Home / افيئر / سنڌ جو اڌڙوٽ نسل ڇا ٿو سوچي؟
above article banner

سنڌ جو اڌڙوٽ نسل ڇا ٿو سوچي؟

انتشار، افراتفري يا ڀونچال جي حالت ۾ ماڻهوءَ جي پهرين ترجيح پاڻ بچائڻ هوندي آهي. جان جي امان. تڏهن مشڪل هجي ٿو ته انسان ڏاهپ جي اولڙن ڏانهن ڌيان ڌري. انٽليڪچوئل يا دانش ڀري روش ڍاول ۽ محفوظ ويٺل منش جي ڪرت سمجهه ۾ اچي ٿي. اکرن کان سرس عملن جي اهميت، جنگاڻ جي هڪ مکيه خصلت ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڳالهيون جهيڙي جي تياريءَ واري مرحلي جو جز ته چئي سگهجن ٿيون پر ويڙهاند هلندي ڄاڙيءَ کان هيٺ ڏونرن جي سگهه گهربل هجي ٿي. گفتگوءَ جو ٻيهر وارو لڙائيءَ جي نتيجن جي سهيڙ وقت اچي ٿو. ان مامري تي ويچار هر هنڌ هلي رهيو آهي ته اسين، سنڌ واسي، ڇو ۽ ڪيئن تاريخ جي ڪٺورتا جو بک ٿيا آهيون. زمين جي گولي تي اسان جو وِتُ برابر ايڏو وڏو ڪونهي. ننڍڙو ٽُڪرڌرتيءَ جو ۽ خلق جو هلڪو گروهه. تڏهن پڻ چوڌاري وڪوڙيل ۽ ڏُتڙجي پاهه ٿيل. حال ۾ تاراج ته آئيندي جي فڪر ۾ غلطان. اڌ اگهاڙي ابهم پَود جي مستقبل ڪاڻ پريشان.

ديوار ڏانهن ڌِڪيل سنڌ هينئر ڇا سوچي رهي آهي؟ پاڻ بچائڻ لاءِ کُرڙي؟ بلڪل. گهڻو پري ناهي ته اُها اُن ڪارائي ۾ هٿ وجهندي جنهن جون آڱريون سندس نِڙگهٽ تي آهن. اهڙو هڪ فرد توڻي بنهه وڏي ٽولي جو آفاقي ردعمل هوندو آهي. اسان رياستي جبر ۽ وحشي واگهن جي گهيراءَ ۾ آهيون. بُلهي شاهه، رحمان بابا ۽ مرزا غالب جي ملڪن کان ڪاهي آيل گهوڙن جا سُنب منهنجي ڇاتيءَ منجهه کُتل آهن. اي زمانا! ايتري سگهه ملي جو آءٌ سيني تي آيل لت کي مروٽي سگهان. اها مون پاري ڏٻري جيوَ جي رڙ آهي جنهن گهاريل سڄي ڄمار نهلزم خلاف ڳالهائيندي ڪٽي. رتوڇاڻ جو حامي نه آهيان پر پنهنجي ٻچن کي تڙپندي ڏسي به نه ٿو سگهان. مٺيءَ جي نياڻي راڌا، لاڙ جو جيوڻ ۽ ڪنڌڪوٽ جو گنهور- سڀ منهنجا ٻچا آهن. اهڙو پيءُ آهيان جنهن جي مرڻ جي گهڙي اچي وئي آهي. اولاد مٿان قربان ٿيڻ مهڻو ته ناهي.

جاري زمان جي جذباتي پهلوءَ کان آجو ته نه ٿو رهي سگهجي، پر جي ڏاهپ جي پلوَ کي ڇڏيون ٿا ته لشڪر ڪاڻ هاڃا گهٽائي ڪين سگهبا. اوهان سان ڏي وٺ جي هن موقعي تي ويچار ونڊيندي هيانءُ هلڪو ٿو ٿئي. موت ته پنهنجي آڏو بيٺو آهي. رياڪاري نه سمجهي وڃي  ته سنڌ جي هڪ سپوت جو نالو لکان ٿو- عطا محمد شاهاڻي. حال حيات. پنجاهي ٽپيل. انگريزي ادب ۾ ايم اي ۽ سو به ٽيهارو ورهيه اڳ. پراڻو قومي ڪارڪن. جيل جي هوا پڻ کاڌل. سرڪاري نوڪري نه ڪيائين. ٿوري گهڻي ٺيڪيداري. مون وانگر شخصي ڪمزوريون ضرور هوندس پر سنڌ جي حوالي کان ڪنهن به ڪٽڻپي کان آزاد. منظور کُهڙي ۽ باغ علي ٻگهئي وانگر هو، ڌرتيءَ جي وهي چڙهيل نسل مان آهي. انيڪ اڇي مٿي وارا ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين انتظاري آهن. کٽ وٺي پوري ٿيڻ کان ساڻيهه مٿان گهورجي وڃڻ جي آشا اٿن. نوجوانن کي ڪا جادوئي آکاڻي نه پر سچي ڪٿا ٻڌائي پئي وڃي. صُبحاڻ اَسُر ويل اکيون مهٽيندي جڏهن ننڊ مان اُٿندا ته گهر جي ٻُنڀي سامهون جائي پائي جنگ اوسيئڙي ۾ ڏسندا. چار ڪائنر رلهي منهن تي ڍڪي ٻيهر پئي رهندا، پر چاليهه مٿير ٽپُ ڏئي اُگهاڙي پير لشڪر جو حصو ٿيندا. مُهاڏي ۾ رياست هوندي ۽ ان جا سگهارا ادارا. بلهي شاهه، رحمان بابا ۽ مرزا غالب جي ديسئون ڪاهي آيل مڇلا پڻ. نه وسارڻ کپي ته هر ويڙهه ۾ ڪي غدار به هوندا آهن. پراون جا ڌڪ ته پنهنجن جا وار. نوجوان دوستو! ڌرتي ڌڻين جي تنهن قافلي جي منڍ ۾ اڇي مٿي وارا هوندا. اڳتي وڌي توهان مٿان سِرُ ڏيندا. سَنَ واري سائينءَ جا تاتيل ڇوڪرا هاڻ آڍڙا ٻڍڙا ٿي رهيا آهن. غلط ۽ صحيح پرڪار سانڍيندي منجهائن اڪثريت اوهان جي لاءِ ٻانهون کولي بيٺي آهي. موت سندن ڪنڌ تي چڙهيو پيو گهمي. هو پنهنجو سُرهو انجام ٿا چاهين.

اکيون کولي رياست ڏانهن نهاريندڙ اڌڙوٽ. سنڌ جي اڌ صديءَ جي تاريخ جا شاهد. ڪوڙا ۽ سچ پُترا کاڌل ڏٻرا بُت توکان دروهه جا طالب آهن منهنجا معصوم پُٽ! ڪوشش ڪندس ته روايتي ڪائنرتا ڇڏي آءٌ به ساڻن گڏجان. تون جي ڪانڌي ٿين ته ٻيو ڇا کپي؟ ويڙهاند هلندي پسي وٺندين ته پريا مرد تو مٿان ڪيئن گهورڙ ويا. ڌرتيءَ کي ڳاڙهو ريج ڏنائون. بهار جي مند ايندي ته سرنهن جي ڦلهار ۾ هڙئي ارواح خوش ٿي تنهنجي پٺڙن تي چَپَ رکندا. زندگي ائين ئي آهي دلبر!

تنهن ڏيهاڙي کَهِي کائيندڙ عطا محمد شاهاڻيءَ جون اکيون روشن ٿي ويون. کيس دنيا ۾ ايندڙ تبديلين جي گهري ڄاڻ آهي. وچ اوڀر ۽ آفريقا تي خاص دسترس. جمهوري تحريڪن ۽ انقلابن سان لڳاءُ. مستقل ويچاريندڙ آتم. وري ٿو لکجي ته پنهنجي قسم جو هو اڪيلو سِرُ نه آهي. سندس جهڙا کوڙ سنڌ اندر پکڙيل آهن. ننڍڙي سنڌ پراهي هتي جي حالتن کي سموري جڳ ۾ جاري اُٿل پٿل جي پسمنظر ۾ نهاريندڙ. آرين ۽ عرب اتهاس جو مطالعو ڪيل جيئرا جاڳندا سيڪيولر. مفروضن ۽ خوش فهمين کان آجا. بنو اُميه، عباسي خليفن ۽ عثماني سلطنت جي انت واري زمانن تي ڳالهائڻ لاءِ آتا. سوويت يونين، فلسطين ۽ افغان جنگ بابت دليل ڏيندڙ. مختلف مذهب ۽ انهن جا مسلڪ. ننڍو کنڊ ۽ ٻه قومي نظريو. پاڪستان ۽ ان جا بنياد. ايم بي بي ايس ۽ ايم بي اي پڙهندڙ پيارا دوستو! قومي تحريڪ جا اهي سينيئر ساٿي اوهان جي ڏکڻ اُتر پکڙيل آهن. سيني سانڍيل مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ بيچين آهن، ويجهي آئيندي ۾ برپا ٿيندڙ جنگ لاءِ تيار. توهان مٿان قربان ٿيڻ جي سانباهي ۾. بدقسمتين جا ڳيچ ڳائڻ ۾ مصروف وري اوهان! مون جهڙي گهٽ عقل واري انسان جي دل به توهان تي ٺٺول ڪندڙ. کل هارڪي نالائقيءَ جون خرزينون ڪلهن تي کنيو پيا گهمو. وقت پنهنجا ڄٻرا نه ڪڍندو ته ٻيو ڇا؟

رياست پنهنجو فطري موت مري رهي آهي“، شاهاڻيءَ جي اکين ۾ نرالي چمڪ هئي. آءٌ گيدي پڻي سبب ڏڪي ويس. بلڪل ايئن جيئن ”نه کپي“ جو اعلان ٻڌي ڪانڊارجي ويو هئس. بغاءَ جو شوقين آهيان پر نتيجا ويچاري شل ٿي ويندو آهيان. ڪاميو جو ”باغي“ ڪيئي ڀيرا پڙهيو اٿم. نهلزم جي اُبتڙ رت وهائڻ جي جائز ڪارڻ جي تلاش به ڪئي اٿم. اهنسا وسيلي تبديلي جو حامي آهيان. اسٽيٽ جي ڀور ٿيل بنيادن جو احساس. عمارت جي ڊهي پٽ پوڻ جي تمنا. اهڙي صورتحال خاطر سنڌ جي سياست وارن ۽ ڏاهن پاران اڳواٽ ڪنهن تياري نه ڪري سگهڻ جو ڏوراپو. ڏهه هزار سال معلوم انساني تاريخ ۾ الاهي قومن جي بربادي ۽ سندن خاتمو. پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين جي وڏي انگ ۾ آمد ۽ آبادڪاري. وجود ۽ بقا جو اُصولي متو- مون جهڙا کوڙ آهن جن مٿان اهو وجد ته سوار آهي، پر جنگاڻ کان ڊنل آهن. ڪا امڪاني ويڙهه نه پر سچ پچ هڪ وڏي جنگ هوندي جيڪا مرڻينگ رياست جي ڪُک مان جنم وٺڻ ۾ دير ڪا نه لڳائيندي. عطا محمد شاهاڻي جو به اهو ئي مطلب آهي. هو ۽ هن جهڙا ڪيئي اڌڙوٽ اها ڳالهه سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ چئي رهيا آهن. اهڙي ويچار پويان سندن عمر ۽ ڪيل جاکوڙ جا عنصر به آهن. پاڻ کين تڪڙ ۾ رد ڪري نٿا سگهون.

ڊيڄو توڻي دلير سڀئي متفق آهن ته مروج سرشتو اسان جي نڙيءَ چوڌاريءَ گهوگهي کي ڪنهن مهل هورڙيان ته ڪڏهن تيزيءَ سان سوگهو ڪندو ٿو وڃي. اسٽيٽس ڪو کي ٽٽڻ کپي. گهمي ڦري مهاڏي ۾ رياستي جبر کي قائم رکڻ وارا ادارا آهن. شاهاڻي جو قائدو پڻ عمل هيٺ  آهي. پاڻ مرضيءَ بنا وڏي ويڙهاند طرف ڌڪبا پيا وڃون. ايندڙ نسلن جي جيئندان ۽ بقا خاطر هاڻوڪي پود کي ٻليدان ڏيڻو پوندو. نوجوانن کي جَوٽ جا گُر ڄاڻايل اڇي مٿي وارا ٻڌائيندا. نه فقط ايترو پر نئين رت کي بچائڻ ڪاڻ اول پنهنجو ڪنڌ اڳتي وڌائيندا. اُتر ۽ ڏکڻ ٻنهي پاسن کان ڪارونڀار چڙهندو ٿو اچي. پاڻ کي ڪاٺي ڪِلي سنڀالڻ کپي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو