڪنداسين ۽ پاڻ پرڏيهي دوري تان واپس اچن ته کين ايئرپورٽ کان گهر تائين کڻي وڃڻ لاءِ به سرڪاري پروٽوڪول نه ملي. ۽ هن ملڪ جا خالص جمهوري حڪمران جن ڳجهي اداري کي گهرو معاملن واري وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان تي ٻه ڏينهن به عمل نه ڪرائي سگهن. ان ملڪ ۾ اگر عدليه لاپتا ماڻهن واري ڪيس تي فيصلو ٻڌائڻ ۾ وڏو وقت وٺي، ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) حميد گل کان مهراڻ بينڪ اسڪينڊل ڪيس ۾ آڏي پڇا نه ڪري يا ڪراچيءَ ۽ بلوچستان ۾ٽارگيٽ ڪلنگ جو سوئوموٽو نوٽس نه وٺي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر ميڊيا اگر سمورين سياسي پارٽين جي اوگهڙ ڏيکاري کين چيڙائي وجهي، بيوروڪريسيءَ جي گريبان ۾ هٿ وجهي  کين اخبارن جي سرخين ۾ گهلي، افغان جهاد واري پاڪستاني رياست جي پاليسيءَ ۽ واقعن تي تنقيد ڪري ان تي تعجب ٿئي ٿو. پر ڳالهه بهتر لڳي ٿي ته ميڊيا مثبت شيون به بحث هيٺ آڻڻ لڳي آهي. پر ريمنڊ ڊيوس واري معاملي تي ميڊيا سمورين سياسي ڌرين ۽ عدالتي ڪردار سان گڏ فوج ۽ سعودي عرب تي به چٿر ڪرڻ لڳي آهي. هيءَ اها ڳالهه آهي جيڪا هضم ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي ته پاڪستان جي ميڊيا حقيقت ۾ مڪمل آزاد ٿي چڪي آهي ڇا؟

سڄي پاڪستان سان ڦٽائي به زندگيءَ، ڪنهن به ڪاروبار ۽ نظرئي کي برقرار رکي سگهجي ٿو، پر عسڪري ادارن سان ڦٽائڻ وارو شايد ته انهن ٽنهي شين کي برقرار نه رکي سگهي. ريمنڊ ڊيوس جي آزاديءَ کان اڳ ميڊيا خودساخته نظرئي تحت “غيرت جٿا” پيدا ڪيا يا اها لهر پيدا ڪرائڻ جا حڪم راولپنڊيءَ جي ڪنهن بغير بورڊ واري آفيس مان آيا هئا. اها ڳالهه شايد ته سڀني کان وڌيڪ اهم آهي. آمريڪي جاسوس پاران جيڪي ٻه پاڪستاني قتل ڪيا ويا انهن متعلق لاهور جا ڪجهه صحافتي حلقا اهو به چئي چڪا آهن ته اهي نوجوان “سگهاري اداري” لاءِ غيرسرڪاري طور تي ڪم ڪندا هئا جڏهن ته پاڪستاني ادارن کي آمريڪي ڳجهن ادارن ۽ فوج سان پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيل معاهدن ۾ ڦيرڦار ڪرائڻي هئي، ان ڪري ريمنڊ ڊيوس واري معاملي کي ڄاڻي واڻي ايترو حساس بڻايو ويو جو پاڪستان جا ذميوار ان بهاني تعاون ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري سگهن. چاليهه ڏينهن ۾ پوري ملڪ خودمختياريءَ، غيرت ۽ وقار جا نعرا هنيا، مولوي، ميڊيا، متوالا ۽ قلم جا غازي ميدان ملهائي چڪا هئا صرف جيالا ئي ان ڳالهه تي اڪيلا رهجي ويا ته ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪرڻ ۾ ڪا به برائي ناهي. شاهه محمود قريشي اڪيلو جيالو هو جنهن پارٽي پاليسيءَ تي عمل نه ڪيو  ۽ هاڻي هيرو طور محفلون لٽيندو پيو وتي، هن کي هاڻي پيپلزپارٽيءَ ۾ باغي ڌڙو ٺاهڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. هڪ طرف عوام ۾ غيرت پيدا ڪئي پئي وئي ۽ ٻئي طرف بحرين ۾ اهم ملاقاتون ٿي رهيون هيون، انهن ملاقاتن جي نتيجي ۾ جڏهن آمريڪي اهلڪار ڪوٽ لکپت مان شان سان نڪري  پنهنجي وطن ڏانهن اسهيو ته ميڊيا وٽ ٻي ڪهڙي واٽ هئي سواءِ ان جي ته ان سڄي ڪهاڻيءَ تي ايڏو شور مچائي ۽ ڏوهه ڪنهن هڪ فرد يا اداري تي رکڻ بجاءِ آرمي چيف، عدليه، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت تي گڏيل انداز سان رکي اهڙو مونجهارو پيدا ڪجي جو سڀ گناهگار لڳن ۽  هڪ تي به ذميواريءَ جو بار نه رکجي ته جيئن مايوسيءَ جو اظهار ڪري ان بحث مان جلد جان ڇڏائجي.

ساڳي ميڊيا، جنهن ڪل ٻه ڏينهن ڊيوس جي آزاديءَ واري معاملي تي فوج جي سربراه مٿان تنقيد ڪئي، قبائلي علائقن ۾ ڪرومائيٽ جي کاڻين مٿان مالڪيءَ وارو معاملو نبيرڻ لاءِ ٿيندڙ جرڳي تي ڊرون حملي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ تي آرمي چيف جو ڪاوڙ وارو بيان نشر ڪيو ۽ اهي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ قومي وقار واري اٿل ڊيوس کي آزاد ڪرڻ سان ٿڌي ناهي ٿي. اسان عام ماڻهن لاءِ اهي سڀ معاملا ٿي سگهي ٿو اچانڪ ٿيندا هجن ته ڊيوس آزاد ٿي ويو، ڊرون حملو ٿي ويو، بيان اچي ويو. پر ڇا هي سڀ معاملا پهريان کان طئي ٿيل ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هجن ٿا؟؟ ميڊيا ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي وڪالت شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سڄي کيل ۾ تماشو سياسي پارٽين ۽ سول حڪمرانن جو ٿيندو. ميڊيا جي حقيقت اها آهي ته اها حقيقي معنيٰ ۾ نه آزاد آهي ۽ نه ئي تصوير جو اصل رخ ڏيکاري ٿي. هن ملڪ ۾ سلمان تاثير عام ماڻهن پاران ٺاهيل هڪ قانون کي بهتر ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ شهباز ڀٽي بي يار و مددگار سري عام ماريو ويو. پر قومي غيرت جي وهڪري ۾ وهندڙ غيرت جٿي جا سپاهي اڄ ته پاڻ قصاص ۽ ديت جي شرعي قانون مطابق ريمنڊ ڊيوس جي آزاديءَ کانپوءِ ان اسلامي قانون تي به اڻ سڌيءَ ريت اعتراض ڪن پيا ۽ ان بحث ۾ مگن آهن اهو قانون صحيح انداز سان استعمال ٿيو يا غلط. قانون ميان نواز شريف جي دور حڪومت ۾ تيار ٿيو ۽ هنن جي ئي صوبائي حڪومت پاران استعمال ڪرايو ويو. ميڊيا سمورين سياسي پارٽين سان وڙهي رهي آهي، عدليه کان به پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائي رهي آهي پر ملڪ جي حقيقي مالڪن سان ڦٽائي نه ٿي سگهي. امڪان اهي آهن ته ميڊيا تان جلد ئي قومي غيرت وارو اثر هلڪو ٿي ويندو ۽ اها ميڊيا وري سياسي پارٽين جي پٺيان پئجي ويندي ۽ هڪ دفعو وري تبديليءَ جي نالي وارو وکر کپائي سياستدانن کي نااهل طور پيش ڪندي رهندي. سياسي تبديليءَ جا في الحال آثار نظر نه پيا اچن توڙي جو پيرالطاف ۽ پيرپاڳارو فوجي قيادت واري انقلاب جو اطلاع ڏين پيا ۽ مولانا فضل الرحمان رات جي ماني کارائي پي پي مخالفن کي تبديليءَ لاءِ گڏ ڪيو. ميان نواز شريف پاڻ کي لنڊن ۾ دل جي تڪليف جي حوالي ڪيو ته جيئن ڊيوس جو ڀوت غائب ٿيڻ کانپوءِ منظر عام تي اچي محفلون لٽي ۽ ڀاءُ کي به ان بهاني لنڊن اچڻ جو بهانو فراهم ڪري. پيپلزپارٽيءَ ۾ آصف زرداريءَ جي باغين جو ڌڙو شاهه محمود قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهي سگهي ٿو پر تڏهن، جڏهن بحرين ۾ ڊيوس جي آزاديءَ لاءِ ڳالهيون ڪندڙ ۽ هن جي آزاديءَ واري ڏينهن ايڪسٽينشن وٺندڙ اهو طئي ڪري وٺن ته اڳئين حڪومت ڪنهن جي ۽ ڪهڙي شرط تي هجي.

yasinjunejo@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو