Home / افيئر / لاڙ جي زرعي معيشت کي ڌڪ- ٽماٽا ٽڪي ڌڙي وڪامڻ لڳا
above article banner

لاڙ جي زرعي معيشت کي ڌڪ- ٽماٽا ٽڪي ڌڙي وڪامڻ لڳا

هيلوڪي سال سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ اوچتو ٽماٽن جو اگهه وڌي وڃي هڪ سئو رپيا في ڪلو تائين پهتو. لاڙ واسين هارين ۽ آبادگارن سمجهيو ته سندن ڀاڳ وريو آهي. ڪمند جو به اگهه سٺو ٿيندو ۽ وري ٽماٽا به 100 رپيا ڪلو جي اگهه سان وڪامندا. ان ڪري بدين جا ڪنگال ۽ مقروض هاري ۽ آبادگار هن سال ساهه کڻي خوشحال بڻجي ويندا. پر افسوس جو شگر ملز مافيا وارن جي سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي هٿرادو کوٽ ڪري ان جو اگهه وڃي 100 ريپا في ڪلو تائين پهچايو ويو. خود شگر ڪين اسٽيٽ واري بدين ضلعي جنهن ۾ 6 عدد شگر ملون آهن، ان ضلعي جي ڪن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن گذريل عيد جي موقعي تي 120 رپيا في ڪلو جي اگهه تي کنڊ خريد ڪئي هئي، ڊسمبر جي ٻئي ۽ آخري هفتي کان وٺي جنوري 2011ع جي آخري هفتي تائين سنڌ جي ڪن شگر ملن اڍائي سئو رپين کان به وڌيڪ اگهه تي ڪمند جو في مڻ خريد ٿي ڪيو، انهن شگر ملن جي انتظاميا اوچتو هڪ رات جي وچ ۾ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هڪ آبادگار دشمن ڳجهي ٺاهه تحت ڪمند جي في مڻ جو اگهه گهٽائي 180-170 رپين تائين ڪري ڇڏيو. پنهنجي زون جي آبادگارن لاءِ اهو اگهه هو جڏهن ته آئوٽ زون مان گهرايل ڪمند 300 رپيا في مڻ کان به وڌيڪ اگهه تي خريد ڪيو ويو. هن سال شگر ملز وارن بدين جي ڪمند جي آبادگارن سان جيڪي عقوبتون ڪيون. ان جو ماضيءَ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. اڳ هر سال شگر ملز وارا مسڪين آبادگارن سان جيڪي زيادتيون ڪندا هئا، انهن ۾ ڏورانهن ٻين ضلعن کان مهانگي اگهه تي ڪمند خريد ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ شگر ملز وارن کي ڪمند جو ڀاڙو، ٻيڻ ۽ پنجوڻ تي پنهنجي گهران ڏيڻو پوندو هو. ايڏو وڏو مالي نقصان کائڻ باوجود به شگرد ملن وارا ٻاهرين علائقن جي ڪمند جي هڪ مڻ جي خريداري تي وڏي رقم خرچ ڪري ڪروڙين رپين جو نقصان برداشت ڪندا هئا، پر بدين جي مقامي آبادگارن کي ڪمند جي هڪ مڻ تي فقط 10-20 رپيا به وڌائي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. اها ساڳي پرا ڻي روش هن سال پڻ شگر ملز وارن جاري رکي، پر بدين جي شگر ملز وارن مقامي آبادگارن کي زير ڪري انهن کي سزا ڏيڻ لاءِ هن سال جيڪو غيرمعمولي قدم کڻي صوبي پنجاب مان ٽرڪن رستي هزارين مڻ ڪمند خرد ڪيو، ان جو ماضي ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته صوبي پنجاب کان بدين تائين ڪمند کڻي ايندڙ ڪا به ٽرڪ هن وقت هڪ لک رپين جي ڀاڙي کان گهٽ تي هرگز پهچي نٿي سگهي. جڏهن اهو ويهي حساب ڪبو ته پنجاب مان ٽرڪن رستي ايندڙ ڪمند بدين جي شگر ملز وارن هڪ هزار رپيا في مڻ کان گهٽ اگهه تي ڪنهن به حالت ۾ خريد نه ڪيو هوندو.

هوڏانهن هن سال سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٽماٽن جي في ڪلو جو اگهه وڃي 100 رپين تائين پهتو هو. تڏهن هڪ ته بدين ۾ هر سال ٽماٽن جي اگهه سان ٿيندڙ ويڌن جي ڪري هن سال بدين جي آبادگارن تمام گهٽ ايراضي تي ٽماٽن جو فصل پوکيو هو، ٻيو ته اوچتو هن سال بدين جي ٽماٽن جي فصل تي وائرس جو حملو ٿيڻ ڪري ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هزارين ايڪڙن تي پوکيل ٽماٽن جوآڳاٽو فصل 90 سيڪڙوتباهه ٿي ويو، جيت مار ڦوهاري واريون سموريون زرعي دوائون بي اثر ثابت ٿيون، جنهن لاءِآبادگارن جو چوڻ آهي ته اڪثر اهي سموريون جيت مار دوائون نقلي آهن. اهڙي طرح ڊسمبر ۽ جنوري تائين جڏهن ٽماٽن جي هڪ ڪلو جو اگهه وڃي 100 رپين تائين پهتو هو، تڏهن هن سال بدين جي ٽماٽن جي منڊي جيڪا ايشيا جي سڀ کان وڏي منڊي آهي، اها ويران رهي. جنهن بدين جي ٽماٽن جي منڊي مان 80 ۽ 90 وارن ڏهاڪن ۾ ڏهاڙي سوين ٽرڪون ڀرجي لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا تائين وينديون هيون، هن سال جي شروع وارن ٻن مهينن ۾ ڏهاڙي چند ٽرڪون به مشڪل سان نڪرڻ لڳيون ۽ هن سال بدين جو مرض لڳل ٽماٽو خود بدين ضلعي جي کپت به پورو ڪري نه سگهيو ۽ تمام گهٽ اگهه تي وڪرو ٿي سگهيو. هن سال ڪجهه ايڪڙن تي آڳاٽا ٽماٽا پوکيندڙ يو سي سيراڻي جي ديهه ورڙڪي جو هڪ سڄاڻ آبادگار ستار ورڙ، گذريل نومبر مهيني ۾ “افيئر”کي ٻڌايو هو ته هن ٽماٽا پوکيا آهن، اگهه به وڏو آهي، انڪري هن سال نه فقط سندس سمورا قرض لهي ويندا، پر هو پنهنجي پيرن تي بيهي ويندو.

هن سال ٽماٽن جو ايڏو وڏو اگهه ڏسي بدين جي سوين آبادگارن وڏو جوکم کڻي ڊسمبر ۽ جنوري جي مهينن کان هڪ ڀيرو ٻيهر هزارين ايڪڙن تي ٽماٽن جو نئون پاڇاٽو فصل وري پوکيو. جنهن نئين پوکيل فصل جا هزارين مڻ ٽماٽا جيئن ئي گذريل هفتن کان منڊي ۾ پهچڻ شروع ٿيا،  ايتري ۾ اوچتو اهڙي طرح سان ٽماٽن جو اگهه ڪرڻ لڳو جو هي رپورٽ فائيل ڪرڻ تائين ڪڍڻ ۽ بدين جي شهرن سميت ضلعي جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ هر سال جيئان بدين جا ڳاڙها اعليٰ معيار وارا ٽماٽا 5 رپيا في ڪلو ٿي ويا آهن. بدين جي شهرن جون بازارون ڳاڙهن ٽماٽن سان سٿجي ويون آهن، هر طرف بدين جي ٽماٽن جا هوڪا آهن، گذريل مهينن تائين 80 کان 100 في ڪلو وڪامندڙ ٽماٽا 5 رپيا في ڪلو خريد ڪرڻ لاءِ ڪير تيار نه آهي، ڪروڙين رپين جي لاڳت سان پوکيل بدين جا ٽماٽا ڪنا ٿي رهيا آهن. بدين جي ڏتڙيل هزارين مسڪين هارين ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ اهڙو ناحق هر سال جو معمول بڻيل آهي. ان جو هڪ مک وڏو ڪارڻ سنڌ حڪومت ۽ بدين مان چونڊيل عوامي نمائندن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي آهي، ٻيو ڪارڻ بدين جي ٽماٽن جي منڊي تي گذريل ڊگهي عرصي کان پنجابي واپارين جو ٿيل قبضو آهي. جيڪي پنجابي واپاري هر سال اوچتو ٽماٽن جو اگهه ڪيرائي ڄڻ ته مفت ۾ بدين مان لکين مڻ ٽماٽا خريد ڪري پنجاب ۾ وڏي اگهه تي وڪڻن ٿا. ٽيون ڪارڻ وفاقي حڪومت طرفان گذريل ڪجهه سالن کان جڏهن بدين مان لکين مڻ ٽماٽا مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿيندا آهن، تڏهن لاهور جي واهگا بارڊر وٽان ڀارت جي اوڀر پنجاب جو ٽماٽمو خريد ڪيو ويندو آهي. جنهن سان بدين جي ٽماٽن جي صوبي پنجاب جي وڏن شهرن ڏانهن فراهمي بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ بدين جي ٽماٽا ٽڪي ڌڙي ٿي ويندا آهن، جنهن سان نه فقط بدين جي غريب هارين ۽ آبادگارن جا ٽماٽن جي پوکائي تي خرچ ٿيل ڪروڙين رپيا ٻڏي ويندا آهن، پر ٽماٽن جي چونڊائي ۽ ٻني کان منڊي تائين گاڏين جو ڀاڙوبه کين کيسي مان ڀري ڏيڻو پوندو آهي.

بدين جي آبادگارن سان هر سال ٿيندڙ اهو ظلم هن عوامي حڪومت جي دور ۾ به بند نه ٿي سگهيو آهي. ٽماٽن جو فصل جيئن ته تمام گهڻو نازڪ آهي، ٻني مان چونڊائي ٿيل ٽماٽا جيڪڏهن ان هڪ ساڳئي ڏينهن تي منڊي ۾ وڪرو ٿي ڇانٽي ڪري ڪاٺ جي ڪاروٽونن ۾ پيڪ نه ڪيا ويا ته ٻئي ڏينهن اهي ٽماٽا ڪنا ٿي ويندا آهن. بدين ۾ ٽماٽن جي سڄي ملڪ کان وڌيڪ پيداوار جي باوجود حڪومت طرفان بدين ۾ ٽماٽن جي جوس جو ڪو هڪ به ڪارخانو نه لڳائڻ بدين جا ٽماٽا ايڪسپورٽ نه ڪرڻ، بدين جا ٽماٽا سڄي ملڪ جي وڏن شهرن جي منڊين تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪو به سهڪار نه ڪرڻ ڪري بدين جي آبادگارن کي هر سال ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ جنهن ۾ هن وقت يوريا ڀاڻ جي هڪ ٻوري جي قيمت 1350 رپين کان 1400 رپين تائين وڃي پهتي آهي، ڊيزل جي هڪ ليٽر جو اگهه ذري گهٽ وڃي 100 رپين تائين پهتو آهي، تڏهن ٽماٽن جي هن زرعي فصل مان هر سال کين ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيڻ ڪو معمولي مسئلو نه اهي. هن سال بدين جي پاڇاٽي ٽماٽن جو جيڪو 100 سيڪڙو اگهه ڪري پيو آهي، ان جو هڪ وڌيڪ ڪارڻ ٺٽي ضلعي جي اونهاري وارن ٽماٽن جو مارڪيٽ ۾ پهچڻ پڻ آهي. هونءَ هر سال بدين جو ٽماٽو سياري جي مند ۾ تيار ٿي مارڪيٽ ۾ ايندو آهي، جڏهن ته ضلعي ٺٽي جو ٽماٽو گرمي جي ڏينهن ۾ مارچ ۽ اپريل جي مهينن کان ان وقت لهڻ شروع ٿيندو آهي. جڏهن بدين جا ٽماٽا ختم ٿي ويندا آهن، بدين جي ٽماٽن جي آبادگارن سان ٿيندڙ ويڌن جا تفصيل مٿي بيان ڪيا ويا آهن، پر سخت گرمي جي ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ ايندڙ ٺٽي جي ٽماٽن جي آبادگارن کي هر سال ڪجهه ملهه ملي ويندو هو، پر تازي رپورٽ موجب هن سال ضلعي ٺٽي جي آبادگارن جو پڻ ڏيوالو نڪري ويو آهي. پهريل اپريل تائين ٺٽي جي ٽماٽن جي هڪ مڻ جو اگهه ڪري فقط 100 رپين تي اچي پهتو آهي. 100 رپيا في مڻ يعني ته هن سال ٺٽي جو ٽماٽو به فقط ٽي رپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي. بدين کان پوءِ لاڙ جو ٻيو تاريخي ضلعو ٺٽو جنهن کي گذريل سال جي هٿرادو آندل ٻوڏ ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو هو. لکين ٻوڏ متاثر مسڪين آبادگارن وياج خور واپارين کان ڪروڙين رپين جا ٻج ڀاڻ قرض تي کڻي، قرض تي ئي ٽريڪٽر جي کيڙي ڪرائي جيڪي ڪروڙين رپين جي ماليت جا ٽماٽا هزارين ايڪڙن تي پوکيا هئا، هاڻي مارڪيٽ ۾ اهي ٽماٽا فقط ٽي رپيا في ڪلو وڪامي رهيا آهن، جنهن ٽماٽن جي اگهه سان سندن گاڏين جو ڀاڙوبه ڳچي ۾ پئجي ويندو، جڏهن ته واپارين کان کنيل ڪروڙين رپين جا قرض اهي ڦرجي ويل مسڪين آبادگار هاڻي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ادا ڪري سگهندا، يقينن بدين ۽ٺٽي جاآبادگار هن سال واپارين وٽ گروپ ٿي ويندا. هي ته انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا واري ڪار آهي. ڪٿي چور سُڃا ته ڪٿي ڍور سڃا آهن. ٽماٽن سان گڏ هن وقت جڏهن لاڙ ۽ سنڌ جي بصر جو به زرعي فصل لٿو آهي. تڏهن هن وقت ڪڍڻ ۽ بدين جي شهرن جي بازارن ۾ ريڙهن تي 10 رپيا ڪلو بصر جا هوڪا پڻ هلي رهيا آهن. ظلم جي انتها ته ڏسو گذريل چند مهينن ۾ سنڌجي ماڻهن دڪانن تان 80-70 رپيا في ڪلو بصر پئي خريد ڪيو ۽ هاڻ جڏهن سنڌ جي آبادگارن جو فصل لٿو آهي ته اهو بازار ۾ 10 رپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي. يعني ته آبادگارن کان اهو بصر فقط 5 رپيا في ڪلو خريد ڪيو ويو هوندو. لاڙ سميت سڄي سنڌ جي معيشت جو مدار فقط زراعت تي آهي ۽زراعت سان حڪومت جيڪو حشر ڪري رهي آهي، اهو مذمت جو ڳو آهي، لاڙ جي مک زرعي جنسن ڪمند، ٽماٽن، بصر، چانورن ۽ سورج مکي جي آبادگارن سان ٿيندڙ ظلم تي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو