Home / پروفائيل / ملڻ هي مير محمد جو، جوانين کي ڇيڙي ٿو پيو سنڌ ثقافت جي مهندار هڪ شخص جي ڪٽنب جو درد!
above article banner

ملڻ هي مير محمد جو، جوانين کي ڇيڙي ٿو پيو سنڌ ثقافت جي مهندار هڪ شخص جي ڪٽنب جو درد!

بدين جي اوڀر ۾ شادي لارج،ضلعي جو آخري شهر،چند ڪلو ميٽر پرتي پُراڻ جي موري،هتان کان ٿر پارڪر شروع ٿئي ٿو.رڳو چند هزار ايڪڙن بعد وري بدين ضلعو،۽ ونگي کانپوءِ وري ٿر شروع ٿئي ٿو،

ائين ڇو؟

ان ڪري ته انهن چند هزار ايڪڙن جي علائقي ۾ اربابن جا ووٽ آهن.هو مونکي ٻڌائي ٿو،هتي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي، اسان جا ٻار چار پنج ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ وڃن ٿا،

اسان پراڻ جي موري اُڪري ڏکڻ ڏانهن مڙون ٿا، هتي ارباب جا رستا ٺهرايل آهن،جيڪي اڃا سلامت آهن،رستو هن جي گهر تي ختم ٿيو،هُن ڊرائيور کي چيو گاڏي بيهار،

هتي ته ورهيه ٿيا ڪو ماڻهو ئي نه آيو آهي،مون پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو،

چئو طرف ويراني،پرتي ڏٻرا ڪتا هن علائقي جي معاشي صورتحال جي شاهدي بيان ڪري رهيا هئا، سامهون اڌ ڇت ۽ اڌ ڀت واريون جُهڳيون پنهنجي بد حالي تي برسات کان پوءِ واري آسمان جيان مطمئن هيون، چند ٻڪريون،ڪجھ ڪڪڙ، ۽ بنا ڪانچن وارا ٻار،زندگي جي موجودگي جو ڏس ڏئي رهيا هئا،

سائين اچو

ذوالفقار مونکي چيو

اسان واري ٽهئ جي عاشق مزاج شاعر حسن درس،گهڻا ورهيه اڳ ،جڏهن هو لاڙ تان مڙيئي پيو ڀيرا ڪندو هو،تن ڏينهن ۾ هُن چيو هو،

“پراڻي عشق پوڙهي جيئن وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي

ملڻ هي مير محمد جو جوانين کي جڙي ٿو پيو”

هي اهو مير محمد آهي ،جنهن موهن جي دڙي کانپوءِ بوڙينڊي کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو،۽ سنڌ جو هي يگانو عاشق انهي بوڙينڊي کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ کڻي ويو،۽ لک عزتون وٺي آيو،ذوالفقار انهي ئي مير محمد لنڊ جو پٽ آهي،جنهن کي محترما بينظير ڀٽو جي پهريئن دور حڪومت ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي مليو هو. انهن ڪچن گهرن ۾ هو تيز برساتن ۽ طوفانن جي باوجود انهي ميڊل ۽ پاڪستان ۾ بيورو ڪريسي جي امام غلام اسحاق خان جي اها تصوير سنڀالي ويٺاآهن،جنهن ۾ صدرپاڪستان استاد ميرمحمد لنڊ کي اهو ايوارڊ ڏئي رهيو آهي،

“هن ملڪ جي حڪمرانن جو ڀاڳ ڪيڏو نه  ڀلو آهي جو انهن ڪچن گهرن ۾ به هنن جون تصويرون اڄ به انهي اعزاز سان پيل آهن، هُنن انهن کي ايوراڊ ته عطا ڪيا پر گهر نه،هن رياست جو انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿيندو؟ مون پنهنجو پاڻ کي چيو هو.

استاد مير محمد لنڊ موهن جي دڙي مان هٿ آيل بوڙينڊي جي ٻن سوراخن ۾ هڪ ٻئي سوراخ (زيل )جو اضافو ڪيو،۽ سمورا سُر انهي مان ڪڍيا،پر ذوالفقار لنڊ انهي بوڙينڊي کي اڃا وڌيڪ بهتر بڻايو،۽ هن انهي ۾ ست سوراخ ڪري انهي مان ست سُر ڪڍڻ جو رواج وڌو، هي اُ هي فنڪار آهن ،جن کي ٻُڌڻ وارا ته ڪڏهوڪا مري ويا ،هي الئي ڇو جئيرا آهن؟،هاڻي ته “عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌارهجي” جو دور آهي،

اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو مقصد اوهان کي اهو ٻڌائڻ آهي ته جيڪي ماڻهو مٽي ۾ سوراخ ڪري ،انهن کي آوين ۾ پچائي ،جڏهن پنهنجي سموري بدن جو زور لڳائي ڦڦڙن مان ڦوڪن ذريعي ساز ڪڍي ماڻهن کي بي خود بڻائي انهن کي محبتن جو پيامبر بڻائين ٿا ،انهن جي گهرن ۾ بکون واڪا ٿيون ڪن،جڏهن ته ٻئي پاسي اهي ماڻهو آهن،جيڪي خدا جي گهرن ۾ به ماڻهن کي بارود جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا، اوهان هنن ٻنهي ماڻهن جي معاشي حالتن جو اندازو لڳايو ،اوهان پاڻ اندازو ڪريو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون، هي اهي ماڻهو آهن ،جيڪي اندر جي آڳ کي گيتن ذريعي ٿڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪنداآهن،اُن ڏينهن به ائين ئي ٿيو هو،مير محمد لنڊ جي پوٽي ۽ ذولفقار لنڊ جي ڌي ماروي جنهن جي ڄمار اڃا 11 سال مس آهي هڪ اهڙي بيماري  ۾ مبتلا آهي،جنهن ۾ هن جي ڇاتي ۽ پٺي جو هڏو ٻاهر نڪري رهيو آهي، جنهن جو علاج بدين يا حيدرآباد ۾ ممڪن ناهي،کيس هڪ سال اڳ ۾ ٽنگن ۾ سور پيو هو،ذوالفقار لنڊ پهرين عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو،ڪنهن ٽي بي جون دوائون ڏنيون،۽ ڪنهن ،ڪنهن ٻي بيماري جون دوائون ڏنيون،پر ڦڪين فرق نه ڪيو، هو هڪ ڏينهن بدين پريس ڪلب آيو ته اها خبر اخبارن ۽ چئنلز  ذريعي حڪمرانن جو دروازو کڙڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي،سنڌ حڪومت ۾ تڏهوڪي اطلاعات کاتي جي صلاحڪار شرميلا فاروقي پهرين اخبارن ۾ ماروي جو علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ،۽ بعد ۾ بدين جي ضلعي انتظاميا کي چيو ويو ته هو ماروي لنڊ کي ڪراچي موڪلين،  21 جنوري تي هنن کي سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، جناح اسپتال ۾ زڪوات فارم ذريعي ماروي جي ايم آئي آر ٽيسٽ ڪرائي وئي. ڊاڪٽرن کين چيو ته ماروي کي اهڙيون شيون کارايو جن سان جسم کي طاقت ملي، “ اسان وٽ ايترا پئسا ئي نه هئا جو اسان اهي شيون وٺي ماروي کي کارايون” ذوالفقار لنڊ ٻڌايو،هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن  اسان کي هڪ بيلٽ ڏنو،جيڪو ڇاتي ۽ پٺن تي ٻڌڻو هو، اسان هاڻ بيزار ٿي چڪا هئا سين، علاج به نه ٿي رهيو هو، اسان هنن کي چيو ته اسان کي واپس بدين موڪليو، اسان هاڻي هتي رهي ڇا ڪريون؟هتي علاج ته ٿئي نٿو، ڪجھ ڏينهن شرميلا فاروقي جي آفيس جا چڪر لڳائڻ بعد اسان کي گاڏي ملي، اسان انهي گاڏي ۾ چڙهي ڳوٺ موٽي آيا سين، هنن جيڪو بيلٽ اسان کي ڏنو هو ،اسان اهو بيلٽ ماروي کي ٻڌڻ شروع ڪيو،ڪجھ ڏينهن بعد هُن روئڻ شروع ڪيو، ته اسان بيلٽ لاهي ڏٺو سين ته هن جي پٺن تي زخم ٿي ويا هئا، انهي کانپوءِ اسان اهو بيلٽ به لاهي ڇڏيو سين،

هي سور اتي ئي ختم نٿا ٿين، استاد مير محمد لنڊ جي گهر واري اڃا حال حيات آهي، هن جا سور  به هُن جي ڄمار جيان وڌي ويا آهن، “ابا تنهنجو چاچو جڏهن جيئرو هو ته مهمانن لاءِ هو اکيون وڇائيندو هو،اسان رڙيون پيا ڪندا هئاسين،ڇورن کي هڪل ڪندو ته سُوا ٻڪري به ڪھي ڇڏيو، هو گذاري ويو،انهي کان پوءِ ڪير اسان ڏانهن وڙڪي به نٿو،بينظير (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) جا پئسا به نٿا ڏين،چون ٿا ته توکي سرڪار کان پئسا ملن ٿا، استاد مير محمد لنڊ جي گهر واري کي ثقافت کاتي سندس مڙس جي وفات بعد وظيفي واري رقم جاري رکي،جيڪا اڃا تائين کيس ملي پئي، ذوالفقار لنڊ جو الميو اهو آهي ته هن کي سندس نياڻي جي علاج لاءِ پئسا ناهن، هن سنڌ جي ثقافت کاتي کي لکت ۾ چيو ته کيس ڪجھ سالن جو وظيفو اڳواٽ ادا ڪيو وڃي ته هو انهن پئسن مان سندس نياڻي جو علاج ڪرائي، پر هنن به جواب ڏئي ڇڏيو، ثقافت کاتي جو وظيفو هر مھيني نه پر چوڏنهن ،پندرنهن مهينن بعد يڪو چيڪ جي صورت ۾ ملندو آهي، ۽ انهي چيڪ جي انتظار ۾ سال گذارڻو ٿو پوي ٿو.امان سان به ساڳيو حال آهي.ذوالفقار لنڊ وڌيڪ چوي ٿو ته منهنجي زال کي انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نٿا ملن جو منهنجو پاسپورٽ ٺهيل آهي،توڻي جو اهو پاسپورٽ مون نه پر سرڪار پاڻ ٺهرايو هو،ڇاڪاڻ ته اسان کي حڪومت چين ٿي موڪليو. هاڻي اسان اها دانهن ڪنهن وٽ کڻي وڃون ته انهي پاسپورٽ ۾ اسان جو اچي نه وڃي،استاد مير محمد لنڊ جي گهر واري جي ميار اها آهي ته ميٽ ۽ تيل جا پئسا هن وٽ ناهن،چانھ ۽ ٻيڙين جي آئون موالڻ،منهنجا پٽ،مونکي ٻڌائي ته آئون ڇا ڪريان؟ظاهر آهي ته مون وٽ انهي جو جواب نه هو ان ڪري مونکي لاجواب ئي ٿيڻو هو، هن گهر ۾ اڄ جڏهن بدحالي پنهنجو راڄ قائم ڪيو ويٺي آهي، انهي گهر جي ڌڻي جي حيثيت جو اندازو اوهان انهي مان لڳائي سگهو ٿا ته هو جڏهن 80ع واري ڏها ڪي ۾ جرمني جي شهر بون ۾ سنڌي ڳائڻن جي هڪ گروپ سان گڏجي ويو هو ته ،جرمني جو چانسلر مٿس فدا ٿي پيو.هر فنڪار کي هڪ آئٽم پيش ڪرڻو هو،جڏهن استاد مير محمد لنڊ جو وارو آيو ته جرمني جي چانسلر نه رڳو انهي آئٽم جي چار ڀيرا فرمائش ڪئي،پر پاڻ ،پنهنجي زال سان گڏ بي خود ٿي رقص ڪرڻ تي به مجبور ٿي پيو. پر انهي پروگرام کانپوءِ هن جي مان ۾ هڪ شاندار دعوت جو به بندوبست ڪيو ويو،جنهن ۾ دنياوي دولت کان خالي هن شخص کي جرمني جي چانسلر اها آڇ ڪئي ته هو جيڪڏهن جرمني جي شهريت وٺي ته کيس نه رڳو انهي ڳالھ جي خوشي ٿيندي،پر هو سندس مڪمل سار سنڀال به لهندا،پر هن درويش صفت شخص اها آڇ قبول ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي.۽ چيو ته هو پنهنجي وطن ۾ ئي رهڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو،هو ڪمال جو سگھڙ به هو، جڏهن صدارتي ايوارڊ مان هڪ لک رپيا مليس ته هن ڳوٺ اچي ٻه ڪمرا تعمير ڪرايا، اهي ڪمرا اڄ به موجود آهن،۽ باقي گهر بنا چو ديواري جي سڄو ڪچو آهي، جنهن ملڪ ۾  مختلف نالن تي بندوق جي زور تي جيڪي ماڻهو لکين رپيا ڏئي ٿا ڇڏين ،انهن مان ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪي پيار جي پرچارڪن جي اولاد جي حياتي لاءِ چند ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهي!!!!!!

هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ موجود دشمنين کي گهٽائڻ لاءِ استاد مير محمد لنڊ چوندو هو ته آئون ۽ استاد بسم الله خان اهي نفرتون ختم ڪرائي سگهون ٿا، مير محمد لنڊ جو ان ڪري بخت ڀلو هو جو هو بسم الله خان کان اڳ ۾ ئي گذاري ويو، هو جڏهن گذاري ويو ته سرڪار هن لاءِ ڪوبه بيان جاري نه ڪيو،هن لاءِ سوڳ جو اعلان نه ڪيو ويو،هو هن ملڪ ۾ ايترو پاپولر نه هو ان ڪري ملڪ جي “قومي” ٽي وي به هن جي خبر نه هلائي، ، هُن لاءِ پاڪستان جو ڪوبه وڏو ايوارڊ تيار نه هو،استاد مير محمد جي حياتي  جي ڪيترن ئي ورهين بعد جڏهن هندستان ۾ جي شهر بنارس ۾ 90 سالن جي ڄمار ۾ استاد بسم الله خان گذاري ويو ته سڄي دنيا ڏٺو ته انهي ڏينهن هندستان جي 20 ڪروڙ آبادي واري صوبي اتر پرديش ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو ،هندستان جو قومي جھنڊو 24 ڪلاڪ جهڪيل رهيو، ،ملڪ جي پارليا مينٽ جي ٻنهي ايوانن هن جي لاءِ تعزيتي ٺهراءَ منظور ڪيا. ۽ هن جي مڙھ کي هڪ توب گاڏي تي رکي جڏهن سندس گهر مان هن جي مڙھ کي قبرستان ڏانهن نيو ويو ته استاد بسم الله خان جو مڙھ هندستاني جهنڊي ۾ ويڙهيل هو. ملڪ جي صدر عبدالڪلام،وزير اعظم من موهن سنگھ۽ سونيا گانڌي،پاران موڪليل گلن جون چادرون هن مٿان پيل هيون،۽ هزارين ڪانڌي بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي هن جي جنازي ۾ شريڪ هئا، کيس مڪمل سرڪاري اعزا ز سان دفنايو ويو، “هندستان پنهنجي عظيم فرزند کان محروم ٿي ويو”،من موهن سنگھ چيو هو،

پر پاڪستان تي افسوس ناهي ،ان ڪري ته ڀٽائي ۽ بلھي جي هن زمين تي هاڻي انهن ماڻهن هٿيارن جي زور تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي،جتي ماڻهن سان محبت جي اظھار جون سموريون شيون حرام قرار ڏنيون ويون آهن، ۽ اهي ماڻهو دليل بدران گولي جي ٻولي تي وڌيڪ يقين رکن ٿا،تڏهن ته ڊاڪٽر جاويد غامدي جھڙو روشن خيال مذهبي عالم به هي  ملڪ ڇڏي هليو ويو،اوهان سوچيو ته جنهن ملڪ ۾ اهڙن روشن خيال عالمن جي لاءِ به جيئڻ جا رستا بند ٿي وڃن اتي اسان ۽ اوهان جي ڪهڙي مجال آهي، چڱو ٿيو جو استاد مير محمد لنڊ گهڻو اڳ گذاري ويو، نه ته شايد هن ماڻهو مٿان به هندستان سان ٺاھ ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ فتوا لاڳو ڪئي وڃي ها،

توهان سوچيو ته ڇا اسان هن ٻوسٽ وارين حالتن ۾ اڃان ڪيتري دير جيئرو رهڻ جي پاڻ ۾ سگھ ساري سگهون ٿا؟؟

Email:razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو