Home / افيئر / سنڌي ٻولي: سرڪاري نوٽيفيڪيشن نه عملي اڳڀرائيون گهرجن
above article banner

سنڌي ٻولي: سرڪاري نوٽيفيڪيشن نه عملي اڳڀرائيون گهرجن

ڪجهه عرصو اڳ قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ سميت پاڪستان جي اهم ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو بل پيش نه ٿي سگهڻ تي سنڌ اندر ٻوليءَ واري مسئلي تي بحث ٻيهر گرم ٿي ويو. جيڪو آدم ڳڻپ واري معاملي جي ڪري پسمنظر ۾ هليو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جهڙي طرح رياست ملڪ اندر رهندڙ اصلوڪين قومن جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ قومي وجود کان انڪار ڪيو ان جي نتيجي ۾ ننڍن صوبن اندر رد عمل جي هڪ لهر 63 سالن کان جاري آهي. پاڪستان اندر ان وقت سنڌي ٻولي باقي سمورين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اسريل ٻولي هئي ۽ انگريز دور ۾ جيئن ته اها سرڪاري ڪار وهنوار جي زبان به رهي تنهنڪري سنڌ اندر ردعمل شديد هو. در حقيقت ٻوليءِ واري معاملي کي بنيادي اڳڀرائي بنگالين ڪئي هئي ۽ تاريخ جا ڄاڻو چون ٿا ته جنهن ڏينهن ٻولي واري معاملي تي اوڀر پاڪستان ۾ پهرين گولي هلائي وئي بنگلاديش ان ڏينهن ئي ٺهي چڪو هو. سنڌ اندر ٻوليءَ واري معاملي تي هڪ لڳاتار هلچل جي نتيجي ۾ سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ٺاهڻ کان وٺي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌيءَ ۾ ٺهڻ تائين ننڍيو ن وڏيون ڪيئي سوڀون سنڌين جي حصي ۾ آيون. جيتوڻيڪ تعليمي ادارن ۾ لازمي سنڌي رائج ڪرڻ ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سياسي ڏاهپ کان وانجهيل ثقافتي شائونزم جي شڪار هڪ محروم سوچ رکندڙ ٽولي هميشه رڪاوٽون وجهي سنڌي ثقافتي ڀائيچاري کي ناپسند ڪيو پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ڪيئي حوالن سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ وجود کي برقرار کندي آئي آهي. سرڪار طرفان مناسب سرپرستي نه هجڻ ۽ محدود وسيلن هيٺ هلندڙ ادارن سنڌي ٻولي اختياري ۽ سنڌي ادبي بورڊ وغيره طرفان ڪو غيرمعمولي ڪنٽريبيوشن نه ڪرڻ جي باوجود پرائمري ۾ سکيا جو وسيلو هجڻ ڪري سنڌي ٻولي پاڪستان جي باقي ٻولين کان اڳڀري رهندي پئي اچي.

جيتوڻيڪ سنڌي سميت پاڪستان جي ٻين اهم ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري مطالبي کان ڪو به انڪار ناهي، پر منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ صرف سرڪاري ٻوليءَ قرار ڏئي ڇڏڻ ناڪافي ٿيندو ۽ اهڙي معجزاتي نوٽيفيڪيشن جاري ٿيڻ سان سنڌي ڳالهائيندڙن جي هڪ اهم اصولي سوڀ ته ضرور ٿيندي، پر ان سان عملي طور سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۾ ڪو به وڏو غيرمعمولي ڇال نه ايندو. ممڪن آهي ته ان قسم جي ڳالهه سياسي طور ڪجهه دوستن کي نامناسب لڳي، پر منهنجي ادنيٰ راءِ ۾ ٻوليءَ واري مسئلي کي جذباتي نه پر عملي اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت جيڪي اهم چئلينجز درپيش آهن، اهي شايد ان جي قومي ٻوليءَ طور تسليم ٿيڻ جي باوجود حل نه ٿي سگهندا.

هن وقت ٻولين جي بقا جا ٽي اهم ذريعا آهن، هڪ تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليم جو ذريعو هجڻ، ٻيو مارڪيٽ ۾ ان جو واهپو هجڻ ۽ ٽيون ان زبان ۾ نئين ڄاڻ جو جنم وٺڻ، انهن ٽنهي چئلينجز کي غور سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته سنڌيءَ جي پنهنجي صورتخطي موجود آهي. سنڌي اندر پرائمري تعليم جو هڪ ميڊيم سنڌي به آهي. تنهن ڪري ويجهي مستقبل ۾ مون کي سنڌي ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ وارو ڪو انديشو نظر نه ٿو اچي. اهو مسئلو البته سنڌ جي انهن شهري آبادين جو آهي، جتي خاص طور تي خانگي اسڪولن ۾ انگريزيءَ سان گڏ رڳو اردو پڙهائي وڃي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ته سرڪاري نوٽيفيڪيشنز ۽ حڪمنامن جي باوجود جاري آهي. سنڌيءَ کي قومي ٻولين ۾ شامل ٿي وڃڻ باوجود به جاري رهندو. ان جو اهم سبب اهو آهي جو هڪ ته اهي تعليمي ادارا خانگي شعبي ۾ آهن، جتي سرڪار جو وس گهٽ هلي ٿو، ٻيو ته اهي ادارا سنڌين جا ٺاهيل ناهن، پر مارڪيٽ جي جديد گهرجن جي پورائي سبب سنڌين جي مجبوري آهن ۽ ٽيون ته انهن ۾ پڙهندڙ  سنڌي ٻارن جا مائٽ اسڪول انتظاميا آڏو ٻارن کي سنڌي نه پڙهائڻ جي صورت ۾ ٻارن کي انهن ۾ داخل نه ڪرائڻ جهڙي جرئت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن سنڌي وچولو طبقو سياسي ۽ معاشي طور مستحڪم ۽ باشعور هجي ته اهو پنهنجي مرضيءَ سان اهڙن خانگي اسڪولن جو ڄار قائم ڪري سگهي ٿو، جتي معياري انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏئي. انهن ادارن جو متبادل فراهم ڪري سگهي ٿو، جنهن سان سنڌي نه پڙهائيندڙ خانگي ادارن تي به دٻاءُ پئجي سگهي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن سرڪاري نوٽيفڪيشن وسيلي نه پر سنڌين جي سياسي ۽ معاشي شعور ۽ سگهه وسيلي ئي ممڪن آهي. جتي حڪومتي ادارا اوهان جي ڀلائيءَ ۽ مفاد وٽان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه هجن، انهن مسئلن جو حل سرڪاري نوٽيفيڪيشن وسيلي نه پر سماج طرفان متبادل رستا ڪڍڻ جي شڪل ۾ ئي نڪرڻ ممڪن هوندو آهي. ان جو هڪ مثال سنڌي صحافت ۽ ادب آهي، سرڪاري نوٽيفيڪيشن ۽ ٻولي ايڪٽ جهڙن قدمن باوجود سنڌي صحافت، ادب ۽ ثقافت جا ادارا تيستائين ڪجهه نه ڪري سگهن ها جيستائين معاشي طور مستحڪم ڪي سڄاڻ ماڻهو سنڌي اخبارون، ٽي وي چئنلز، مخزن، ڪتاب ۽ ايف ايم ريڊيوز قائم نه ڪن ها.  ڇا ڪو به سرڪاري نوٽيفيڪيشن اهو سڀ ممڪن بنا ئي سگهي ها؟ سرڪاري سرپرستي هيٺ ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ قائم ڪيل ادارن جي اڌ صديءَ جي ڪارڪردگي کي سنڌ واسين جي غيرسرڪاري شعبي ۾ قائم ڪيل خانگي ادارن جي ڪارڪردگيءَ سان ڀيٽيو ته اوهان کي پاڻ ئي معلوم ٿي ويندو ته سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ سنڌ کي سرڪاري نوٽيفيڪيشن جي نه پر سنڌپرست سنڌ واسين جي اهڙي وچولي طبقي جي ضرورت آهي، جنهن وٽ معاشي سگهه ۽ سياسي ساڃاهه هجي. ادبي ۽ صحافتي ادارا يا سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ اهڙن معياري تعليمي ادارن جي قيام جو سوال هجي جتي انگريزي ۽ اردوءَ سان گڏ سنڌي به پاڙهي وڃي، اهي ڪم جيتري اثرائتي نموني سان اڄ جي دنيا ۾ غيرسرڪاري شعبو ڪري سگهي ٿو، اوترو سرڪاري ادارن وسيلي شايد ممڪن نه ٿي سگهي.

ان سڄي بحث جو مطلب بنهه اهو نه وٺڻ گهرجي ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي قومي ٻوليءَ طور مڃتا واري مطالبي يا جدوجهد تان هٿ کڻي وڃون، پر ان جو مطلب ان ڳالهه تي چٽو ٿيڻ آهي ته جيستائين سنڌين جي حق حاڪميت هن ملڪ اندر تسليم ٿئي ۽ اهي پنهنجي ڌرتي تي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي اوسر ۽ بقا لاءِ سرڪاري ادارن وسيلي ڪجهه ڪري سگهن تيستائين متبادل غيرسرڪاري ادارا جوڙي ان مقصد کي عملي طور اڳتي وڌائڻ گهرجي.

جيڪڏهن خانگي تعليمي ادارا سنڌي پڙهائڻ کان انڪار ڪن ته ان لاءِ سرڪار جي در تي ٻاڏائڻ بدران سنڌ جو سرنديءَ وارو طبقو معياري تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ڪري جتي سنڌي به پڙهائي وڃي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪٽنبن کي اهڙا بهتر متبادل تعليمي ادارا ميسر ٿي سگهن جو اهي پنهنجن ٻارن کي انهن ادارن ۾ تعليم ڏياري سگهن. ساڳي طرح سرڪاري ادبي ادارن جون بجيٽون وٺڻ جي آسري ۾ ويهڻ بدران اهڙا معياري ادبي اشاعتي ادارا قائم ڪجن ۽ اڳواٽ هلندڙ اهڙن ادارن کي هٿي ڏيارجي ته جيئن سنڌي ٻولي ۽ دب جي اوسر کي يقيني بڻائي سگهجي. ٿورو ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته هينئر تائين سنڌي ٻوليءَ جو وجود بچائڻ کان وٺي ان جي اوسر تائين جيڪي به واکاڻ جوڳا ڪم ٿيا آهن، تن ۾ سرڪاري ادارن کان وڌيڪ خانگي ادارن جو ڪردار آهي. ان مقصد لاءِ سنڌ واسين جو سياسي طور تي ساڃاهه وند معاشي طور پاڻ ڀرو ٿيڻ وڌيڪ ضروري آهي.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو