Home / افيئر / معصوم ٻارڙن لاءِ تنگ ٿيندڙ ڌرتي
above article banner

معصوم ٻارڙن لاءِ تنگ ٿيندڙ ڌرتي

بنگال جي نوبل انعام يافته ۽ مشهور شاعر ٽئگور لکيو هو ته هر ڄمندڙ ٻار پنهنجي پيدائش سان گڏ اهو اطلاع يا احساس کڻي اچي ٿو ته خدا اڃا هن دنيا مان مايوس نه ٿيو آهي.

پر جڏهن معصوم ٻارن سان جنسي ڏاڍايون ٿينديون هجن ۽ حوس کان پوءِ اهي قتل ٿيندا هجن ته ان سڄي پس منظر کي پاڻ ڪهڙي کاتي ۾ ڳڻيون؟ شڪارپور ۾ هڪ هفتي جي اندر ٽي اهڙا شرمناڪ واقعا ٿيا آهن، جن لونءَ لونءَ ڪانڊاري ڇڏي آهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انساني ذهن ۽ ضمير کي ڌوڏيندڙ انهن ٽنهي واقعن جي حوالي سان سياسي ۽ رياستي سطح تي هنن سٽن لکڻ تائين ڪنهن به قسم جو ڪنهن جي به پاران نوٽيس نه ورتو ويو آهي.

اهي واقعا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هڪ خبر کان وڌيڪ ٻي ڪائي به اهميت والاري نه سگهيا آهن ۽ نه وري انهن واقعن کانپوءِ انهن جي اثرن يا ردعمل جي ڪنهن خبر ورتي.

هنن واقعن جو وچور اهو آهي ته 2011ع 11 مارچ تي گذيل ڏينهن 10 مارچ تي شڪارپور شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ٻن معصوم ٻارڙين جي اغوا ۽ جنسي ڏاڍين جي ڪوشش جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن.

نيو فوجداري ٿاڻي جي حد صدر محلا ۾ ڊاڪٽر حفيظ الرحمان بروهي جي چار ساله نياڻي گهر ۾ راند کيڏندي گهر جو در ٽپي ٻاهر وئي ته جوابدارن کيس اغوا ڪيو ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ بنا در واري حاجت واري جاءِ ۾ نينگري جا ڪپڙ ا ڦاڙي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته معصوم ٻار جي دانهن ۽ ڪوڪن تي علائقي واسين پهچي جوابدارن کي جهلي پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عبيدالله مهر جرم جو اعتراف ڪيو آهي ۽ واقعي ۾ پنهنجي سوٽ اسدالله جي ملوث هئڻ جي به شاهدي ڏني آهي. هن واقعي جو ڪيس معصوم نياڻي جي چاچي عزيزالرحمان حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، ڇا گناهه نمبر 2011-49 قلم37PPC 371A-511 واري اها ايف آءِ آر فائيلن ۾ ئي دٻجي ويندي يا ان جو ڪو داد فرياد به ٿيندو؟  اسٽور گنج ٿاڻي جي حد لاڙائي محلا ۾ منجهند جو ٻين اڍائي وڳي ڇهن سالن جي “ج” کي جوابدار فرمان لاڙائي کي اغوا ڪري کيس پاڙي جي ئي پرائمري اسڪول ۾ حوس جو نشانو بڻائڻ چاهيو ته ٻارڙي جي رڙين تي نينگري کي ڇڏي فرار ٿي ويا. معصوم نياڻي جي مزدور پيءُ اربيلو پنهيار حد جي ٿاڻي تي دانهيو آهي ان روئيداد جي ڪٿا گناهه نمبر 2011-44 قلم 511 ۽ 363 واري ايف آءِ آر ۾ به رڪارڊ تي اچي چڪي آهي، پر ان ڪٿا ۾ جيڪا روح کي رهڙيندڙ رڙ آهي سا ڪنهن کي ڪنائڻ جي فرصت به آهي؟ اهي ٻئي واقعا هڪ ڏينهن ۾ پيش آيا هجن يا هڪ ٻئي پٺيان، پر انهن واقعن جو وجود ڪهڙي حقيقت جو مظهر آهي؟ شڪارپور جا شهري اڃا ان دل ڏکائيندڙ واقعن جي درد مان نڪتا ئي نه هئا ته ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگ ڏيٿو ۾ يارنهن ٻارنهن سالن جو نينگر شعيب ڏيٿو جنسي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ٿيو آهي. مقتول جا وارث بنيادي طور ڳوٺ دود ڏيٿو جا رهواسي آهن، ڳڀي جي ڳولها کين شڪارپور جا وڻ وسرايا، هو ڪافي عرصي کان شڪاپور جي امين شاهه چشتي واري علائقي ۾ رهن ٿا، ڳوٺ هڪ شادي جي تقريب ۾ ويا ته اهو واقعو پيش آيو، نينگر جو والد عبدالجبار ڪراچي ۾ ڪارخاني ۾ ڪمائيندو آهي، سندن ڏاڏي جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ غفار، عمران ۽ پوٽو شعيب ٻين گهر ڀاتين سان مائٽن جي شادي تي ويو هو ٻيا گهر ڀاتي موٽيا هو نه آيو ڳوٺان سندس ڳوٺ ۾ هئڻ جي تصديق ٿي، ٻئي ڏينهن تي فون آيو ته مولا بخش قريشي جي ٻني تي شعيب جو لاش پيو آهي، اسان واقعي واري هنڌ وڃي ڏٺو ته معصوم نينگر جي مٿي تي ڌڪ لڳل هئا، زمين تي رت پيو هو. چهري تي ڳاڙها نشان هئا ۽ جسم سڄيل هو. گلزار جي فرياد تي ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي گناهه نمبر 2011-37 قلم 302PPC ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪو به جوابدار نامزد ناهي. خبر نه آهي ته انهن نامعلوم جوابدارن تان پردو ڪڏهن کڄندو ۽ اهي ڪڏهن سوگها ٿيندا؟ هتي هڪ غور طلب ڳالهه اها آهي ته ڪيس ۾ جنسي ڏاڍائي جو ڪو به ذڪر ۽ ڪو به قلم نه آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ نشاندهي کانپوءِ اهو قلم لاڳو ٿي سگهندو پر سوال اهو آهي ته ڇا پوسٽ مارٽم رپورٽ واقعي به حقيقت شناس ايندي؟

شڪارپور ۾ معصوم ٻارڙن لاءِ تنگ ٿي ويل ڌرتي هزارين ٻارن جي زندگين لاءِ امڪاني خطرن جا گهنڊ وڄائي ڇڏيا آهن، پر اهي گهنڊ هتي ٻڌا اڻ ٻڌا ثابت ٿي رهيا آهن.

هتي ڄاڻايل لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن کانپوءِ ڪو به چونڊيل نمائندو، ڪو به سياستدان ۽ ڪو به ڪامورو متاثر خاندانن جي در لڙي نه ويو آهي، جيڪڏهن اهي واقعا مسلسل ميڊيا جو محور هجن ها ته گهڻائي جتيون گسائين ها، پر ڇاڪاڻ ته ان قسم جي تحقيقي ڪوريج اڃا تائين ڪو نه ٿي آهي، تنهن ڪري ڪو به قياس ۽ ڪهڪاءُ نه ٿيو آهي.

هن واقعي جو چائلڊر رائيٽس ڪميٽي نوٽيس ورتو آهي، ان جي پريس پڌرائي به جاري ٿي آهي ۽ چائلڊ رائيٽس ڪميٽي وارا قانوني مدد يا ٻين معاملن جي حوالي سان متحرڪ به ٿيا آهن، پر انهن جو به ته ڪو ئي ٻانهن ٻيلي هئڻ گهرجي؟ هن واقعي کي رنگ نسل يا ننڍ وڏائي واري مت ڀيد کان مٿي ٿي انساني ۽ سماجي پس منظر ۾ ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها ئي وقت جي تقاضا ۽ اڄ جي پڪار آهي.

اڄ جن ڪيفيتن يا ڪرب مان مقتول ۽ معصوم شعيب جا والدين ۽ مٽ مائٽ گذري رهيا آهن، يا جن سوالن جو سيلاب متاثره ٻارن جي وارثن کي لوڙهي رهيو آهي،  ڇا اها ڪوئي پڪ ڏياري سگهي ٿو ته سڀاڻي اهي ڏينهن اسان کي نه ڏسڻا پوندا؟

اسان جي گهرن جا معصوم ٻار اسان جي اکين جا ٺار آهن، انهن جي مرڪ اسان جي زندگي آهي، پر جيڪڏهن ڪوئي انهن ڪلين کي ٽڙڻ کان اڳ مروڙي ڇڏي ته اسان جي دل ۽ دماغ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟

اسان جا ٻار ۽ انهن جو محفوظ مستقل اسان کان جنهن ڪردار جو تقاضائو آهي، اهو اسان نه ٿا سنڀاليون، اسان جي اها غلطي نه پر هڪ وڏو گناهه آهي ۽ اها لاپرواهي ڪيترن ئي امڪاني خطرن جي آمد جو اهڃاڻ آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان امڪاني آفت کان بچيو وڃي ۽ ان کان نجات جا دڳ رستا ڳولهجن ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي پنهنجي طور تي نه رڳو پنهنجن ٻارن پر انهن لاءِ امڪاني طور پيدا ٿيندڙ خطرن تي به اک رکون، پر ڇاڪاڻ ته اسان تي ڪوئي اک رکڻ وارو نه آهي، يا اسان جي ئي ڪنهن تي اک نه ٿي ٻڏي، ان ڪري اسان جي هر ذميواري کان آجا ٿي ويا آهيون، اسان جي ڪنڌ ۾ ئي ڪلي ناهي ته اسان ڪنهن کي رسو وجهون؟ خود احتسابي خبر نه آهي ته اسان جي اندر ۾ پنهنجو پاڻ کان پڇا ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي جائزي وٺڻ واري جوت کي ڪڏهن جاڳائيندي ڪڏهن اها چڻنگ دکندي ماڻهوءَ جو من منور ڪري ڇڏيندي، پوءِ ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي پرواهه ٿيڻ لڳندي.

bukharinasim@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو