Home / ڪور افيئر / سنڌ جي آدمشماري ۽ ڌاري آبادڪاري
above article banner

سنڌ جي آدمشماري ۽ ڌاري آبادڪاري

گذريل 64 سالن کان سنڌ اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿل آهي، جيڪا هر روز ان لاءِ نت نوان مسئلا پئدا ڪندي ٿي رهي ۽ وري انهن منجهان ڪيترا اهڙا مسئلا آهن، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ زندگي موت جهڙي اهميت ٿا رکن. اڃا اسان هڪڙي اهڙي سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ جي جستجو ۾ مصروف هوندا آهيون ته وري ٻي ازدها منهن ڪڍندي آهي. ‘سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا.’

گذريل ڪجهه وقت کان اسان سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ هلائي رهيا رهيا آهيون. اڃا اهو مسئلو اتي ئي آهي ته آدمشماري جهڙو سنگين مسئلو ڪر کڻي اسان جي سامهون اچي بيٺو آهي. سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمون ۽ ليکڪ، اديب، دانشور جيڪي ڪالهه تائين سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جا نعرا هڻي رهيا هئا. اڄ اهي آدم شماريءَ جي مامري کي منهن ڏيڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾  ڪميٽيون به ٺهي چڪيون آهن ۽ انهن پنهنجون سرگرميون به شروع ڪري ڏنيون آهن. اهو هڪڙو اميد ۽ اتساهه ڏياريندڙ عمل آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌي قوم جا باشعور ماڻهو پنهنجي قومي اهميت جي معاملن بابت هوشيار ۽ حساس آهن.

جڏهن معاملو سڄي قوم جي مستقبل سان واسطو رکندڙ هجي ته پوءِ ان جي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ قومي زندگيءَ جي سڀني شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي حصو وٺڻ گهرجي ۽ ڪنهن حد تائين ايئن ٿي به رهيو آهي. پر جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته سماج جي چرپر ۽ ان ۾ پيدا ٿيندر مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ اثر سياست جو ٿيندو آهي، تنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ ذميواري به سياسي پارٽين جي هوندي آهي. آدمشماري جي مسئلي تي ٿيندڙ چرپر ۽ ان دوران ٺهندڙ ڪميٽين ۾ به سياسي پارٽين جي جهجهي شرڪت نظر اچي ٿي. سنڌ بنيادن تي ٺهيل ۽ سنڌ جي قومي مسئلن تي سياست ڪندڙ قومپرست پارٽين جي ان جدوجهد ۾ شموليت ته هڪ فطري ۽ لازمي امر آهي، پر مرڪزيت پسند ۽ اقتداري سياست ڪندڙ پارٽيون جهڙوڪ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ق)، مسلم ليگ (ف)، جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام به ان مهم ۾ شريڪ آهن. اها هڪ لحاظ کان چڱي ڳالهه آهي، پر صورتحال جو ٻيو اهم پاسو به آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪيل سڄي محنت تي پاڻي ڦري سگهي ٿو.

آدمشماري يعني ماڻهو ڳڻڻ جو عمل دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن ۾ هڪ مقرر مدي کانپوءِ ڪيو ويندو آهي. اهو عام حالتن ۾ هڪ معمول جو ڪم هوندو آهي. پر دنيا جا ڪجهه ملڪ / خطا هڪ خاص صورتحال ۾ گهيريل آهن. جنهن ڪري آدمشماري جو معمول وارو عمل انتهائي غيرمعمولي حيثيت ۽ اهميت اختيار ڪريو وڃي. جهڙوڪ فلسطين (اسرائيل سميت)، فجي، مغربي صحارا وغيره. سنڌ به اهڙو ئي خطو آهي، جتي ماڻهن جي  ڳاڻيٽي جو اهو عام ۽ سادو عمل تمام خاص ۽ انتهائي گنڀير صورت اختيار ڪري ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گهر شماري ۽ آدمشماري جو اعلان ٿيڻ سان سنڌ ۾ خوف، خطرن ۽ خدشن وارو ماحول پيدا ٿيو وڃي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان کي ان عمل کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص اُپاءَ وٺڻا ٿا پون.

فلسطين، فجي ۽ مغربي صحارا وانگر سنڌ ۾ به آدمشماري جي خصوصي ۽ غيرمعمولي صورتحال اختيار ڪرڻ جو مکيه سبب ڌاري آبادڪاري آهي. ماڻهن جي دنيا جي هڪ حصي کان ٻئي حصي ڏانهن لڏپلاڻ قديم زماني کان ٿيندي رهي ٿي. ڪڏهن ٻوڏن، زلزلن، سوڪهڙن ۽ ڏڪار جهڙين قدرتي آفتن جي ڪري ته ڪڏهن انساني حوس جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جنگين جي ڪري ماڻهو پنهنجا پراڻا پڊ ڇڏي نوان ٺڪاڻا تلاش ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. اهو هڪڙي قسم جو فطري عمل آهي، جيڪو ٿوري گهڻي فرق سان دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني حصن ۽ خطن ۾ ٿيندو رهي ٿو. ‘مهاجر’ ۽ ‘انصار’ يا چئجي ته مهمان ۽ ميزبان ٻئي اهڙي صورتحال کي قبول ڪندا آهن. لڏپلاڻ جو ٻيو طريقو جيڪو نفرت، تفريق ۽ جهڳڙن کي جنم ڏيندو آهي، اهو آهي غيرفطري ۽ هٿرادو طريقو جڏهن ماڻهن جا ڪي گروهه باقاعده سوچي سمجهي فيصلو ڪري منظم طريقي سان ٻين ماڻهن جي وطنن ڏانهن رخ ڪندا آهن. ان لڏپلاڻ جو مقصد ٻين ماڻهن جي وسيلن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ يا انهن جي ڦرلٽ ڪرڻ هوندو آهي. پهرئين قسم جي لڏپلاڻ ۾ ٻاهران ايندڙ ماڻهو مقامي ماڻهن جي ٻولي، ٿقافت ۽ حقِ حاڪميت کي تسليم ڪندا آهن، جڏهن ته پوئين قسم جي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جا گروهه پاڻ کي ۽ پنهنجي طريقه زندگيءَ کي مٿانهون تصور ڪندا آهن ۽ مقامي ماڻهن جي حقِ حاڪميت کي چئلينج ڪندي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ چاهيندا آهن.

سنڌ 1947ع کانپوءِ پوئين قسم جي لڏپلاڻ جو نشانو رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ شرط لياقت علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت باقاعده منصوبابنديءَ سان هندستان کان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. سنڌين جون ملڪيتون، نوڪريون ۽ ڪاوربار وغيره انهن جي حوالي ڪرڻ سان گڏ انهن لاءِ الڳ تعليمي سرشتو لاڳو ڪيو ويو. وري 1954ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ پنجابين ۽ پٺاڻن کي وڏي پئماني تي سنڌ ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ تي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ اڪسايو ويو، خاص ڪري ايوب خان جي دور ۾ پٺاڻن کي، اهو سڀ ڪجهه به مسلم ليگ جي حڪومت ۾ ٿيو. 1971ع ۾ بنگله ديش جي ٺهڻ کانپوءِ اتان جي بهارين کي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. اهو عمل ذوالفقار علي ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ٿيو. ان کانپوءِ اچي ٿو 1973ع جو آئين جنهن لاءِ ايڏا دهل وڄايا ويندا آهن ۽ جنهن کي پيپلز پارٽيءَ وارا پنهنجو سڀ کان وڏو ڪارنامو قرار ڏيندا آهن ۽ جنهن جي بحاليءَ لاءِ بار بار سنڌين کان رت جي قرباني ورتي ويندي آهي. انهي آئين ڌاري آبادڪاريءَ جي معاملي ۾ سن سان اهڙي ڪئي جهڙي ڪڏهن نه ٿي. ان نه رڳو ناجائز آبادڪاريءَ کي جائز قرار ڏنو، پر ماڻهن جي آمد جا نوان دروازا به کوليا. اهو طئي ڪيو ويو ته ملڪ جي ڪهڙي به حصي کان ڪو به ماڻهو ڪٿي به وڃي رهي ته ان کي حق آهي ۽ اهو به قانون ٺاهيو ويو ته ڪٿان به اچي ڪو ماڻهو ٻه سال ڪٿي رهي ته اهو اتان جو شهري ٿي ويو. ان کانپوءِ جنرل ضياءَ جي دور ۾  شروع ڪيل جهاد ۽ پوءِ وري واري سان پ پ ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن طرفان انهن ئي پاليسين کي جاري رکڻ جي نتيجي ۾ تمام وڏي پئماني تي ۽ تمام تيزيءَ سان سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن جي آبادڪاري ٿي آهي. نه رڳو پاڪستان جي مختلف حصن کان پر دنيا جي مختلف ملڪن کان ماڻهو سنڌ ۾ ايندا ۽ آباد ٿيندا ٿا رهن. ڪٿي زلزلو اچي، ڪٿي جنگ لڳي، ڪٿي نسلي يا مذهبي جهيڙا ٿين، ماڻهن جي لڏپلاڻ سنڌ ڏانهن ٿيندي.

اهي ٻاهران ايندڙ ماڻهو سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض ٿين ٿا ۽ ظاهر آهي ته اهو سنڌي ماڻهن جي بيروزگاريءَ جي قيمت تي ٿئي ٿو. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اهي ڌاريا ماڻهو هتي پنهنجي الڳ سڃاڻپ بيقرار ٿا رکن ۽ ان کان به وڌيڪ سنگين ڳالهه اِها ته اُهي سنڌ تي، خاص ڪري ان جي شهرن تي، مالڪيءَ جي دعوا ڪن ٿا ۽ سنڌين کان حقِ حاڪميت کسڻ جي ڪوشش ٿا ڪن.

۽ مرڪزيت پسند سموريون پارٽيون (جيڪي پاڻ کي وفاقي سڏرائين ٿيون) انهن ڌارين ماڻهن جي انهن سنڌ دشمن عملن / منصوبن (يعني وڏي تعداد ۾ اچڻ، سنڌين جي ملڪيتن ۽ روزگار تي قبضو ڪرڻ، علحده سڃاڻپ رکڻ ۽ حقِ حاڪميت جي دعويٰ ڪرڻ) ۾ انهن جي مدد ڪن ٿيون. نه رڳو مدد ڪن ٿيون، پر انهن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. البته ايئن ڪرڻ جي پويان محرڪ سوچ جي حوالي سان پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن ۾ فرق آهي. مسلم ليگ جا ڌڙا، ايم ڪيو ايم، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سوچ اها آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڦرلٽ ڪرڻي آهي، تنهن ڪري ان ۾ ڌاريا ماڻهو ئي انهن لاءِ ڪارائتا ۽ فطري اتحادي ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته پيپلز پارٽي اهو ٿي سوچي ته سنڌي ماڻهن جي حمايت ۽ انهن جو ووٽ ته هونءَ ئي اسان جي کيسي ۾ آهي، باقي ڌارين ماڻهن کي راضي ڪجي.

انهن جماعتن جي اهڙي ڪردار کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڳالهيون: ڪجهه سال اڳ ۾ جنرل مشرف جي دور ۾ (ڌارين ماڻهن جي) ڪچين آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن کي سنڌ جو ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو مسئلو سنڌ اسيمبليءَ ۾ آيو. پ پ مخالف ڌر ۾ هئڻ ڪري واڪ آئوٽ ڪري ويئي باقي ايم ڪيو ايم ۽ مجلس عمل (يعني جماعتِ اسلامي ۽ جي يو آءِ) جيڪي هونءَ هڪ ٻئي لاءِ ‘چانڊيا مگسي’ هونديون آهن ان معاملي تي هڪ ٿي ويون ۽ ٻن منٽن ۾ بل پاس ٿي ويو. وري جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ان به ڪچين آبادين کي مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ظاهر آهي انهن ڪچين آبادين ۾ 90 سيڪڙو ڌاريا ماڻهو آهن. اڳيون حڪومتون 1985ع کان اڳ وارين ڪچين آبادين کي پڪو ڪري سگهيون هيون جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ 2006ع تائين ڪيل قبضن کي قانوني بڻائي ڇڏيو.

ان سموري عمل ۾ اهي اقتداري پارٽيون 1973ع جي آئين جي آڙ  وٺن ٿيون، جيڪو آئين سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري لاءِ دروازا به کولي ٿو ۽ ان کي جائز به بڻائي ٿو. جڏهن مٿي ذڪر ڪيل ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ جو پ پ حڪومت اعلان ڪيو ته جيئي سنڌ محاذ ان جي خلاف احتجاج ڪيو ۽ ان عمل سان سنڌي قوم کي ٿيندڙ ناقابل تلافي نقصانن کي دليل سان پيش ڪيو ته ان وقت جي سنڌ  حڪومت جي ترجمان وزيرِ اطلاعات شازيه مريءَ طرفان موقف سامهون آيو ته “قومپرستن جي ظاهر ڪيل خدشن ۾ وزن آهي، پر 1973ع جي آئين آڏو اسان مجبور آهيون جو اهو آئين ماڻهن کي ڪٿان کان ڪٿي اچڻ ۽ آباد ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو.” ان مان ظاهر ٿيو ته انهن کي سنڌ جي مفادن ۽ سنڌي قوم جي مستقبل جي ڳڻتي ناهي، پر 1973ع جو آئين پيارو آهي ۽ اهو ان ڪري ته اهو 1973ع جو آئين جيڪو سنڌي قوم جي وجود کي ئي ڪو نه ٿو تسليم ڪري اهو انهن کي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پهچائي ٿو.

هاڻي ان پس منظر ۾ اچون ٿا آدمشماريءَ جي سلسلي ۾ هلندڙ مهم ڏانهن. جيئن شروع ۾ چيو ويو ته سڄي دنيا معمول جي ڪارروائي سمجهيو ويندڙ آدمشماري وارو عمل سنڌ ۾ غيرمعمولي ۽ سنگين صورتحال ڌاري آبادڪاري جي ڪري اختيار ڪري ويو آهي ۽ جڏهن ڌاري آبادڪاري وڏي پئماني تي ۽ هڪ منظم منصوبي تحت ڪئي وڃي ته اها ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪيڏي خطرناڪ ثابت ٿئي ٿي ان جو اندازو فلسطين، فجي ۽ مغربي صحارا جهڙن ملڪن جي صورتحال مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو.

ته مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران هلائي ويندڙ مهم جو هڪڙو پاسو ته اهو آهي ته سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ۽ متحرڪ ڪجي ته اهي پنهنجي خاندانن جا نالا ضرور داخل ڪرائين. اهو يقيني طور هڪڙو درست ۽ ضروري ڪم آهي. پر ان کان وڌيڪ اهم پاسو اهو آهي ته ڌارين ماڻهن جي سنڌ جي رهواسين طور رجسٽريشن کي روڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهن جي گهٽ ڳڻپ ٿيندي ته ان سان اسان کي مرڪز کان ملندڙ ‘امداد’ ۾ گهٽتائي ٿيندي، پر جيڪڏهن ڌارين ماڻهن جي ڳڻپ ٿي ويئي ته ان سان اسان جي قومي شاخت ۽ قومي وجود کي ئي خطرو لاحق ٿي ويندو ۽ ڌارين ماڻهن کي سنڌ جي آدمشماري جو حصو ٿيڻ کان روڪڻ واري ڪم جا ٻه حصا آهن. پهريون ته لامحدود ۽ ڇڙواڳ آبادڪاريءَ کي فوري طور روڪيو وڃي ۽ ٻيواهو ته جيڪي ماڻهو روزگار خاطر اچي ويا آهن انهن کي سياسي حق نه ڏنا وڃن يعني انهن کي سنڌ ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ، ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق نه هجڻ کپي، ايئن جيئن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ آهي يا خود هندستان جي پاسي واري ڪشمير ۾ آهي.  جنهن کي پاڪستان وارا ‘والاريل ڪشمير’ چون ٿا ۽ جنهن جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا.

هن وقت سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ۽ ٻين جن به دوستن آدمشماري جي حوالي سان سنڌ ۾ هلچل جي شروعات ڪئي آهي. انهن جي جذبي ۽ ڪوششن کي جس هجي، پر جذبي ۽ ارادي سان گڏ درست حڪمت عملي به ضروري آهي. انهن کي سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجا نالا لکرائڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ڌارين ماڻهن جا نالا لکجڻ کان روڪرائڻ لاءِ به جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هاڻي اتي سوال پيدا ٿو ٿئي ته مٿي ذڪر ڪيل جيڪي جماعتون ڌارين ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۽ انهن کي سنڌ جو شهري بنائڻ ۽ سنڌ ۾ شهري حق (ڪن حالتن ۾ سنڌين کان به وڌيڪ) ڏيارڻ ۾ ملوث آهن ڇا اهي ڌارين ماڻهن کي سنڌ جي آدمشماري مان خارج ڪرڻ ۽ انهن جي وڌيڪ آبادڪاريءَ کي روڪڻ جي ڪوششن جو حصو بڻجنديون؟ ۽ اسان انهن کي ساڻ کڻي ماڻهن جو تعداد ته وڌايون ٿا پر پنهنجي قومي بقا سان لاڳاپيل ان اهم جدوجهد کي مونجهارن جو شڪار ته نٿا ڪريون؟

هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿيندو ته مٿي ذڪر ڪيل مرڪزيت پسند پارٽيون ته ڌارين ماڻهن جي سنڌ ۾ آبادڪاري جون ذميوار آهن، پر ڪجهه قومپرست جماعتون به پنهنجي ننڍن ننڍن ۽ خسيس ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر ان عمل ۾ ملوث ٿين ٿيون. ڪنهن به جدوجهد جي ڪاميابيءَ لاءِ ماڻهن جي گهڻي تعداد جو هجڻ ضروري آهي، پر ان کان وڌيڪ ضروري آهي ته اها جدوجهد پنهنجي منزل، پنهنجي مقصد، پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ اختيار ڪيل طور طريقن ۽ رستن ۽ انهن رستن تي هلڻ ۽ طور طريقا اختيار ڪرڻ ۾ حصيدارڌرين، فردن ۽ گروپن جي ڪردار جي باري ۾  بلڪل واضح ۽ چٽي هجي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ‘سنڌ هن وقت مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي تنهن ڪري صحيح ۽ غلط جي ڇنڊڇاڻ نه ڪجي، سوچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ جي چڪر ۾ نه پئجي، بس تعداد وڌائجي، سڀني سنڌين کي گڏ ڪجي’ اتي سوال سامهون ٿو اچي ته ڇا سنڌي سڀ سچار، ايماندار، محبت وطن ۽ وفادار آهن؟ يا سنڌ سان جيڪي ڪجهه ناانصافيون ٿيون آهن، انهن ۾ رڳو ڌاريا ملوث آهن؟ حقيقت اها آهي ته ڌاريا سنڌ جي خلاف پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب وڃن ئي ان ڪري ٿا جو ڪجهه سنڌي انهن جو ساٿ ٿا ڏين. دنيا ۾ جن به قومن ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن،  انقلاب آندا آهن ۽  آزاديون ماڻيون آهن، انهن دشمن جو چٽيءَ طرح تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي صِفن جي به ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. جيڪڏهن بنگالي شيخ مجيب الرحمان ۽ پروفيسر غلام اعظم ۾ فرق نه ڪن ها يا پروفيسر مظفر ۽ مولوي فريد احمد کي هڪ صف ۾ بيهارين ها ته ڪڏهن به آزادي حاصل ڪري نه سگهن ٿا.

ڪي دوست وري چوندا آهن ته ‘ادا سان ته سنڌ جي ڳالهه ٿا ڪريون، پوءِ جيڪو به اسان سان گڏ ايندو اسان ته ان کي ساڻ کڻنداسين.’ مان انهن دوستن کان پڇان ٿو ته جيڪڏهن رات جو اسان جي چوري ٿي وڃي يا گهر کي کاٽ لڳي ۽ پوءِ صبح جو پيرا کڻجن يا دانهن ڪوڪ ڪرڻ ۾ چور به اسان سان گڏجي رڙيون ڪري ته ڇا اسان ان جي اهڙي عمل کي قبول ۽ برداشت ڪنداسين؟ ۽ جيڪڏهن ڪيوسين ته پوءِ چوري موٽي ملندي؟ ان جو يقيني جواب آهي ته نه. چوري ته ڪا نه ورندي باقي اسان دانهون ضرور ڪندا رهنداسين ۽ ٿي سگهي ٿو ته چور اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رڙيون ڪري.

ها، باقي اهو ضرور آهي، جيئن مٿي به چيو ويو ته ماڻهن جو تعداد به ضروري هوندو آهي. ته پوءِ مادي طور ڪمزور ڌرين لاءِ ضروري هوندو آهي ته اهي اهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪن ته جيئن پنهنجي بنيادي اصولن تي قائم رهندي وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ جا رستا ۽ امڪان کليل رهن. ان ڪري موجوده آدمشماري مهم جي حوالي سان اسان کي گهرجي ته جدوجهد جي ٻنهي پاسن کي هڪ جيتري اهميت سان کڻون. سنڌي ماڻهن کي پنهنجا ۽ گهر ڀاتين جا نالا لکرائڻ لاءِ به متحرڪ ڪجي ته ڌاري آبادڪاريءَ کي روڪڻ ۽ ڌارين ماڻهن کي سنڌ جي آدمشماريءَ ۾ شامل نه ڪرڻ جي نڪتن کي به پنهنجي جدوجهد ۾ شامل ڪريون. پوءِ جيڪڏهن اقتداري سياست ڪندڙ پارٽيون ان جدوجهد ۾ شريڪ ٿين ٿيون ته انهن کي ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اهي پارٽيون گهٽ ۾ گهٽ اخلاقي طور ته ان ڳالهه سان ٻڌل هونديون ته اهي آئنده ڌاري آباڪاريءَ جي عمل ۾ ملوث نه ٿينديون. باقي جيڪڏهن سنڌي قوم جي زندگي موت جي ان مسئلي کي کڻڻ سان اهي همراهه ڀڄي ٿا وڃن ته ڀلي ڀڄي وڃن. سنڌيءَ ۾ چوڻ آهي ته “ڀاڙي ڀاءُ کان کٽ خالي چڱي آهي.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو