Home / سياسي افيئر / شهيد نذير عباسي جو نظرياتي وارث ڪير
above article banner

شهيد نذير عباسي جو نظرياتي وارث ڪير

هي شعر ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي اهڙن چاهيندڙن مٿان مڪمل طور فٽ اچي ٿو جن جي دعويٰ آهي ته اهي ڪامريڊ جي شهادت کان سڀ کان وڌيڪ ۽ سڌا سنوان متاثر ٿيا آهن . ڪامريڊ نذير عباسي شهيد هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جي شهادت ان جي نظرئي ۽ ان جي نظرياتي پارٽي کي ته فوري طور شايد ئي ڪو سياسي فائدو ڏئي سگهي هجي پر ڪجهه ماڻهن کي يقينن زبردست فائدو رسائي وئي آهي. منهنجو اشارو ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي بيوه محترمه حميده گهانگرو ڏانهن آهي.

شهيدن جا ڪيس ڪنهن سرڪاري عدالت ۾ هلائڻ کان وڌيڪ معتبر اهو هوندو آهي ته انهن جو ڪيس عوام آڏو رکيو وڃي، جيئن تاريخ پنهنجو فيصلو ٻڌائي سگهي، پر ائين ڪرڻ بجاءِ جيئن ته ڪامريڊ نذير عباسي جي شهادت جو ڪيس ري اوپن ڪرائڻ ۾ محترمه حميده گهانگرو ۽ ساٿين کي ڪو فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هر سال جولاءِ کان وٺي آگسٽ مهيني تائين نذير عباسي شهيد جي ڪيس جي حوالي سان تمام گهڻي سرگرمي ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪي ملڻ کان رهجي ويل وڌيڪ فائدا حاصل ڪري سگهجن..!!. محترمه حميده گهانگرو نذير عباسي شهيد جي وارث هئڻ جو حق ٻن سببن جي ڪري وڃائي ويٺي آهي: هڪ ته، محترمه حميده، نذير عباسي شهيد جي رستي تان مڪمل طور انحراف ڪندڙ آهي. ٻيو سبب اهو آهي ته هوءَ ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ ڪامريڊ نذير عباسي جي بيوه ڪانه رهي آهي!

ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جا اصل وارث حقيقت ۾ سندس اهي دوست آهن، جيڪي اڄ به نظرياتي طور ان ئي نظرئي سان جڙيل آهن، جنهن نظرئي تي هلندي، ڪامريڊ نذير عباسي شهادت جو جام پيتو هو. رت جا رشتا شهيدن جا وارث سڏرائڻ جا تڏهن ئي مستحق هوندا آهن، جڏهن اهي انهن جي راهه تي هلندڙ ۽ ان جي مقصد کي مڪمل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ هجن، پر ڪامريڊ نذير عباسي جي وارثي جي دعويدارن نه رڳو نذير عباسي شهيد جي پارٽي ۽ نظرئي کي ڇڏي ڏنو پر انهن ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي انهن ساٿين کي ڪامريڊ جي قتل ۾ سڌيءَ ريت ملوث ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، جيڪي ڪامريڊ سان گڏ گرفتار ٿيا هئا.ڇا محترمه وٽ ان سوال جو جواب آهي ته ڄام ساقي ۽ جمال نقوي تي ڪيترائي ڀيرا قاتل هئڻ جو الزام لڳائڻ بعد، انهن کي ڪيئن صاف ڪيو ويو؟ ڪامريڊ نذير عباسي شهيد هڪ ڪميونسٽ هو، جنهن پنهنجي عظيم مقصد خاطر شهادت ماڻي پر محترمه ۽ انهن جا دوست ڪامرِيڊ کي ماڻهن آڏو بطور قوم پرست طورپيش ڪندا رهيا آهن.!

اسان جا اهي دوست جيڪي ڪامريڊ نذير عباسي سان محبت ڪن ٿا ۽ ان جي محبت ۾ ڪيترن ئي اهڙن سوالن کي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا، انهن کي گذارش آهي ته محترمه حميده گهانگرو کي نذير عباسي جو نالو استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ڇو ته سندس اهڙو عمل، ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي رت کي رائگان ڪرڻ برابر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو