Home / ويندي ويندي / مڙس ماڻهو” موڪل تي
above article banner

مڙس ماڻهو” موڪل تي

سنڌي سڳورا کڻي پاڻ ڪيئن به هجن، هڪ ڳالهه جو کين ڪريڊٽ ڏبو ته هو مڙس ماڻهو جو قدر ڪن ٿا. بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جهڙن پهرين حر بغاوت جي ڪردارن کان وٺي پرو چانڊيو تائين، سنڌين کي مڙس ماڻهو جو  قدر رهيو آهي. اسان جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي موڪل تي وڃڻ تي ماڻهن جو ردعمل ان قدر ڪرڻ جي روايت جو تسلسل لڳي ٿو.

مرزا صاحب جو زبري مڙس جو تاثر سڀ کان اول تڏهن سامهون آيو جڏهن 2007ع جي سرءُ ۾ بينظير صاحبه وطن واپس آئي پئي ۽ سندس حفاظت جي ذميواري “جان نثاران بي نظير” کنئي، جنهن جي اڳواڻي مرزا صاحب جي هٿ ۾ هئي. 18 آڪٽوبر جي واقعي جي اڳئين ڏينهن مرزا صاحب ريمبو جهڙو انڌيري ۾ ڪارو چشمو پائي، ڏسڻي آڱر کڻي ارباب غلام رحيم جي شان ۾ جنهن طرح ڪئميرا آڏو بيان جاري ڪيا تنهن سندس ارڏي مڙس جي تاثر کي اڀاريو. شايد ان ئي ڪري کيس اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ لٺ بردار وزارت ڏني وئي.

بهرحال سندس وزارت پي پي جي ٻين وزارتن کان گهڻو مختلف ڪو نه هئي،  ها رڳو هڪ تفاوت اهو ضرور هو ته اسان جي گهرو وزير جي گفتار مڙئي سندس باقي رفتار کان تکي رهي. جيترو سندس زبان سنڌ جي امن بحال ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي ٽنگڻ لاءِ وهندي رهي اوترو سندس قلم به وهي ته شايد سنڌ جا روڊ رستا سج لٿي کان پوءِ ڏوهارين لاءِ “موج ڀريو مهراڻ” جو ڏيک نه ڏين ها. رڳو ڪراچي ۾ ئي سندس تمام تر بيانن باوجود ٻورين ۾ بند لاش ملڻ جو سلسلو جاري رهيو. ها، کيس هڪ ڪريڊٽ ڏجي ته هن جهڙيون برسر محفل ڳالهيون سي به پنهنجي اتحادي جماعت جي باري ۾، جيڪي نصيرالله بابر کانپوءِ نه ٻڌيون ويون هيون ڪيون، تن اتحادين جا ٽين کڙڪائي ڇڏيا، ظاهر آهي ته سندن اتحادي کانئن وڌيڪ عالمي ۽ مقامي اسٽيبلشمينٽ جي دادلي آهي، ان ڪري کيس زبان بندي جو حڪم ڏنو ويو. شاعر جيان سياستدان به زبان کولي داد وصول ڪرڻ جي نشي جا عادي ٿين ٿا، سو مرزا صاحب کي مجبورن زبان بند ڪرڻ بجاءِ موڪل تي وڃڻ منظور ڪرڻو پيو. سندس روانگي تي سنڌي ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻ لڳا ته هاڻ جيڪو ٿورو گهڻو زبان جو آسرو هو سو به پورو ٿيو. پٺيان ته گوگن، ٻوڙن ۽ منڊن جون قطارون آهن.

سنڌ ۾ زبان جو کٽيو رڳو مرزا صاحب نه پر کوڙ قوم پرست اڳواڻن به کاڌو ۽ کائيندا رهن ٿا. اسان جو ماڻو ڏاڍو هيسيل ۽ ڊنل آهي. کيس کهري زبان ڳالهائيندڙ، ايڪشن ۽ مارڌاڙ وارا ڪريڪٽر وڻن ٿا. هو انهن ۾ پناهه وٺي ٿو. پ پ سرڪار پنهنجي اڍائي ٽن سالن ۾ سنڌ کي سواءِ ٻوڏ جي ٻيو ڪجه خاص ناهي ڏنو. مرزا جي زبان سان ملندڙ آٿت الڳ ڳالهه آهي. خير هي همراهه ڪري به ڇا سگهي ها. سندن اتحادين جا هٿ کانئن ڊگها آهن. ا نهن ڊگهن هٿن مرزا صاحب کي موڪل تي موڪلي ڇڏيو ۽ هاڻ اهي ڊگها هٿ سندن حڪومت کي موڪلي تي روانو ڪرڻ لاءِ اصل مالڪن جي اشاري جا منتظر آهن. پر سنڌين کي زبان جي ڇانوَ کان علاوه به ڪا آٿت کپي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو