Home / سياسي افيئر / سياسي رام ريکائون ۽ اليڪشن جا اولڙا
above article banner

سياسي رام ريکائون ۽ اليڪشن جا اولڙا

سيپٽمبر 2008 ۾ ايوان صدر تشريف وٺي ايندڙ صدر زرداري پنهنجي صدارت جا اڍائي سال پورا ڪيا آهن. جيئن جيئن موجوده پارليامينٽ پڇاڙڪي وقت ڏانهن وڃي رهي آهي ته صدر زرداريءَ جي “مفاهمت” ۾ ڏار پئجي ويا آهن جيڪا ڪجهه تجزئي نگارن موجب “ناقص مٽيريل” مان جڙيل هئي. مفاهمت ڪمزور ٿيڻ جا اوائلي آثار نواز ليگ جي ڌار ٿيڻ وقت نظر آيا هئا ۽ ان جي تازي ثابتي پارليامينٽ کي ڪيل سندس چوٿين خطاب وقت پڌري ٿي.

صدر زرداري جڏهن پارليامينٽ کي پهريون خطاب ڪيو هو ته خلق خاموش هئي. وقت واقعي بدلجي ويا آهن. هن جي چوٿين خطاب وقت قاف، نون، فضل، ۽ شيرپائو سان لاڳاپيل ٻنهي ايوانن جي اٽڪل ٻه سئو ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو. بلڪل آخري وقت تي ايم ڪيو ايم جي ڪرائيءَ ۾ رحمان ملڪ جو هٿ پئجي ويو، نه ته گوڙ ڪندڙن جو گروپ اڃا وڏو ٿي پئي سگهيو.

نظر ايئن پيو اچي ته ايندڙ اليڪشن جي تياري هينئر سان زورن تي آهي. اليڪشن سياسي نفسانفسيءَ جو نالو هوندي آهي جنهن ۾ ڪير ڪنهن جو نه هوندو آهي. هر ڪنهن کي ڌار بيهي پنهنجي سياسي دڪان جي مالڪي ڪرڻي پوندي آهي. سو ان دڪان لاءِ پراڊڪٽس ۽ ميسيجز هينئر سان ئي تيار ٿي رهيا آهن. مثال طور مولانا فضل الرحمان ايڏو وقت پاور ۾ رهڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته ٿورا ڏينهن اپوزيشن واري پاسي گذاري بخشان بخشي ڪرائي، نئون تازو ٿي ووٽرن وٽ پيش ٿجي، ان ڪري هن اعظم سواتيءَ جي وزارت وڃڻ واري معاملي تي ناراض ٿي ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکيو. اها ڪهاڻي به ڪيترا ڏينهن ڪيپيٽل ۾ گشت ڪندي رهي ته اعظم سواتي پنجاهي کن ڪروڙ رپين ۾ اها وزارت مولانا کان خريد ڪئي هئي تنهنڪري جڏهن اهو خريد ڪيل سامان کانئس ڦراڻو ته هو اچي مولانا وٽ لڏ لاهي ويهي رهيو جنهن تي هن حڪومت کان پنهنجا رستا ڌار ڪري پنهنجي ڪلائنٽ جي دل تي ڇنڊو وڌو.

سڀ ڪنهن کي اليڪشن جا سور آهن. “جرائم پيشه عناصر هٿان ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ” جو روڄ روئندڙ ايم ڪيو ايم پاور ۾ رهڻ جو ريڪارڊ قائم ڪرڻ کان پوءِ مولانا واري ساڳي ٻڏ تر ۾ آهي. خواهش ته هنن جي به اها آهي ته ٿورڙي وقت لاءِ مخالف ڌر جو تلڪ لڳرائي ساڌو سنت ٿي اليڪشن بعد وري اچي پاور جي ٿڌي ڇانءُ ۾ ويهي رهجي  پر هنن کي خبر آهي ته مخالف ڌر ۾ وڃڻ جو هنن کي فوري فائدو به ايڏو ڪونه ٿيندو ۽ نقصان تهائين وڌيڪ ٿيندو. هو پاور واري رام ريکا کان هڪڙو پير ٻاهر مس رکن ٿا ته پيپلز پارٽي کين ميسيج ڏئي ٿي ته تڪ بنديون نئين سر ڪنداسين ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن پنهنجي خاص اسٽائيل واري ڪرائينداسين. ٻاهر پيري ٿيل ايم ڪيو ايم پنهنجي کنيل وک واپس ورائي ٻيهر رام ريکا ۾ موٽي اچي ٿي. رضاهارون ۽ فاروق ستار بظاهر جيڪا ڪيسيٽ لڳايو ويٺا آهن تنهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽  “جرائم پيشه عناصر” جي باري ۾ قوالي هوندي آهي. اڄڪلهه وري ان شڪايت جو اضافو ٿيو آهي ته ڪراچي پوليس ۾ مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن. اشارو اهو آهي ته جيڪي ٿورڙا سنڌي اڄڪلهه ڪجهه ٿاڻن تي لڳا آهن تن کي تڙي ڪڍو.

ايم ڪيو ايم پاران اپوزيشن ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب نواز ليگ پاران ان کي “نو آبجيڪشن” نه ملڻ به آهي. پاور ۾ نه رهڻ ۽ سياسي طرح اڪيلو رهڻ ڊبل ٽربل آهي جيڪا ايم ڪيو ايم افورڊ نٿي ڪري سگهي. ٻي ڳالهه ته ايم ڪيو ايم اهو ڄاڻي ٿي ته جيڪڏهن ان کي ٽيم بي ۾ انٽري ملي به وڃي ته به مستقبل ۾ هن سان ايڏو شاهاڻو سلوڪ نه ڪيو ويندو جهڙو پيپلز پارٽي ان سان ڪندي رهي آهي. سياسي سخاوت ته آصف زرداريءَ تي ختم آهي. اليڪشن ۾ ڌڪ ڪڍڻ وارو ڪارڊ پيپلز پارٽي ڀلي ڏيکاريندي رهي هجي، پر ايم ڪيو ايم کي ان هندوري ۾ لوڏيو آهي. ٻي پارٽي سٺو اگهه ته ڏيئي سگهي ٿي پر اهڙو بهتر ڊيل ڪڏهن به ڪانه ڏيندي. جيتوڻيڪ اهو ڪو ٽرمپ ڪارڊ ته ڪونه ثابت ٿيندو، پر ايم ڪيو ايم پنجاب ۾ دفتر کولڻ ۽ نيون ميمبرسازيون ڪرڻ سان گڏ ايندڙ اليڪشن ۾ نواز ليگ جي رستي روڪ ڪرڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. مستقبل ۾ ٻنهي پارٽين ۾ جيڪي ڳالهيون ٿينديون تنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي پنجاب ۾ ٽنگ پکيڙ به “ڏي ــ وٺ” وارن نڪتن ۾ شامل هوندي.

ويجهڙ ۾ مولانا فضل الرحمان واري دعوت ۾ اڻ ٿيڻيون ٿي گذريون. چوڌري شجاعت، چوڌري نثار ۽ فاروق       ستار گوڏا گڏيو ويٺا هئا. جيڪڏهن ڏسجي ته نواز ليگ وٽ به ايم ڪيو ايم کي انٽري ڏيڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي، پر هو ان کي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ڏيڻ چاهين ٿا. سنڌ ۾ هنن جي لڏي جو اڳ ئي کر پير ڪونه ٿو نظر اچي. لاچار فنڪشنل ۽ اتر ۽ لاڙ جي ڪجهه ضلعن جا “بي تاج بادشاهه” گڏ ڪري انهن کي ايم ڪيو ايم سان ملائي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهڻي پوندي. ٻيا به نواز ليگ کي مهانگا پوندا پر ايم ڪيو ايم جهڙي گروپ کي پاڻ سان ملائڻ سان نواز ليگ سنڌ جي پاور واري رڌڻي ۾ ڌاڻا ڌرچڪ ٿي ويندي. ان ڪري ان سان ميل جول ۽ سياسي فاصلي ۾ گهٽتائي ماپ تور جي اعشاري نظام مطابق ۽ صفا انچن جي حساب سان ٿي رهي آهي.

ڪجهه تجزئي نگار چون ٿا ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾جيڪي بظاهر فاصلا نظر اچي رهيا آهن سي اندرواندر اڃا تائين موجود ويجهڙائيءَ جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهيا آهن. نواز ليگ کي خبر آهي ته ايندڙ اليڪشن جيڪڏهن زرداريءَ بدران ڪنهن ٻي ڌر ڪرائي، ته ان کي اهو داڻو پاڻي به شايد ملي جيڪو زرداريءَ جي ڪرايل االيڪشن ۾ ملي سگهي ٿو. جيترا فاصلا نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ موجود آهن، نواز ليگ ۽ راولپنڊيءَ وچ ۾ ان کان وڌيڪ فاصلا آهن جيڪي مشرف جي وڃڻ باوجود اڃا تائين ختم نه ٿي سگهيا آهن. ان ڳالهه جا امڪان آهن ته اليڪشن اچڻ تائين ڪجهه دوريون گهٽ ٿي وڃن پر وري به “تم مجهه مين سما جائو، مين تم مين سما جائون” واري صورتحال ڪانه ٿيندي. اهڙين حالتن ۾ نواز ليگ زرداريءَ سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ نسبتا وڌيڪ ڪمفرٽيبل آهي. چون ٿا ته ان جي پٺيان ورديءَ وارن جي ڌڪيل نواز شريف جي اها سوچ به موجود آهي ته “زرداري وري به گهٽ ۾ گهٽ سياسي ماڻهو ته آهي.”

نواز شريف جي علاج هلندي صدر زرداريءَ کيس جيڪو پروٽوڪول ڏياريو ۽ پاڻ سندس صحت بابت پڇندو رهيو تنهن جو به ڪجهه اثر ٿيو جو صدر جي خطاب دوران گوڙ گهٻوڙ پوري عزت سان ٿيو. مڙني وڏن جون “دليون گڏ آهن” يا “گڏجي سگهن ٿيون” جي خبر ريمنڊ ڊيوس معاملي جي نبيري مان پوي ٿي. اوهان ڏسو، ته هزار اختلافن جي باوجود پيپلز پارٽيءَ جي گيلاني سرڪار، ايوان صدر، پنجاب سرڪار، فوج، ۽ عدليه سڀني گڏجي ريمنڊ ڊيوس معاملي جو متفقه نبيرو ڪيو. پر ان نبيري جو پس منظر “قومي مفاد” هو. اهو ضروري ڪونهي ته دليون هروڀرو هر معاملي تي اهڙي نموني گڏجن.

ريمنڊ معاملي تي رائيٽ ونگ ميڊيا، ريٽائرڊ نه ٿيندڙ حميد گل، اسلامي جماعت ۽ ڪپتان عمران خان جيترو زرداريءَ جي مخالفت ڪئي آهي ان کان وڌيڪ نواز ليگ کي ڌوتو آهي. حميد گل ته پاڪستان جي دفاعي اداري ۽ سندس پنهنجي اڳوڻي محڪمي جي شان ۾ نهايت گٿا لفظ ڳالهائي پنهنجي راڄ برادريءَ ۾به ڏٺو ٿيو آهي. عمران خان جنهن کي اهو غم کائيندو وڃي ٿو ته حڪمران اهڙا “ڳجها ڊيل” ڪن ٿا جن کان عوام کي باخبر نٿيو رکيو وڃي تنهن عوام کي بي خبر رکندي 14مارچ تي آمريڪي سفير ڪيميرون منٽر سان ڳجهي ملاقات ڪئي. ملاقات جي خبر ليڪ ٿيڻ کان پوءِ هاڻي کيس وضاحتون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.

جنهن رائيٽ ونگ لڏي جو ذڪر ڪيو ويو آهي سو پڻ ايندڙ اليڪشن لاءِ تياري ڪري رهيو آهي. پنجاب جي شهري ماڻهن جي سوچ بلڪل ايئن رائيٽ ونگ ڏانهن لاڙو رکي ٿي جيئن ڀارت جي شهري، مڊل ۽ ڪنزيومر ڪلاس جو عشق بي جي پيءَ سان آهي. موجوده صورتحال ۾ نواز ليگ ويل ۾ آهي.  هڪ پاسي ان جي ڳجهي آمريڪا دوستي ۽ اهڙا ئي ڪجهه ٻيا “ڪمزور” پاسا آهن ۽ ٻئي پاسي حميد گل، عمران خان، جماعت اسلاميءَ جي مخالفت ۽ چغل خور ميڊيا جي منافقت آهي. اهي پاڻ ۾ گڏجي اهڙو پريشر ٺاهيو بيٺا آهن جو نواز ليگ لاءِ پنهنجي رائيٽ ونگ ووٽر کي پنهنجي فولڊ ۾ رکڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. هر گذرندڙ ڏينهن سان نواز ليگ جو ووٽر ۽ خاص ڪري ايجوڪيٽيڊ شهري ووٽر سياسي هجرت ڪري عمران خان ۽ جماعت اسلامي ڏانهن وڃي رهيو آهي. جماعت ته پنهنجو چڱو خاصو ووٽر واپس ورايو آهي جيڪو نواز ليگ ان کان کسي وئي هئي. نواز ليگ جي هٿ مان وقت ۽ ووٽر وهندا پيا وڃن. مٿان ڪنگ ميڪر ڌرين وٽان ان کي اڃا مڪمل ريت بخشش به ڪانه ملي آهي، تنهن ڪري اها ڪافي بي يقينيءَ جي شڪار آهي.

هن وقت پارٽين جي سياسي مقبوليت جو حشر بنهه بڇڙو آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي سموري اوور ۽ انڊرايڪٽنگ جي باوجود ملڪ جي وڏي پارٽيءَ واري منچ تي موجود آهي. پر مجموعي ريت پيپلز پارٽي جي سياسي سلطنت سنڌ ۽ سرائيڪي پنجاب ئي وڃي رهيا آهن. سينٽرل پنجاب جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت اڃا به نواز ليگ سان گڏ آهي ۽ باقي خلق شجاعت ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ڪجهه “بي تاج بادشاهن” جي ڪيمپ ۾ آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ته پنهنجي سياسي طاقت جو دفاع جيئن تيئن ڪري ويندي. باقي جي ڌر ڌڻين ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ وري ڪا “ڊيل” ٿي وئي، ته پوءِ گهڻا امڪان اهي آهن ته موجوده سياسي ڪامبينيشن کي بلڪل ئي نه ڇيڙيو وڃي. جي ايئن ٿيو، ته ٻيا ته ماٺڙي ڪري ويهي رهندا پر سڀ کان گهڻو صدمو سنڌ ۾ “تبديلي پسندن” کي گڏ ڪندڙ چانهه  پارٽي جهڙن گروپن کي ٿيندو.

mazharlaghari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو