Home / افيئر / لاڙ ۾ تباهي ڦهلائيندڙ ايل بي او ڊي کي وِسپ جي نالي ۾ جيارڻ جي ڪوشش
above article banner

لاڙ ۾ تباهي ڦهلائيندڙ ايل بي او ڊي کي وِسپ جي نالي ۾ جيارڻ جي ڪوشش

3 مارچ 2011ع تي حيدرآباد ۾ سيڊا پاران واٽر سيڪٽر امپرووومينٽ پراجيڪٽ تحت سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري ڊيلٽا ۽ سامونڊي پٽي لاءِ ريجنل پلان جي تياري خاطر هلندڙ اڀياس جي پهرين مرحلي جي رپورٽ تي صلاحون ڏيڻ لاءِ ماهرن جي ٿيل ڪانفرنس ڪجهه پرڏيهي ماهرن کانسواءِ سنڌ جي جن ماهر ٽيڪنوڪريٽس ڊاڪٽر اسدالله قاضي وسپ جي ڊائريڪٽر زاهد جوڻيجو، نذير مغل، ٻيلي کاتي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري شمس ميمڻ، اي ڊبليو چنا، ڊاڪٽر بخش لاشاري، ايم ڊي سيڊا احسان لغاري، انجنيئر نصير ميمڻ ۽ صحافي جي اين مغل وغيره شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ انجنيئر نصير ميمڻ ۽ ناليواري صحافي جي اين مغل ايل بي او ڊي، اسٽيج ون واري ميگا پراجيڪٽ کي هڪ ناڪام ۽ تباهي مچائيندڙ رٿا سڏيو، تڏهن واپڊا سائوٿ واٽر ونگ جي نمائندي مسٽر ارشاد ٻوهيو هڪدم ان جي سختي سان ترديد ڪندي فرمايو ته ايل بي او ڊي ميگا پراجيڪٽ هرگز ناڪام نه ٿيو آهي. ان ۾ واپڊا کان ڪجهه ڪوتاهيون ضرور ٿيون آهن. پر انهن ڪوتاهين کي درست ڪري سگهجي ٿو. هن اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ته ايل بي او ڊي جي ٻيهر ڊزائن جي فزيبلٽي رپورٽ ٺاهي وئي آهي. جنهن رپورٽ کي پڻ ان پلان جي پهرين مرحلي ۾ شامل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ جي اين مغل چيو ته آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ايل بي او ڊي جي هڪ ناڪام ۽ هاڃيڪاري رٿا کي زبردستي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، هن سيڊا وارن کي صلاح ڏني ته انهن کي ايل بي او ڊي کي درست ڪرائڻ ۾ هڪ اڀياس ڪرائڻ گهرجي، جنهن لاءِ سيڊا کي سنڌ حڪومت کان فنڊ وٺڻ گهرجن. جڏهن ته مذڪوره اجلاس ۾ ڪن ماهرن حڪومت کان اها پڻ گهر ڪئي ته ايل بي او ڊي کي وسپ جي حوالي ڪيو وڃي. هي ڪيڏو نه وڏو الميو ۽ عجيب تماشو آهي جو واپڊا ۽ ورلڊ بينڪ جو ايل بي او ڊي اسٽيج ون جو ناڪام ۽ مڪمل طور تي جون 1998ع ۾ تباهه ٿيل خونخوار ميگا پراجڪيٽ جنهن جي مڪمل ناڪامي ۽ تباهي جو اعتراف خود ورلڊ بئنڪ جي هڪ چڪاس پئنڪ ٽيم جنهن 3 کان 6 نومبر 2004ع تي تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين، ڪي پي او ڊي جو فيلڊ وزٽ ڪرڻ ۽ 25 جولاءِ 2003ع جي ايل بي او ڊي رستي آيل ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ جي متاثرن، آبادگارن ۽ بدين جي سڄاڻ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ بعد عالمي بئنڪ کي هڪ عالمي تحقيقاتي بورڊ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. عالمي بئنڪ جيڪو عالمي تحقيقاتي بورڊ مقرر ڪيو جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا عالمي ماهر پڻ شامل هئا،  عالمي بئنڪ جي بورڊ جي چڪاس ٽيم 2005ع ۾ بدين جي سامونڊي پٽي جي متاثر ٿيل ڳوٺن، ڪڍڻ ۽ بدين جي شهرن جا تفصيلي دورا ڪيا ۽ ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي وزٽ ڪرڻ لاءِ پينل بورڊ جا ميمبر جڏهن تڏي تي پهتا ته اتي سمنڊ سان ڳنڍيل ٽائيدل لنڪ ڊرين جا 42 ڪلوميٽرن جي ڊيگهه وارا ٻنهي پاسن جا بند ڪٿي به کين نظر نه آيا. ان بعد عالمي پينل 2006ع ۾ جاري ڪيل پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ ايل بي او ڊي ميگا پراجيڪٽ جي مڪمل ناڪامي سان گڏ انجي ڀيانڪ جاني مالي ۽ ماحولياتي نقصانن جو اعتراف ڪندي عالمي بئنڪ کان متاثرن جي واهر ڪرڻ ۽ ٿيل نقصانن جي ازالي جي گذارش ڪئي. جاچ پينل طرفان اهڙي رپورٽ ڏيڻ بعد عالمي بئنڪ ايل بي او ڊي جي متاثرن لاءِ ايڪشن پلان جي نالي سان ڪروڙين رپين جا جڏهن فنڊ جاري ڪيا تڏهن اهي پراجيڪٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اين جي اوز جي وچ ۾ تڪرار ٿيو. 07-2006ع ڌاري اهو تڪرار ميڊيا جي زينت پڻ بڻيو. اهڙي تڪرار کي ڏسندي عالمي بئنڪ بدين جي ٻوڏ متاثرن جا اهي ڪروڙين رپيا وفاقي حڪومت جي هڪ اداري پي پي اي ايف کي ڏئي ڇڏيا. جتان اهو پراجيڪٽ ٻين اين جي اوز اين آر ايس پي ۽ برڊس بدين کي ڏنو ويو. جڏهن ته 2003ع جي ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ بعد ايل بي او ڊي جت تباهڪارين خلاف ورلڊ بئنڪ جي تحقيقي اداري کي بدين جي ٻوڏ متاثرن طرفان اهڙي درخواست بدين جي آبادگارن ۽ سماجي اڳواڻن گڏيل طور تي ڏني هئي، جنهن ماهراڻي درخواست جي پيروي بدين جي هڪ نالي واري سڄاڻ نوجوان مصطفيٰ ٽالپر ڪئي هئي.

اها ڪيڏي نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ايل بي او ڊي جو موتمار ميگا پراجيڪٽ جيڪو آمر ضياءَ الحق جي مارشل لائي راڄ ۾ واپڊ وارن ٺاهيو، جنهن جو افتتاح وري 1996ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينطِر ڀٽو کان بيخبري ۾ ڪرايو ويو. تباهي مچائيندڙ ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي لاڳت جا اٽڪل هڪ ارب رپيا 95-1994ع ڌاري سنڌ حڪومت جي خزاني مان ڏنا ويا. شروع ۾ فقط 8 ارب رپين واري هن پراجيڪٽ کي واپڊ اوارن وڌائي 60 ارب رپين تائين پهچايو. 1995ع ۾ مڪمل ڄاڻايل هي ترقي جي نالي وارو ميگا پراجيڪٽ فقط ٽن سال جي مختصر عرصي ۾ 1999ع واري خطرناڪ سامونڊي طوفان کان به هڪ سال اڳ جون 1998ع سامونڊي ويرن جي سٽ نه سهي مڪمل طور تي ناڪام ۽ تباهه ٿي ويو. شاهه سمابو ڪريڪ وٽان غيرفطري طور تي سمنڊ سان ڳنڍيل اجگر سم نالو ٽائيڊل لنڪ ڊرين جو ڪولري ويئر اسٽرڪچر سميت جون 1998ع ۾ تباهه ٿيڻ ڪري اهو سم نالو بدين واسين لاءِ موت جي علامت بڻجي ويو. تڏهن بدين جي مقامي ماڻهن دانهون ڪيون ته سمنڊ سان ڳنڍيل اهو سم نالو جيڪو هڪ سامونڊي ڪئنال بڻجي سمنڊ جي پاڻي کي ابتو انساني ۽ زرعي آبادي طرف وهي رهيو آهي، انجي ابتي وهڪري کي جيڪڏهن شاهه سمابو ڪريڪ وٽان بند نه ڪيو ويو اڳتي هلي اهو سم نالو هڪ درياهه بڻجي ابتو وهندو ۽ کارو سمنڊ بدين کي چند سالن ۾ ئي ڳڙڪائي ويندو. پر افسوس جو واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي اهلڪارن بدين واسين جي هڪ به نه ٻڌي. جنهن جي نتيجي ۾ مئي 1999ع ۽ جولاءِ 2003ع ۾ سمنڊ بدين طرف رخ رکيو. 10 کان 15 فوٽ بلند ان پاڻي تي سوين انساني لاش ۽ جانورن جا مڙهه تري رهيا هئا. 2003ع واري ان ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ کان اڳ سنڌ جا اهي گهڻا سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نام نهاد ماهر، جيڪي واپڊا وارن کان ڪروڙين رپيا مختلف طريقي سان وٺي ايل بي او ڊي جي تڪراري رٿا جي وڪالت پيا ڪندا هئا، جن سنڌ يونيورسٽي جي هڪ اسٽڊي سينٽرن مان آفيسن ۾ ويهي ايل بي او ڊي جي معاشي زرعي ۽ ماحولياتي سماجي فائدن تي سوين صفحن جا ڪتاب لکيا، انهن مان گهڻا ان وقت قلابازي کائي ايل بي او کي هڪ ميگا ڊزاسٽر سڏي ان جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳا جڏهن بدين ۾ ٿيل تباهي تي عالمي ڊونر ادارن بدين جو رخ ڪيو. اهي سنڌ جا ماهر جن مان گهڻا غيرسرڪاري تنظيمن سان ته ڪي وري واپڊا، اين ڊي پي، سيڊا ۽ وسپ ۾ ويٺا آهن، انهن سڀني پنهنجا شڪار شروع ڪري ڇڏيا. سندن شڪار بدين ۽ سنڌ جا اهي ڪروڙين ماڻهو آهن جن کي سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي.

گذريل سال سنڌ حڪومت خود هڪ سرڪاري ڪرايل سروي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سمنڊ هيلتائين لاڙ جي ٻن تاريخي ضلعن جي اٽڪل 30 لک ايڪڙ زرعي ۽ انساني آبادي کي هڙپ ڪري ويو آهي ۽ سمنڊ ڏهاڙي ٻنهي ضلعن جي 80 ايڪڙ ايراضي کي ڳڙڪائي رهيو آهي. رپورٽ موجب سمنڊ کي روڪڻ لاءِ جلد هنگامي بنيادن تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي ته لاڙ جا اهي ٻئي تاريخي ضلعا بدين ۽ ٺٽو نقش تان مٽجي ميسارجي ويندا. اهڙي ڳڻتي جوڳي رپورٽ بعد جتي بدين ۽ لاڙ جا لکين ماڻهو سخت پريشان آهن، سندن بقا ۽ وجود کي سخت خطرو پيدا ٿي ويو آهي، اتي ورلڊ بئنڪ جنهن نه فقط ايل بي او ڊي جي ميگا پراجيڪٽ جي فنڊنگ ڪئي، پر ان منصوبي ۾ چيف ڪنسلٽنٽ پڻ ورلڊ بئنڪ جا هئا. اها بئنڪ چوي ٿي ته ايل بي او ڊي ميگا پراجيڪٽ مڪمل طور تي ناڪام ٿيو آهي. جنهن بدين ۾ خوفناڪ تباهي مچائي آهي، پر واپڊا ۾ ويٺل هڪ سنڌي ڪامورو چوي ٿو ته اهو پراجيڪٽ ناڪام نه ٿيو آهي. سنڌ جو هڪ ناليوارو صحافي چوي ٿو ته اهو ناڪام ۽ تباهه ٿيل پراجيڪٽ آمر پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ زبردستي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو  ويو. پر هڪ ٻيو سنڌي ماهر چوي ٿو ته ايل بي او ڊي جي ان راڪاس کي وسپ جي حوالي ڪيو وڃي. جي اين مغل مذڪوره حيدرآباد واري ماهرن جي اجلاس ۾ سيڊا وارن کي اهو پڻ چيو ته اهي ايل بي او ڊي جي اڀياس ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان وڌيڪ فنڊ حاصل ڪرڻ جي گهر ڪن. واضح رهي ته وفاقي حڪومت جي 4 ڪروڙ رپين جي فنڊ سان واپڊا وارن 2008ع ۾ ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين اسٽيج ون بدين ايريا ڊرينيج سسٽم جي ڏهه ارب 24 ڪروڙ ساڍا ٻارنهن لک رپين واري منصوبي جي اڀياس نيسپاڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپني جي ماهرن کان ڪرائي جنهن اڀياس واري ڪم ۾ واپڊا سيڊا آبپاشي کاتو سنڌ حڪومت کي پڻ شامل ڪيو ويو، آخر ۾ ان اڀياس ۾ بدين جي آبادگارن ۽ ڄاڻو ماڻهن کي اسٽيڪ هورلڊ طور تي جڏهن شامل ڪيو ويو هو تڏهن واپڊ اجي اهلڪارن نيسپاڪ جي ماهرن ۽ بدين جي اسٽيڪ هورلڊن ۾ ري ڊزائين واري مسئلي تي سخت تڪرار پڻ ٿيو هو. بدين جي اسٽيڪ هولڊرن آفيسن ۾ ويهي ٺاهيل غلط فزيبلٽي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ گڏيل فيلڊ وزٽ جڏهن 28-27 آگسٽ 2008ع ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪي پي او ڊي ۽ شڪور ڍنڍ کان جاتي تائين ۽ بعد ۾ 21 آڪٽوبر 2008ع تي واپڊا، سيڊا، آبپاشي کاتي ۽ نيسپاڪ جي اهلڪارن سان گڏ بدين جي آبادگارن روپا ماڙي کان شاهه سمابو ڪريڪ تائين هڪ ٻيڙي ذريعي تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين مان سفر پڻ ڪيو ، جنهن ۾ ٽائيڊل لنڪ ڊرين ان وقت لکين ڪيوسڪ سامونڊي پاڻ سان ابتي وهي رهي هئي ۽ ان جو پيٽ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن ۾ ويڪرو ٿي ويو هو. اهڙي ماجرا ڏسي واپڊا ۽ سيڊا جا اهلڪارن دهلجي ويا هئا ۽ نيسپاڪ جي ماهر انجنيئرن ان وقت ئي چيو هو ته ٽائيڊل لنڪ ڊرين جو ابتو وهڪرو بند ڪرڻ هاڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي. ان بعد ايل بي او ڊي، ري ڊزائن واري منصوبي جي نيسپاڪ ڪمپني نئين فزيبلٽي رپورٽ جيڪا 5 واليم ۾ هزارين صفحن تي مشتمل آهي، اها نومبر 2008ع ۾ تيار ڪئي، جنهن جي پي سي ون به ٺهي وئي هئي، جنهن منصوبي تي 2009ع ۾ ڪم شروع ٿيڻو هو، پر مارچ 2011ع تائين ان منصوبي تي ڪم چالو ٿي نه سگهيو آهي. سمنڊ هن وقت شهيد دودي سومري جي مزار روپا ماڙي وٽ ڇوليون هڻي رهيو آهي. هوڏانهن سنڌي مار سنڌ جا سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ماهر ايل بي او ڊي، اين ڊي پي، سيڊا مان پنهنجا ڀڀ ڀري هاڻ وسپ ۾ اچي شڪار تاڙي ويٺا آهن. جنهن لاءِ معلوم ٿيو آهي ته ورلڊ بئنڪ جيڪا وسپ کي ڪروڙين ڊالرن جي فنڊنگ ڪري رهي آهي، جنهن جا پئسا پڻ اچي ويا آهن، ان ڪري سڀئي نام نهاد ماهر اربين رپيا کپائڻ لاءِ نوان منصوبا جوڙي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو