Home / افيئر / فيس بڪ فوبيا…
above article banner

فيس بڪ فوبيا…

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن عرب نوجوانن اڃا فيس بڪ کي انقلاب لاءِ استعمال نه ڪيو هو. نه ئي سوشل ميڊيا جي سياسي تبديليءَ ۾ ڪردار بابت ڪي بحث ۽ تجزيا شروع ٿيا هئا. هو رات جو دير تائين ويهي فيس بڪ تي هڪٻئي لاءِ گانا ارپيندا هئا ۽ انهن کي لائيڪ يا ڪمينٽ ڪندا هئا. ايئن ته هو ڪي چڱا موچارا بحث به ڪري وٺندا هئا ۽ تصويرون به شيئر ڪندا هئا. پر هنن جي دوستيءَ ۾ جڏهن پيار شامل ٿي ويو ته هو هڪٻئي جي وال تي ڪرڙي نظر رکڻ لڳا. ڪنهن ڪهڙو ڪمينٽ ڪيو آهي ۽ ڪنهن جي وال تي هن ڪهڙو ڪمينٽ ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه هو مذهبي پابنديءَ جيان صبح شام هڪٻئي جي وال تي چيڪ ڪندا رهيا. هن جي فيميل فرينڊ ڪجهه گهڻو پڙهيل لکيل ۽ دنياداريءَ ۾ اٿڻ ويهڻ جي رسمن رواجن ۾ ڀڙ هئي پر هو اڃا به اهڙو ئي “ڄٽ سنڌي” جهڙو يونيورسٽيءَ جي پهرئين سال ڄامشوري پهتو هو.  جڏهن به هو پنهنجي فرينڊ جي وال تي ڪنهن ٻئي نوجوان جا تعريفي يا حجتي انداز وارا حملا پڙهندو هو ته تپي باهه ٿي ويندو هو ۽ اها ساڙ جي باهه تڏهن جهڪي ٿيندي هئس جڏهن هو موبائيل يا فيس بڪ تي ميسيج ڪري ان لاڳاپيل همراهه بابت پڇا ڪندو هئس ته اهو ڪير آهي، تنهنجو ڪڏهن کان ۽ ڪهڙي قسم جو تعلق اٿس. فيس بڪ هڪ سماجي پر نجي محفل به آهي، پر ان جي باوجود هو  کانئس پڇندو رهندو هو ته فلاڻي همراه کي دوستيءَ ۾ شامل ڇو ڪيو اٿئي؟ مرد ته هونئن ئي شڪي مزاج ٿئي ٿو، پر هوءَ ايڪويهين صديءَ جي جديد سوچ رکندڙ سنڌياڻي اهڙو ته اچي ان شڪي مزاج سنڌي مان ڦاٿي جو هن ڪنهن طرح سان جان ڇڏائڻ جا بهانا ڳوليا. هن اڃا بهانا ڳوليا ئي پئي ته سنڌي کي “غيرت” چڙهي وئي ۽ هن هڪ ٻئي همراهه پاران سندس فرينڊ جي وال تي رکيل فوٽو (جيڪي اعتراض جوڳا به نه هئا) تي ڪاوڙجي کيس پنهنجي فيس بڪ فرينڊز جي فهرست مان ڊليٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. ڇوڪريءَ به ڪجهه پڪائي ڪندي کيس ايلاز ڪيا ته “ڏس ٻيلي ايئن نه ڪجانءِ. توکي ياد آهي پاڻ مليا به فيس بڪ معرفت هئاسين هاڻي ائين اوچتو جدائي سٺي ڳالهه ناهي.” سنڌيءَ جو اهڙا ايلاز ٻڌا ته ٿڌو ٿي ويو ۽ پنهنجو ارادو ملتوي ڪري بيهي رهيو وڃي ساڳي جاءِ تي. ان جديد سنڌياڻيءَ جي ڪا مرداڻي سنگت هئي گهڻي تنهن پئي پراڻ پسند سنڌيءَ کي تنگ ڪيو. ٻيو ته هن کان ڪجهه پڳو ڪو نه پئي، پرائي ساهه تي ڪنهن جي ڪهڙي حجت. تنهنڪري زماني گيري ڪندي هن به کڻي اهي فوٽو سندس وال تي رکيا  جيئن ٻيا به رکن پيا.

 

ڄٽ سنڌيءَ جي اهڙي ڪريل حرڪت تي مائيءَ جا سڀ حواس موٽي آيا. هن کيس خبردار ڪيو ته اهي فوٽو رکڻ بند ڪر پر سنڌيءَ جي ورندي ئي ابتي ته “ٻيا رکن ٿا تنهنجا فوٽو ته پوءِ مان ڇو نه رکان.” مائي کيس سمجهايو ته ڏس دنيا اندر ڪنهن جا ڪنهن سان ڪهڙا لاڳاپا هوندا آهن ته ڪنهن سان ڪهڙا. تنهنجي منهنجي صرف فيس بڪ فرينڊشپ آهي. ان کي استعمال ڪر ۽ تون هروڀرو بليڪ ميل ڇو ٿو ڪرڻ چاهين. مائي جا دليل جديد دور جا ۽ سنڌيءَ جي سمجهڻ کان ٻاهر نيٺ مائي کيس ميسيج ڪيو ته “مون کي افسوس ٿو ٿئي پر مان توکي پنهنجي فيس بڪ فرينڊز جي لسٽ منجهان خارج ٿي ڪيان. ايئن هو عاشق جيوڙو فيس بڪ تان ئي پاڻمرادو ڊليٽ ٿي ويو. ڇو ته هن جي وندر ۽ رهاڻ صرف ان هڪ فيميل فرينڊ جي موجودگيءَ سان هئي.

اهو ته فيس بڪ تي سنڌين سان پيش آيل هزارين حادثن منجهان هڪ جو ذڪر آهي، پر الائي ڇو اهو گروپ بحث به ياد اچي ٿو جيڪو تازو ئي ڪجهه پڙهيل لکيل ۽ عوام جو درد سيني ۾ سانڍي هلندڙ دانشور سنڌين جي گروپ وچ ۾ ٿيو. فيس بڪ تي گروپ آمريڪا ۾ رهندڙ  هڪ ڊاڪٽر ٺاهيو  ۽ هن حال آهر مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل سنڌين کي ان ۾ شامل ڪيو، هن گروپ ۾ سنڌ جا ڪي به نام نهاد وڏيرا يا عوام دوست ڀوتار شامل نه هئا. سڀ پڙهيل لکيل ڪي صحافت جي عالمي ادارن جا روشن ستارا ته ڪي پي ايڇ ڊي ڪندڙ محقق، پر انهن جي ڳالهين جو محور سنڌ هئي.

آمريڪي سنڌي ڊاڪٽر بحث ايئن شروع ڪرايو ته “ادا سنڌ ڪيڏانهن پئي وڃي. سنڌ کي حالتون ڪهڙي طرف وٺي وينديون؟ ملائيشيا ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ جو خيال هو ته سنڌ ۾ قومي حقن جي حاصلات لاءِ سڀ گڏجي جدوجهد ڪن ته بهتر ٿيندو. صحافتي عالمگيريت واري همراهه چيو ته قومي حقن جي ڳالهه پوءِ ڪيو پهريان سنڌ ۾ عورتن ۽ “گيز” کي پنهنجا حق ڏيو. قومي حقن جي ڳالهه ۾ اوچتو “گيز” جي حقن ڳالهه گهڙي اچڻ تي سڀني ان کي ڳالهه جو رخ ڦيرائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ۽ چيو ته قومي حق ملڻ کانپوءِ انهن “جنسي اقليتن” کي به پنهنجا حق ملي ويندا. پر همراهه هڪل ئي هڪ ڪئي ته “خبردار آءٌ توهان جي منافقت کي سڃاڻان ٿو. توهان سنڌين جا اڌ کان وڌيڪ اڳواڻ “گي” آهن، پر اهي سماجي منافقت سبب اسان (گيز) جي حقن لاءِ آواز نٿا اٿارين. هن هڪڙي همراهه کي روبرو مخاطب ٿي چيو توکي به آءٌ نه ڇڏيان ها پر تون منهنجي “ٽائيپ” جو نه هئين. هاڻ توکي ۽ تنهنجي نام نهاد پاڪ صاف قيادت کي “گي ڦوبيا” ٿي پئي آهي. تون وڃي ان منهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ ۽ هاڻوڪي مخالف ڪالم نگار کي “بلو جاب ڪر” مان ته توکي ويجهو اچڻ به نه ڏيندس.”

دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ طاقتور سوشل ميڊيا تي جوڙيل سنڌين جي ان گروپ ۾ اها گفتگو ڪي عام انٽرپاس يا اڌ پڙهيل سنڌي نه ڪري رهياهئا، پر هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن ۾ گارشيا مارڪيز کان وٺي حبيب جالب جي شاعريءَ تائين حوالا ڏيندي ڪو نه ٿڪبا هئا. انهن جي تقريرن ۽ لکڻين سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ سحر پيدا ڪيو ۽ نئين دنيا جي تلاش لاءِ جستجو ۽ جدوجهد جو رستو ڏسيو. پر هي فيس بڪ به عجيب ئي شئي آهي ڪجهه ئي وقت ۾ چڱن ڀلن جا ڪپڙا لاهي کين حمام ۾ بيهاري ٿو ڇڏي.

فيس بڪ سنڌي به هزارن لکن جي تعداد ۾ استعمال ڪن ٿا. پر اهي شڪسته دل ۽ غلاميءَ جي غلاظتن ڀريل ٻارن جيان ان پليٽ فارم کي به آلوده ڪندا رهن ٿا. اهي فرسوده رسمن جي ڄار ۾ اهڙا ته جڪڙيل آهن جو انساني آزادي جي ڳالهه ڪندي به ڊپ وچان سندن شلوار آلي ٿي وڃي ٿي. اهي مصرجي التحرير اسڪوائر جي ڳالهه ڪن ٿا. پر اهي جڏهن آس پاس ڏسن ٿا ته کين ڪو به “وائيل گنيم” يا “سيلي مور” مورڳو نٿا لڀن.

مصر ۾ جڏهن فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين ذريعن کي استعمال ڪيو ويو تڏهن گوگل ڪمپني جي مصر ۾ چيف ايگزيڪيوٽو وائيل گنيم نوجوانن جي پيغامن پهچائڻ ۾ مدد ڪئي. اڳواڻي به کيس ڪرڻي پئي، هو جڏهن 2 ڪلاڪ جيل ۾ رهيو ته سي اين اين، الجزيره وڏي ۾ وڏيون بريڪنگ نيوز جهڙيون خبرون هلائي مصري حڪومت تي دٻاءُ وڌو ۽ کيس آزاد ڪرايو. عرب دنيا جي تاريخ ڌوڏيندڙ ارڙنهن ويهن ڏينهن دوران 32 سالا سائيڪاٽرسٽ سيلي موربه اهم ڪردار ادا ڪيو. هوءَ پنهنجون سهيليون گڏ ڪري پيغام پهچائي ماڻهو گڏ ڪري التحرير چوڪ تي پهتي. انهن مصري نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين مذهبي جماعت اخوان المسلمين کي به پاڻ سان گڏ کنيو پر ان کي اڳواڻي ڪرڻ کان روڪي ورتو. بلڪل ايئن جيئن هنن ائٽمي اداري جي اڳوڻي سربراهه البرادي کي به روڪي ورتو. ڇو ته هي انٽرنيٽ جي دنيا جا نوجوان هئا. البرادي ۽ آمريڪي لاڳاپن کان هرگز  بيخبر ڪو نه هئا.

مصري ڇوڪري سيلي مور جي عمر کان ياد آيو ته “ڄٽ سنڌي” واري فيس بڪ فيميل فرينڊ به 32 سالن جي هئي. فيس بڪ جي سهولت کيس به ميسر هئي، پر هوءَ ايئن سيلي مور نه ٿي سگهي، جيئن اسان جا نام نهاد پڙهيل لکيل ۽ دنيا ۾ ڦهليل دانشور “وائيل گنيم” ثابت نه ٿي سگهيا آهن.

khokharnisar@gmial.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو