Home / ڪرنٽ افيئر / عرب دنيا ۾ تبديليءَ جي نئين لهر
above article banner

عرب دنيا ۾ تبديليءَ جي نئين لهر

عرب ملڪن ۾ اوچتو حڪومتن خلاف بغاوت اڀري آهي، جنهن جي شروعات تيونس کان ٿي ۽ ڏينهن جي اندر پوري وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي عرب ملڪن تائين پکڙجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ گهڻو عرصو حڪومت ڪندڙ حاڪم زين العابدين بن علي زال سميت پوئين پهر رات جو سامان سميت خادمين الشريفين جو مهمان ٿيو. 25 جنوري کان هلندڙ تحريڪ 23-24 فيبروي تي هڪ ٻيو ڇال ڏنو، ائين مصر جيڪو عرب دنيا جو سپر پاور 1952ع کان حڪومت ڪندڙ پارٽي جو ٽيهه سال کان حاڪم  حسني مبارڪ به هلي پيو. يمن جو بادشاهه علي عبدالله صالح جيڪو 1978ع کان وٺي واڳ سنڀايو ٿي آيو، اُن خلاف به هر شهر ۾ سخت احتجاج ٿيو، جنهن کي رياستي طاقت سان ڇٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا، پر حاڪم نه مري ٿو نه منجو ڇڏڻ لاءِ تيار آهي.

مصر جي حاڪمن جي تڏا ويڙهه کانپوءِ سندس پاڙيسري ملڪ لبيا ۾ گوڙ شروع ٿي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 1969ع کان شاهه ادريس کي هٽائڻ وارو، سدائين نوجوان ڪرنل ڪڏهن به ترقي نه ڪندڙ 42 سال حڪومت هلائيندڙ حاڪم معمر قذافي تخت تاج نڪرندو ڏسي، آدم بوءِ ڪندو مخالفن خلاف سائي ڪتاب جي سهاري عوام تي ڏمرجي پيو ۽ عوام کي ڪيڙا مڪوڙا ڪوٺڻ لڳو ۽ فرمان جاري ڪيو ته انهن ڪيڙن مڪوڙن کي قتل ڪيو وڃي. بن غازي کان اڀرندڙ باهه اوڀر کان اولهه طرف وڌڻ لڳي ته پوءِ همراهه آپي مان نڪري ويو، هٿيارن جا منهن کلڻ لڳا ۽ موت رقص ڪرڻ لڳو ۽ ايئن پرامن بغاوت هٿياربند روپ اختيار ڪري ورتو.

وچ اوڀر جي ننڍي ملڪ بحرين ۾ به ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ بادشاهه سلامت کان حڪمران تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ آزادي جي اظهار جو مطالبو ڪيو ته جيئن اظهار راءِ جي اجازت هجي. ليڪن 2 سئو سالن کان 19 سيڪڙو سلفي فرقي سان تعلق رکندڙ حڪمرانن حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن مٿان گوليون وسايون ۽ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ دنيا کي ٻڌايو ويو ته اهي وڳوڙي ايران ۾ به حڪومت خلاف وڳوڙ ڪري رهيا آهن. حالانڪه مظاهرين بحريني سڏائي رهيا هئا ۽ فرقن کان بالاتر ٿي حڪومت ۽ بادشاهه خلاف پرامن مطالبا ڪري رهيا هئا ته انهن کي پنهنجا بنيادي حق ڏنا وڃن.

خليفا بادشاهت بچائڻ لاءِ هر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئا، جنهن سان حڪومت بچي، سموري عرب جي فوج ۽ گڏيل عرب امارتن جي پوليس گهرائي وئي. مظاهرين کي پرل اسڪوائر کان هٿيارن جي زور تي خيما اکيڙي 200 ماڻهو زخمي ۽ قتل ڪري کين اسڪوائر خالي ڪرايو ويو، ان باوجود بحرين جي عوام جو حڪومت خلاف احتجاج جاري آهي ۽ ان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهو به نه وسارڻ کپي ته پهريون ڀيرو حڪومت خلاف عرب دنيا ۾ مردن سان گڏ عورتن جو ڪافي تعداد به مظاهرن ۾ شامل ٿيو آهي.

خادمين الشريفين جي اتر ۾ بحرين سان ملندڙ صوبي ۾ هزارين ماڻهو خادمين خلاف جلوس ڪڍيو ۽ مطالبن جي حق ۾ نعرا هنيا ته انهن ماڻهن تي به بدترين تشدد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ اٺ هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. هي تيل سان مالامال علائقو جتي بيروزگاري جي شرح 9.8 سيڪڙو آهي ۽ ان وٽ دنيا جي 3/1 تيل جا ذخيرا آهن، ان عالمن کي گهرايو ۽ خادمين فتوائون وٺي خلق جي اڀار کي اسلام خلاف سازش قرار ڏياريو آهي.

سلطنت اومان ۾ پڻ خلق ٻاهر نڪري آئي آهي ۽ سلطان قابوس جيڪو 1972ع کان سلطان بڻيو ويٺو آهي، جنهن پنهنجي والد کان اقتدار کسيو ۽ پيءُ کي جلاوطن ڪيو. جڏهن مسقط جي ماڻهن پورٽ ملي جي شاهراهن تي مظاهرو ڪيو ته حڪمران مڇرجي پيا ۽ پوءِ روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويا. اهڙي طرح ڪويت سٽي ۾ يمني نسل جي صبا قبيلي جي حڪمرانن خلاف ماڻهو نڪري آيا ۽ چيو ته هي حڪومت ختم ڪري چونڊن وسيلي عوامي حاڪميت قائم ڪئي وڃي. گڏيل عرب امارتن ۾ پڻ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي ته حڪومت ۾ سڌارا آندا وڃن. اردن جي بادشاهه عبدالله جي حڪومت خلاف عمان ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مظاهرا ٿيا. مظاهرين جي مطالبي تي اردن جي وزيراعظم کي هٽائي ٻيو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ بادشاهت خلاف به آواز اڀري رهيو آهي ته هاڻي بادشاهت ختم ٿيڻ گهرجي.

الجزائر ۾ پڻ مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ انهن جا به حڪومت خلاف سڌارن جا مطالبا اچي رهيا آهن. مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال عربن جي خون ۾ شامل آهي. درجن کن ماڻهن کي ماريو ويو. ماڻهن جي اندر ۾ ڪافي وقت جي باهه ٻاهر نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙي طرح مراڪش ۾ پڻ خلق ٻاهر نڪتي آهي. رباظ ۾ ماڻهو گڏ ٿين پيا. اوٻر ڪڍڻ جو وقت عرب دنيا ۾ اچي رهيو آهي. عربي هاڻي بادشاهت ۽ صدارتي نظام خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن. هاڻي ڏاڍو مشڪل آهي ته اهي واپس وڃي گهر ويهن ۽ بيعت جو احترام زوال پذير ٿي رهيو آهي.

وچ اوڀر جي عجمي ملڪ ايران به پنهنجي اندر 1979ع جي انقلاب کان هاڻي ٻاهر نڪرڻ ٿو گهري. ڇو ته ايران هر ٽيهن سالن کانپوءِ تبديل ٿيندو آهي. ان جي ويجهي تاريخي ٻڌائي ٿي ته 1949ع جي انقلاب ۽ 1973ع ۾ مصدق حڪومت جو خاتمو، 1979ع ۾ شهنشاهت خلاف انقلاب، ٺيڪ 30 سالن بعد ايران جي اندر نئين نسل جي بغاوت، هو هاڻي دير يا سوير هن نظام مان ڇوٽڪاور ٿو گهري. هاڻي مذهب جا بند ايراني مولوين کي نه بچائي سگهندا. بيماري پراڻي ٿي چڪي آهي، ان ڪري ڊاڪٽر به نوان گهرجن. مذهبي جنونيت هاڻي پوئين پساهن ۾ آهن. ايران جي ڀر وارو ملڪ شام به تبديلي جي پنڌ تي آهي ۽ شايد لبيا کانپوءِ چاليهن سالن کان حڪمراني ڪندڙ اسد ۽ ان جو پٽ بعث پارٽي جو اقتدار هڏڪين ۾ آهي. دارا شهر کان حڪمت خلاف وڳوڙ شروع ٿي چڪا آهن. 5 ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا آهن. عثمانيه بادشاهت جي باني ملڪ ترڪي به آزادي جي اظهار جي حق ۾ انقره ۾ ماڻهن مظاهرو ڪيو. وچ ايشيا جي ملڪن ۾ پڻ اهڙو اُڀار اچي رهيو اهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ جي رياستن تي براجمان ويٺل پوڙها عزت سان حڪومتون ڪو نه ڇڏيندا. هونئن به مسلمانن جي ضمير ۾ عزت سان حڪومتون ڇڏڻ جو رواج تاريخ جي ڪنهن به حصي ۾ نٿو ملي.

عرب دنيا جو عجيب الميو رهيو آهي ته جيڪڏهن اهي اڳتي وڌيا آهن ته سڀ گڏ ۽ جي پويان پير کنيائون ته هڪٻئي جي پويان. ستين صدي ۾ اسلام جي آمد ٿي ته ان مڪي کان وٺي پوري عرب خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو. اهو سلسلو خلافت کان شروع ٿيو ۽ اميه ۽ عباسي حڪمرانن تائين هلندو رهيو. 1258ع ۾ بغداد جي تباهي ٿي، باب پورو ٿيو، ٿورو وقت اچي مقامي حڪمران ٿيا، جيڪي سلطنت عثمانيه جي چٽي هيٺ آيا ۽ ايئن ڏسندي ئي سڄي عرب دنيا ترڪن جي قبضي هيٺ اچي ويو. ڏکڻ آفريقا کان وچ ايشيا تائين ان ۾ رهيا. 1914ع کان مهاڀاري جنگ شروع ٿي، جيڪا 1915ع تي پڄاڻي تي پهتي ۽ ترڪن جي شڪست سبب سلطنت عثمانيه جو زوال آيو ۽ لارنس آف عربيه جي ڏسيل نقشي تي پاڻ ۾ ويهي ونڊ ورهاست ڪيائون. 1924ع ۾ ڪمال اتا ترڪ ماڊرن ترڪي جو بنياد وڌو ۽ آخري سلطان جي معذوري جو اعلان ڪيو. وچ اوڀر گورن حڪمرانن جي قبضي ۾ آيو ۽ ڏکڻ آمريڪا فرانس جي حصي ۾ آيو. لبيا کي اٽلي جي قبضي ۾ ڏنو ويو. پروٽيٽس حاڪمن عربيه جي مختلف قبيلن کي نيون جاگرافيون ٺاهي ڏنيون. جيڪي سندن ماتحت ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئا. هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ گهرجي ته عربي عوام ترڪ حڪمراني کان ڏاڍو بيزار رهيو ۽ اسلامي ڀائيچاري واري عربي ۽ ترڪي ويچار کان پري ٿي چڪو هو. هنن کي خلافت جي خاتمي تي ڪنهن به قسم جو ارمان نه ٿيو ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ هنن کي پاڻ سک جو ساهه کڻڻ لاءِ مليو.

هي قبائلي فطرت جا ماڻهو هڪڙي ڪمان ۾ هلڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا. هن بندر بانٽ مان خوش هئا ۽ پاڻ عربن طرف وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. ٻين مهاڀاري لڙائي وڌيڪ انگريز ۽ فرانسيسي سرڪار کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو. انهي سرڪار عرب خطي کي پنهنجن حڪمرانن حوالي ڪيو. ايئن 60 ۽ 50 واري ڏهاڪي ۾ تيل جي دريافت شروع ٿي ۽ ويران بيابانن ۾ سرهائي آئي. هن خطي جي اهميت وڌڻ لڳي، آزاد رياستون ٺاهيندڙ  گوري کي دير سان احساس ٿيو ته هنن کي دائري مطابق حڪومت سولائي سان نه ڏيڻ گهرجي ها،  ڇو ته عرب عثمانيه سلطنت خلاف ترڪ حاڪمن جي خلاف ٿي بيٺا هئا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو