Home / افيئر / عرب دنيا ۾ ڊپ کي شڪست
above article banner

عرب دنيا ۾ ڊپ کي شڪست

عرب دنيا ۾ شروع ٿيل تبديليءَ واري لهر اڃا جاري آهي، ان عوامي اڀار جو سڀ کان وڏو ڪمال ڊپ جي ڪيفيت کي شڪست ڏيڻ آهي. ڇو ته عرب زمانن کان هڪ اڻ ڏٺي خوف ۾ ورتل هئا. اهو خوف سلطنت عثمانيه کان وٺي سندن دل ۽ دماغ تي ڇانيل رهيو. ان ڪارڻ ئي اهي عرب حاڪمن جي ظلم ۽ بربريت تي به خاموش رهيا. اڄ اهي 60 سالن جي جبر خلاف روڊن ۽ رستن تي آهن. جيتوڻيڪ حڪمران عرب عوام کي واعدن جا لالي پاپ ڏئي رهيا آهن، ليڪن هاڻ نئون نسل سندن ڏٽن تي لڳڻ لاءِ تيار ناهي. ان جو سبب اهو آهي ته نئون نسل مدي خارج نظام مان نجات چاهي ٿو. مدي خارج نظام مان بيزاريءَ جو واضح مظهر عرب عورتن جو ٻاهر نڪرڻ آهي، جيڪي تبديليءَ جي ان جدوجهد ۾ مردن سان گڏ آهن. اهو نه وسارڻ کپي ته عرب عورتون اسلام جي شروعاتي زماني ۾ گڏ هيون. ٻيو وري اڄ کين تاريخ جي جبر ميدانِ جهد ۾ آڻي بيهاريو آهي.

تيونس، مصر کان پوءِ هاڻي لبيا ۽ شام جو وارو آهي. يمن جو صدر علي عبدالله صالح به اصولي طرح حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، ليڪن خادمين الشريفين اڃا سندس مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن. حالانڪه هن خلاف بغاوت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سندس قبيلي به بغاوت ڪري وڃي سنا يونيورسٽي آڏو ڪمئپ قائم ڪئي آهي.  خلق خدا يمني فوج جي باغين جو به آڌر ڀاءُ ڪري رهي آهي. يمن اهو ئي ملڪ آهي، جنن جو قرآن ۾ به ذڪر اچي ٿو ۽ اهو پهريون ملڪ هو جيڪو اسلام جي اثر هيٺ رهيو. يمن تيل ۽ کجور ۾ مالامال آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي ملڪ به مصر ۽ شام وانگر پراڻي بادشاهت سان لاڳاپيل  رهيو. اهي ملڪ ڪڏهن به اسلامي حڪومت خلاف نه رهيا بلڪه انهن کي خلافت دوران فتح ڪري اسلامي نظام لاڳو ڪيو ويو.

يمني خطو سرد جنگ دوران ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. يعني اتر ۽ ڏکڻ يمن ٻه ملڪ وجود ۾ آيا، جيڪي اڳتي هلي گڏيل قومن جا ميمبر پڻ ٿيا. ڏکڻ يمن جو لاڙو قومپرست کاٻي ڌر ڏانهن هو، جنهن جي پٺڀرائي سوويت يونين ۽ ناصر جا حامي عرب حڪمران ڪري رهيا هئا. جڏهن ته اتر يمن جي حمايت شاهه فيصل سميت اولهه جا ملڪ ڪري رهيا هئا. اتر يمن وٽ تيل جي پئداوار ۽ اولهه جي امداد به هئي، ان جي راڄڌاني سنا ۽ ڏکڻ يمن جي راڄڌاني عدن شهر بڻيو. اقتصادي اڻبرابري سبب ڏکڻ، اتر جي ڀيٽ ۾ معاشي لحاظ کان ڪمزور رهيو. اهو ئي سبب هو جو ٻنهي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪرار به ٿيا، پر 1975ع واري ورهاست جيئن جو تيئن رهي.

ٿيو ايئن جو سوويت يونين 90-1989ع ۾ ٽٽو ته ان جا اثر اوڀر يورپ جي ملڪن سان گڏ وچ ملڪن تي به پيا. ايئن پوءِ 1994ع ۾ اتر ۽ ڏکڻ يمن کي گڏائي هڪ ڪيو ويو. اها حقيقت به نه وسارڻ کپي ته يمن کي وري متحد ڪرڻ ۾ پاڙيسري ملڪ سعودي عرب جو وڏو هٿ هو. ان کانپوءِ سڄو يمن علي عبدالله صالح حوالي ڪيو ويو. جيڪو 1978ع کان وٺي هاڻي تائين براجمان آهي. پاڻ جيڪڏهن ماضيءَ ڏانهن نگاهه ڦيرايون ته اهو بلڪل واضح نظر ايندو ته 1981ع ۾ سعودي عرب ۾ هڪ ناڪام بغاوت ڪر کنيو هو. جنهن ۾ باغين کي ڪعبي اندر گولين سان پروڻ ڪيو ويو هو ۽ اهو ڪم ڪنهن ٻئي نه پر يمن ۾ عربستان هٿان حاڪم بڻايل علي عبدالله صالح ۽ پاڪستان جي فوج ڪيو هو.

ورهين کان عوام جي هانوَ تي مڱ ڏريندڙ صالح جي جبر کان هاڻي يمني عوام بيزار آهي، ماضيءَ ۾ کيس خادمين الشريفين بچائيندا رهيا،  پر هاڻي ائين ٿو لڳي ته اهي به سندس ضمانت نه ڪرائي سگهندا. ڇو ته هاڻ القاعده وارو راڳ بنهه پراڻو ٿي چڪو آهي. ڪملان جهڙيون بهادر يمني عورتون روڊن تي آهن، قتلام جو سلسلو رڪجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ماڻهوموت جو کاڄ بڻيا آهن ۽ سوين زخمي ٿيا آهن. صالح بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ پنهنجي حامين جا به آئي ڏينهن جلوس پيو ڪڍرائي، پر هو تبديلي پسند، هٿين خالي عوام آڏو بيوس ٿو نظر اچي.

سياسي نبض شناس ان راءِ جا آهن ته آمر علي عبدالله صالح هن وقت يمني عوام تي جيڪو ظلم ڪري رهيو آهي، ان ڪارڻ ان جي دنيا آڏو پت وائکي ٿي چڪي آهي، ان ڪري اهو عين ممڪن آهي ته ان کي ڪو به يورپي يا آمريڪي ملڪ پناهه نه ڏئي ۽ سندس ميزباني به خادمين الشريفين کي ڪرڻي پوندي. ايئن هڪ ڏينهن خادمين الشريفين جو به وارو اچڻو آهي، پر اهو اچي ڪڏهن ٿو، ان لاءِ في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

شام ۾ پڻ 1963ع کان الوطئي ڪٽنب جي حڪمراني جو بول بالا آهي، تاريخ جي ڳڙکيءَ مان جهاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي ته بعث پارٽي جيڪا عرب قومپرست هئي، تنهن عراق ۽شام ۾ بغاوت ڪري بادشاهت جا ٽپڙ گول ڪرايا، ڇو ته اهي بادشاهه نه رڳو غيرمقامي هئا، پر ساڳي وقت انگريزن جا ڪارندا پڻ هئا. ليڪن اقتدار ملڻ کانپوءِ روايتي ڇڪتاڻ سبب بعث پارٽي به ٻه اڌ ٿي وئي، ايئن پوءِ شام جون واڳون تڏهن ايئر فورس جي آفيسر نوجوان حافظ الاسد جي هٿ ۾ اچي ويون. 1967ع ۾ جڏهن عرب- اسرائيل جنگ لڳي ته اسرائيل گولان وارين پهاڙين تي قبضو ڪري ورتو. اها شام جي پهرين شڪست هئي. فلسطين اسرائيل خلاف جدوجهد ۾ شام جو ساٿ ڏنو. حافظ جي دور ۾ عرب قومپرستيءَ کي هٿي ملي، سندس جهڪاءُ سوويت يونين ڏانهن هو. ان ڪري يورپ ۽ آمريڪا طرفان سندس رستا روڪ ڪئي وئي، پر هو پوءِ به حڪومت ڪندو رهيو. جڏهن ته ان دوران سندس سعودي عرب سان به اختلاف برقرار رهيا.

ياد رهي ته 1986ع ۾ شام جي شهر حصه ۾ حڪومت خلاف بغاوت ڪر کنيو، جنهن خلاف بدترين طاقت جو استعمال ڪيو ويو. جنهن ڪارڻ 35 هزار ماڻهو ٽنئڪن جي زد ۾ اچي موت جي منهن ۾ هليا ويا، اهڙي بغاوت کي اخوان المسلمين جي نالي ۾ چيڀاٽيو ويو. برادر هوڊ دراصل آمريڪا ۽ يورپ جي پئداوار آهي. برادرهوڊ کي شاهه فيصل ۽ يورپ جي به هميشه حمايت حاصل رهي. سرڪار جو وهنوار ته هلندو رهيو، پر اڳتي هلي حافظ اسد جي جانشين پٽ کي جهاز حادثي وسيلي مارايو ويو. هو اهو ڌڪ نه سهسائي سگهيو ۽ سال 2000ع ۾ پاڻ به جهان ڇڏي رمتو ٿيو. ايئن پوءِ جڳ ڏٺو ته انقلابين به ساڳي حرڪت ڪئي، يعني پيءُ کانپوءِ پٽ کي تاج پارايو ويو. نوجوان بشرالاسد به اهو ئي ڪيو جيڪو سندس پيءُ ڪري ويو هو.

بشرالاسد جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ماڻهن جو تڪڙو ردعمل اهو هو ته شايد هي نوجوان پيءُ کان مختلف نڪري ۽ عوام لاءِ ڪن رعايتن جو اعلان ڪري، پر بدبخت بشرالاسد به پيءُ جا پير کڻندي 1967ع کان لاڳو ايمرجنسي برقرار رکي. ظاهر آهي عوام آخر ڪيترو ڀوڳيندو؟ اهو ئي سبب آهي جو لبيا کانپوءِ هاڻي عوام شام جي به روڊ رستن تي مارچ ڪندي نظر اچي ٿو. درا شهر کان اُٿيل بغاوت جو آواز ست لک آبادي رکندڙ پورٽ واري شهر ڪنيڪا تائين وڃي پهتو آهي. ڏسندي ڏسندي ماڻهن مان ڊپ ختم ٿي رهيو آهي ۽ ڊپ جي خاتمي جي سرواڻي نوجوان نسل ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به آمر حاڪم جي واعدن تي اعتبار نٿو ڪري. بشرالاسد جا حامي ڀلي روڊن تي نڪرن پر هاڻي سندس بعث پارٽي جي حڪمراني جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. لبيا ۾ پرتشدد، باقي يمن ۽ شام ۾ پرامن مظاهرا يقيني طور تي هڪ وڏي تبديلي کي جنم ڏيندا، جيڪا دنيا لاءِ قابلِ رشڪ هوندي.

(ليکڪ سينئر سياسي ڪارڪن ۽ وچ اوڀر جي معاملن تي دسترس رکندڙ آهي)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو