Home / افيئر / عرب نيا ۾ تبديليون: سي آءِ اي جو ڪارنامو
above article banner

عرب نيا ۾ تبديليون: سي آءِ اي جو ڪارنامو

اُتر اولهه آفريقا جي عرب ملڪ تيونس جي راڄڌاني تيونس ۾ شهري اختيارين هڪ تعليم يافته بيروزگار نوجوان جي ريڙهي ۽ وکر اهو چئي ضبط ڪري ڇڏي ته ان جو باقاعده اجازت نامو نه ورتو ويو هو. ان نوجوان ضبط ٿيل ريڙهي ۽ وکر نه ملڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ پوءِ اسپتال ۾گذاري ويو. ان واقعي کانپوءِ صدر زين العابدين بن عليءَ جي حڪومت خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا ۽ ڊسمبر 2010ع ۾ کيس اقتدار ۽ ملڪ ٻئي ڇڏڻا پئجي ويا.

ان کانپوءِ “عوامي اڀار” جي اها لهر ٻئي عرب ملڪ مصر پهتي ۽ ٽن ڏهاڪن کان آمريڪي آشيرواد سان اقتدار تي ويٺل صدر حُسني مبارڪ جي ڪُرسي لڏڻ لڳي. ان موقعي تي آمريڪي صدر اوباما ۽ پرڏيهي کاتي جا ترجمان اقتدار جي “پُرامن ۽ منظم” تبديليءَ جو راڳ ڳائيندا رهيا. حسني مبارڪ وچ اوڀر ۾ آمريڪي سرمايو ليکيو ويندو هو پر سندس روانگي آمريڪي مفادن لاءِ ضروري ٿي پئي هئي ان ڪري کيس اقتدار کان ڌار ٿيڻو پيو.

88-1980ع جي ايران-عراق جنگ ۾ صدام حسين آمريڪا ۽ GCC(نار جي ملڪن جي تعاون تنظيم) جي اک جو تارو هيو پر 1991ع ۾ آمريڪا ۽ GCC ملڪن مٿس جنگ مڙهي. اڳتي هلي صدام حسين اقتدار ۽ زندگي ٻنهي کان محروم ڪيو ويو ۽ عراق جي تيل ۽ ٻين وسيلن تي مغربي ڪمپنيون سڌي ۽ اڻ سڌي ريت قابض ٿي ويون.

1958ع ۾ عراق ۾ بادشاهت جو خاتمو آڻيندڙ کاٻي ڌر جي برگيڊيئر قاسم تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ صدام حسين ئي هو. 1963ع ۾ برگيڊيئر قاسم بعث پارٽيءَ پاران ڪيل Coup ۾ قتل ڪيو ويو. ان بغاوت کي سي آءِ اي جي حمايت ۽ مدد حاصل هئي. عراقي فوج بعث پارٽي  خلاف ڪامياب Coup ڪيو ته 1968ع ۾ سي آءِ اي بعث پارٽيءَ کي ٻيهر اقتدار ۾ آندو. جڏهن صدام حسين آمريڪي اسٽريٽيجڪ، معاشي ۽ سياسي مفادن الءِ لازم نه رهيو ته ڪيميائي ۽ جوهري هٿيدار ٺاهڻ جي جُڙتو الزامن هيٺ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان پهريان مٿس اقتصادي پابنديون مڙهيون ويون جن جي نتيجي ۾ 10 لک کان وڌيڪ عراقي ٻارڙا موت جي ور چڙهي ويا ۽ پوءِ فوجي چڙهائي ڪري عراق تي قبضو ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه گڏيل قومن کان مينڊيٽ وٺي ڪيو ويو.

1953ع ۾ ايران جي کاٻي ڌر جي صدر / وزيراعظم مصدق جو تختو اونڌو ڪرڻ وارو ٻيو ڪير نه پر آمريڪي سي آءِ اي ۽ برطانوي MI-6 هيون.

1950ع جي ڏهاڪي ۾ گڏيل قومن کان مينڊيٽ وٺي آمريڪا، ڪوريا ۾ فوجون لاٿيون هيون ۽ ان جنگ ۾ 40 لک ماڻهو ماريا ويا. 61-1960ع ۾ آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ پيٽرس لوممبا جي قيادت ۾ پهرين آزاد حڪومت پڻ گڏيل قومن جي مينڊيٽ هيٺ ڪيرائي وئي هئي ۽ لوممبا قتل ڪيو ويو.

آئزن هاور ۽ لنڊن جانسن 1060ع جي ڏهاڪي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو ئي ڪردار نڪسن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ادا ڪيو. نڪسن ويتنام جنگ ۾ لکين ماڻهو مارايا ۽ دنيا ۾ پورچوگيز ڪالونين جي غلاميءَ جي حمايت ڪئي.

اهو نه وسارڻ گهرجي ته 1980ع جي ڏهاڪي ۽ 1990ع جي شروعات تائين آمريڪا، ڏکڻ آفريقا جي نسل پرست گوري اقليت جي حڪومت جو حامي هو.

انساني حقن، جمهوريت ۽ آزادي جو چيمپيئن آمريڪا هر اُن ڊڪٽيٽر جو حامي رهيو آهي جيڪو انساني حقن جو غاصب، جمهوريت ۽ آزاديءَ جو قاتل پر آمريڪي مفدن جو نگهبان هجي. فلپائن جو مارڪوس، چليءَ جو پنوشي، پاڪستان جا سمورا آمر ايوب، يحيٰ، ضياءَ الحق ۽ مشرف، عراق جو صدام حسين، مصر جو حسني مبارڪ ويجهي ماضيءَ جا ڪجهه مثال آهن.

هر آمريڪي حڪومت فلسطينين جي قتل عام ۾ ملوث۽ 2008ع ۽ 2009ع ۾ غزه ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪندڙ اسرائيل خلاف گڏيل قومن جون سموريون قراردادون ويٽو ڪندي آئي آهي.

ان جو تازو مثال مارچ 2011ع جو آهي جڏهن ليبيا خلاف هٿيارن حاصل ڪرڻ تي پابندي ۽ نو فلاءِ زون جون قراردادون 1970ع ۽ 1973ع منظور ٿيڻ کان پهريان گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير سُوسن رائيس فلسطيني علائقن ۾ وسنديون ٺاهڻ تي اسرائيل خلاف پيش ٿيل قرارداد ويٽو ڪري ڇڏي.

آمريڪي ٻهروپي پاليسيءَ جو ٻيو مثال بحرين ۾ حڪومت مخالف مظاهرا ۽ جهڙپن ۾ ٿيندڙ جاني نقصان آهي. اوباما ۽ پرڏيهي کاتي جا ترجمان توهان کي خاموش ملندا. ان ڪري جو بحرين تي الثاني خاندان جي اڻ چونڊيل حڪومت آهي جيڪا آمريڪا جي تعبيدار آهي، جڏهن ته بحريني عوام جي اڪثريت شيعا فرقي سان تعلق رکي ٿي. بحرين ۾ سُني الثاني حڪومت جي خاتمي ۽ اُتي جمهوريت جو مطلب نار ۾ هڪ وڌيڪ شيعا اڪثريتي حڪومت ۽ ايران جو وڌندڙ اثر هوندو. اهڙي اڳڀرائي جي نتيجي ۾ آمريڪي بحريه جو پنجون ٻيڙو هڪ انتهائي اهم اڏي کان محروم ٿي ويندو. آمريڪي بحريه جو پنجون ٻيڙو هن وقت بحرين ۾ مستقل طور موجود آهي.

سعودي عرب ۾ آل سعود ۽ يمن ۾ علي عبدالله الصالح جي حڪومتن خلاف مظاهرا پڻ آمريڪي حمايت کان گهڻو ڪري محروم ئي رهندا ڇاڪاڻ ته اُهي ٻئي مقتدر ڌريون آمريڪي تعبيداريءَ ۾ آهن.

ها البته بشرالاسد جي ملڪ شام جو مثال الڳ آهي. 16 مارچ 2011ع تي دمشق ۾ 150 ماڻهن حڪومت خلاف مظاهرو ڪيو ۽ 18 مارچ تي “ڪاوڙ جي ڏينهن” ملهائڻ لاءِ نڪتل ريلين ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. 23 ماچ تي ديرهه ۾ مظاهرين ۽ فورسز ۾ ٿيل جهڙپ ۾ 10 ڄڻا مارجي چڪا آهن. ان کانپوءِ صدر بشر ملڪ ۾ 1963ع کان لڳل ايمرجنسي هٽائڻ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي آهي.

شام کي ايراني اثر کان ٻاهر ڪڍڻ، حماس ۽ حزب الله جي حمايت ۽ مدد ختم ڪرائڻ ۽ اسرائيل سان امن ٺاهه ڪرائڻ وارا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي سي آءِ اي بشرالاسد تي گهربل دٻاءُ وجهڻ لاءِ سڌارن جي گهر ڪندڙ مظاهرين جي هر طرح جي مدد ڪندي. اُتي حڪومت جي تبديلي هڪ ته آسان ۽ خطرن کان خالي ناهي ۽ ٻيو ته آمريڪي بشرالاسد کي سڌارا آڻيندڙ ۽ لچڪ ڏيکاريندڙ سمجهن ٿا.

پهرين سيپٽمبر 1969ع تي لبيا ۾ شاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪري اقتدار ۾ ايندڙ ڪرنل معمر قذافي 1969ع کان 2011ع تائين گهڻي ڀاڱي مغربي ملڪن جي مٿي جو سور رهيو آهي. سندس اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ دنيا ۾ جتي به تيل نڪرندو هيو ان جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو تيل ڪڍندڙ مغربي ڪمپنيون کڻنديون هيون. قذافيءَ انهن ڪمپنين کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڏيڻ يا نڪري وڃڻ جو شرط مڃرايو ۽ ايئن ليبيا توڙي تيل جي دولت سان مالامال ملڪن جا شهري فيضياب ٿيڻ شروع ٿيا. ڪرنل معمر قذافي 1970ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيندڙ “پيٽرو ڊالر بُوم” جو معمار ليکجي ٿو. مغربي ملڪن جي مفادن خلاف سندس ٻيا به ڪيترائي ڏوهه آهن. فلسطيني ويڙهاڪن جي تربيت ۽ امداد، فلپائيني مورو مسلمانن جي فوجي ۽ مالي مدد، مغربي افرادي قوت بجاءِ چيني، مصري، ايشيائي مسلم ملڪن جي ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ ۽ يورپ ۾ آمريڪي فوجي ٺڪاڻن تي هٿياربند ڪارروايون ڪندڙ گروپن جي امداد، آئرش ريپبليڪن آرميءَ جي امداد، جوهري ۽ ڪيميائي هٿيارن جي تياريءَ وارا پروگرام شروع ڪرڻ، انهن ڏوهن جا چند مثال آهن. جوهري ۽ ڪيميائي هٿيارن وارا پروگرام ۽ ويڙهاڪن جي امداد ته قذافي بند ڪري چڪو آهي، پر آمريڪا کي اُتر آفريقا ۾ تيل سان مالامال هڪ طفيلي يا، Client State گهرجي ٿي، جيڪا قذافيءَ جي هوندي، ممڪن ڪونهي، ان مقصد لاءِ هڪ ڊگهي عرصي کان آمريڪا National Salvation Front for Libya (لبيا جو قومي آزادي محاذ) نالي هڪ جُڙتو تنظيم جي مدد ڪندو رهيو آهي. قذافيءَ خلاف ڪو به حقيقي عوامي اڀار يا بغاوت ڪانهي پر اهو CIA ۽ MI-6 جو تيار ڪيل آپريشن آهي. جنهن لاءِ گڏيل قومن جي محدود قرارداد حاصل ڪئي وئي آهي ۽ ان جي آڙ وٺي لبيا ۾ نيٽو پاران حملا ڪيا پيا وڃن.

گڏيل قومن جي قرارداد ۾ Regime Change جي ڪا ڳالهه ڪانهي، پر مغربي طاقتن جو اسرار حڪومتي تبديليءَ تي آهي. آڙ ورتي وئي آهي سويلين آباديءَ جي تحفظ جي ۽ نيٽو حملن ۾ درجنين سويلين موت جو کاڄ بڻايا ويا آهن. هن وقت تائين نيٽو سوين حملا ڪري چڪو آهي، پر ان جي باوجود به مغربي حمايت يافته باغي پوئتي هٽيا آهن. نظر ايئن اچي ٿو ته مغربي طاقتون قذافيءَ کي اقتدار کان ڌار ٿيڻ يا ملڪ جو ورهاڱو قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون. قذافيءَ خلاف بغاوت جو ڳڙهه ملڪ جو اڀرندو حصو آهي، جتي تيل ۽ ان سان وابسته تنصيبات آهن. ان علائقي کي نيٽو پاران تحفظ ڏنو پيو ڃي ته جيئن قذافيءَ جون حامي فوجون جڙتو بغاوت کي چيڀاٽي نه سگهن.

وچ اوڀر جي جاگرافيائي لحاظ کان نئين سر جوڙجڪ تي لکيل مضمون “Blood Borders” ۾ CIA جي ان منصوبي بابت تفصيل ڏنل آهن. انهن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي نئين سر جوڙجڪ پڻ بيان ٿيل آهي. انساني حقن جي ڀڃڪڙي، جمهوريت ۽ آزاديءَ جي آڙ وٺي گڏيل قومن کان قرارداد منظور ڪرائي ڪنهن آزاد ۽ خودمختيار ملڪ تي حملو ڪرڻ جو مثال موجود آهي. پاڪستان، بلوچستان ۾ فوجي ڪارروائي ۾ مصروف آهي ۽ بلوچن جي خوش قسمتي آهي ته اهي مذهبي انتهاپسند نه پر آزادي پسند آهن. ان ڪري ممڪن آهي ته آمريڪي نظرڪرم لائق ليکيا وڃن. بلوچستان مان ڪيترائي سياسي ڪارڪن گم ڪيا ويا آهن. هر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سياسي ڪارڪنن جا تشدد ٿيل ۽ چچريل لاش ملڻ هڪ معمول بڻجندو پيو وڃي. هزارين خاندان ڪارروائي جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن. انساني حقن جي ڀڃڪڙي، حقِ خودراديت جي خلاف ورزي، ڪنٽرولڊ يا جڙتو جمهوريت، جنگي ڏوهن جو ارتڪاب جا ڏوهه سرزد ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن سويلين آباديءَ جو تحفظ مقصود آهي ته وقت پوڻ تي پاڪستان تي به يلغار ٿي سگهي ٿي.

القاعده 1978ع ۾ افغانستان ۾ سوويت حمايت سان اقتدار ۾ ايندڙ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي خلاف وڙهڻ لاءِ سي آءِ آي وجود ۾ آندي هئي. هاڻي آمريڪي چون ٿا ته ان جا ٺڪاڻا وزيرستان ۽ ڪوئيٽا ۾ آهن.

پاڪستان تي جوهري ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي اُتر ڪوريا، لبيا ۽ ايران کي ڏيڻ وٺڻ ۽ عالمي امن کي خطري ۾ وجهڻ جا پڻ الزام آهن.

تيونس ۾ غربت جي شرح 7.6 سيڪڙو، مصر ۾ 16 سيڪڙو جڏهن ته ليبيا ۾ ڪو غريب ڪونهي، پر اتي سي آءِ اي جي اسڪرپٽ تي ايڪشن ٿي رهيو آهي.

يمن ۾ غربت 42 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو آهي. يمن هڪ ته ايٽمي طاقت ڪونهي ۽ ٻيو ته وچ ايشيا يا ڏکڻ ايشيا ۾ آمريڪي اسٽريٽجڪ مفادن لاءِ خطرو ڪونهي.

اتر آفريقا ۽ وچ اوڀر ۾ ايندڙ تبديليون حقيقي ناهن، بلڪه اُهي اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ سي آءِ اي جي اسڪرپٽ مطابق برپا ٿيندڙ رنگارنگي ۽ پٽاپٽي انقلابن جو ايڪٽ ٻيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو