Home / افيئر / سنڌ جي زندهه تاريخ جو تخليقي سفر
above article banner

سنڌ جي زندهه تاريخ جو تخليقي سفر

اڄ ملڪ ۾ آپگهاتي حملن جو زور آهي ۽ ڪوبه شريف ماڻهو جيڪو پنهنجي آزاد راءِ رکي ٿو، اهو محفوظ ناهي. جڏهن ته حق سچ جي ڳالهه چوڻ تي گستاخِ رسول جي تُهمت ٺهي ٺُڪي پئي آهي. جنهن وسيلي انتهاپسند سماج جي ڪنهن به فضيلت ڀرئي ماڻهو جو سر کڻي سگهن ٿا. تڏهن آءٌ ان بزرگ سامهون چانهه جي سِپ ڀريندي سوچيان ٿو ته هي اهو ئي شخص آهي، جنهن اڄ کان ڪيئي ورهيه اڳ مذهبي متڀيد، ڪٽرپڻي ۽ نفرت جوشڪار ٿيل هڪ هندو ڪٽنب جي پيڙا کي پنهنجي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جو موضوع بڻايو ۽ پوءِ پاڻ اهڙي متڀيد جو شڪار بڻيو جو سندس لاءِ جهڙوڪر ڌرتي سوڙهي ڪئي وئي هئي. اهو شخص ٻيو ڪو نه پر سائين امر جليل آهي، جيڪو اڄ عمر جي آخري حصي ۾ به ان مذهبي ڪروڌ خلاف ساڳي ئي اسپرٽ سان جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اُن تان تر جيتروبه پٺتي ناهي هٽيو. هو جسماني طرح ڏٻرو ضرور ٿيو آهي، پر سندس خيال اڄ به ”ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ وانگر سگهارا آهن.

ويجهڙ ۾ ئي ڪويتا پبليڪيشن امر جليل بابت طارق اشرف طرفان ماهوار “سهڻي” ۾ 37 ورهيه اڳ ڪڍيل خاص نمبر ۽ ڪجهه ٻيا مضمون گڏائي ”امر جليل هڪ ليکڪ جو تخيلقي سفر“ 1955ع کان 1974ع شايع ڪيو آهي، حسبِ دستور سائين امر جليل مهاڳ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا جي باب کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي پڙهندڙ سان دل جا احوال اوريا آهن. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل پنهنجي دور جي وڏن عالمن، اديبن، دانشورن ۽ استادن جا فڪري رايا امر جليل جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ ۾ نهايت مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. اديب ۽ دانشور ليکڪ متعلق ڇا ٿا چون، ان تي پوءِ ٿا اچون، پهرين ڏسون ته ليکڪ پاڻ ڇا ٿو سوچي؟

مذهبي ڪٽپرڻي ۽ انتهاپسندي خلاف احتجاج طور لکيل ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ بابت ممڻ ڪيئن متو، ان بابت هو لکي ٿو ته ”سرد لاش جو سفر“ بابت تڏهوڪي اقليتن جي وفاقي وزير راجا تريديو راءِ، ذوالفقار علي ڀٽي کي ٻڌايو ۽ اقيلتن سان هاڃن جي شڪايت ڪئي ته هو تپي باهه ٿي ويو. چوويهن ڪلاڪن اندر ڪهاڻي ۾ ڏنل واقعي جا تفصيل گهري ورتائين. خاص طور ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ جا سبب.“

حيرانگيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ان واقعي کانپوءِ ساڄي ڌر جي لکارين ٻرنديءَ تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪيو ۽ انهن پوري ڪوشش ڪئي ته سنڌي ادب جي هن اربيلي ليکڪ کي صفحه هستيءَ تان ميسارجي ڇڏجي. ”ان موقعي جو ساڄي ڌر جي انتهاپسند پارٽين پورو پورو فائدو کنيو. هڪ ملحد کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جو کين وجهه مليو هو. هنن رشيد احمد لاشاري ۽ سردار علي شاهه جي سرپرستيءَ ۾ منهنجي ڪهاڻين مان بيربط حوالا ڪڍي، ضخيم فائل ٺاهي مرڪزي سرڪار آڏو پيش ڪيا. ساچي ڌر جي انتهاپسندن منهنجي لاءِ واجب القتل هئڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. مرڪزي سرڪار حڪم جاري ڪيو ته ليکڪ کي گرفتار ڪري اسلام آباد آندو وڃي.“ هو لکي ٿو.

ايئن هو پنهنجو بچاءُ ڪرڻ لاءِ هلالِ پاڪستان جي تڏهوڪي ايڊيٽر سراج ميمڻ جي آفيس ڪيئن ٿو پهچي ۽ جماعتِ اسلامي سندس خلاف هٿ ٺوڪيون فتوائون کڻي ڪيئن ٿي ميدان ۾ لهي؟ ان جو هن سربستو احوال لکيو آهي. هو هڪ هنڌ پاڪستان جي منظرنامي بابت اهڙو سچ لکي ويو آهي،  جيڪو ڪالهه به هڪ حقيقت هو، اڄ به آهي ۽ شايد سڀان به رهي. هو رقمطراز آهي ته ”پاڪستان تي ڏاڙهي وارن ۽ بنا ڏاڙهي وارن ملن قبضو ڪري ورتو آهي. هن ملڪ ۾ اسان کي اظهار جي آزادي نصيب نٿي سگهندي.“

اوهان کي ان ڳالهه تي قطعي حيرت نه ٿيڻ کپي ته سنڌ جو ڏهيسر جيڪو ان وقت سنڌ جو وزيراعليٰ هو، اهو به امر جليل خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو ويٺو هو ته تڏهوڪو وفاقي وزير حفيظ پيرزادو پڻ هڪ ليکڪ کي گهربل مان ڏيڻ بدران اُن تي ائين ڏمريل هو، جڏهن سندس ڪو گناهه ڪيو هجي. امر جليل ساڻس جڏهن اسلام آباد سندس آفيس ۾ ملڻ ويو تڏهن هن کيس ڇڙٻون ڪڍندي ڇا چيو هو، توهان به پڙهو: ”تو واهيات تحريرن سان اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي پارٽي پوزيشن خراب ڪري وڌي آهي. اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر تنهنجن ليکن مان حوالا ڏيئي سوال ٿا ٿارين ته پيپلز پارٽي جي ترجمان اخبار هلالِ پاڪستان جو چيف ڪالمسٽ ڏسو ته ڪيئن الحاد، ڪفر، بغاوت ۽ بي راهه رويءَ جو پرچار ڪري رهيو آهي.”

“سرد لاش جو سفر” بابت سنڌي جو نامور عالم ۽ ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائي امر جليل ڏانهن هڪ خط ۾ لکي ٿو ته “شير شاهه جا شڪرا اڪثر ڪري گهر جا ڪڪڙ ماريندا آهن ۽ مارڻ جو هنڌ هڪڙو ناهي. هتي ته قدم قدم تي ڪوڙڪي آهي. آءٌ هن خط وسيلي امر جليل کي مبارڪ ڏيان ٿو، بيشڪ کيس قدردانيءَ طور گهڻا مالي ڌڪ لڳا آهن ۽ شايد لڳندا به، پر جيڪو ڪين ڪٺو، سو  نه اسان جي ڪڙم مان! وانگر اهو صحيح اديب، شاعر ۽ ايڊيٽر ڪهڙو جيڪو ڌڪ نه کائي.”

ايئن غلام محمد گرامي، غلام علي الانا، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، سندس مختلف احساسن ۽ ڪهاڻين “اروڙ جو مست”، “سوجهرو”، “محبت آرزو ۽ دل جي دنيا” جي فني پاسن ۽ سندس تخليقي پورهئي بابت نهايت ڪارائتو بحث ڪن ٿا.

غيرسنڌي ملُو ڪالهه تائين به نه رڳو انتهاپسند بلڪه سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪيو، بلڪه اڄ به سندس ساڳيو ڪردار تهائين وڌيڪ خطرناڪ روپ ۾ نروار ٿي سامهون آيو آهي. جليل جي ان دور ۾ لکيل ڪهاڻي “ڇتي ڪتي جو موت” ان پسمنظر ۾ لکيل آهي. جنهن کي پڙهي اڄ به ان مان سبق پرائي سگهجي ٿو. طارق اشرف امر جليل جي پنهنجي پڙهندڙ سان ڪمٽمينٽ جي اپٽارڪندي لکي ٿو ته “چوندا آهن ته پاڪستاني قوم کي يا ته صدر ڀٽي سڃاتو يا فلم اسٽار رنگيلا، پر مون اهو به واڌارو ڪيو آهي ته سنڌي پڙهندڙن کي امر جليل سڃاتو آهي، پر رنگيلي وانگر جليل پڙهندڙن کي بيوقوف نٿو بڻائي، هي سندن جذبات جي ترجماني ڪري ٿو ۽ سٺي مقصد ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.”

سهڻي نمبر ۾ سائين امر جليل جي فن، فڪر ۽ ذاتي دلچسپين بابت سڀ کان وڌيڪ مفصل قمر شهباز لکيو آهي. جيڪو سندس پڳ مٽ سنگتي پڻ هو. قمر کي پڙهندي اهو به انڪشاف ٿيو ته نوابشاهه ۾ هاسٽل جي جن ڪمرن تي اهي ٻئي صاحبان شاگرديءَ واري زماني ۾ رهندا هئا، تڏهن امر جليل جي ڪمري تي لفظ “پناهه گاهه” لکيل هوندو هو ۽ سندس روم مٿان “جهنم“ جي ڇاپ هئي، انهن ٻن معنيٰ خيز اکرن مان به اسان پنهنجي ٻنهي معزز ليکڪن جي مثبت سوچ جو اندازو لڳائي سگهون ٿا.

“او چري، او بانوري! وري ته آ او سانوري” اها سانوري ڇوڪري جيڪا سائين امر جليل جي خوابن ۾ رهي جنهن لاءِ هن اهو گيت سرجيو، ان بابت سندس همعصر ۽ گهرو دوست قمر شهباز ڪجهه هيئن ٿو چوي“هڪ ڏينهن جليل کي ان ڇوڪري (سيما) سان ڳالهائيندي ڏٺم، منهنجا ته لاهه ئي نڪري ويا، اڪيلي منهنجا ڇا هت ته سڀني جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو هو، هرڪو پيو اندر ۾ چڪ پائي، ٻاهران مرڪيو پيا مبارڪون ڏين” ايئن امر جليل جو افسانو “دل جي اڪيلائي” ۾ به اُن سيما جو پاڇو ڏسي سگهجي ٿو. ڪرڪيٽ کي عشق جي حد تائين چاهيندڙ هن ليکڪ جي زندگيءَ مان اها سيما ڪيڏنهن الوپ ٿي وئي؟ اها خبر سائين امر جليل کي!

“سنڌي ادب ۾ تمام ٿورا ماڻهو اها آهن، جن جي گُجي وڏي آهي، جن ڪڏهن ڪنهن جي گلا نه ڪئي آهي. جليل به انهن مان هڪڙو آهي. هو ته ڏوراپو به نه ڏيندو آهي، ها ڏک ضرور ڪڍندو آهي.” امداد حسيني لکي ٿو. نسيم کرل جي راءِ موجب امر جليل شروع ۾ دت ڀارتي ۽ گوپال عابد جهڙيون ڪهاڻيون لکنديون هو،  پوءِ هوريان هوريان ان ۾ تبديلي ايندي ويندي هئي. هڪ ڪهاڻي چڱيرڙي نه ٿي ڪهاڻيون ٽرئش”

ان کانسواءِ ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب، انور پيرزادي، ممتاز مهر، ناگپال، تنوير عباسي، تاج بلوچ، علي بابا، آغا سليم، هدايت بلوچ ۽ ٻين جا امر جليل جي فن، فڪر ۽ شخصيتن بابت لکيل رايا نهايت لاجواب آهن. اهو نسل جيڪو هاڻ چاليهن جي پيٽي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ان ممڪن آهي ته سنڌ جي هن زنده تاريخ کي چڱي ريت پڙهيو ۽ پروڙيو هجي، پر ان کان پويون نسل جيڪو هاڻ جوانيءَ جي ڏاڪي تي پهتو آهي ۽ ان جو رخ يونيورسٽين ڏانهن آهي، ان کي امر جليل جي فڪر ۽ فن کي سمجهڻ جي شديد ضرورت آهي ۽ اهو سندن لاءِ مشعل راهه بڻجي سگهجي ٿو. جڏهن ته اهو نسل جنهن جليل کي پراڻن وقتن ۾ پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، انهن کي به کيس وڌيڪ ڳوڙهي انداز سان سمجهڻ گهرجي. هي ڪتاب هڪ ڀيرو وٺي ضرور پڙهڻ گهرجي.

پنهنجي ٻاروتڻ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جي هال ۾ اسٽيج مٿان ايني سينٽ جي مشهور قول: “ڪو به مذهب سچ کان مٿاهون ناهي” کي سونهون سمجهي زندگيءَ جو سفر طئي ڪندڙ هي شخص اڄ به اُن سِٽ کي پنهنجو سونهون سمجهي ٿو، جيڪا سِٽ مجموعي طرح صوفياڻو مزاج رکندڙ سنڌي سماج جي به ترجمان آهي. ان ڪري نوجوان نسل کي امر جليل کي هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهڻ، سوچ ۽ سمجهه جو سفر طئي ڪرڻ جي سڀاڻي نه بلڪه اڄ ئي شروعات ڪرڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو