Home / سياسي افيئر / نواز ليگ اختلافن جو شڪار
above article banner

نواز ليگ اختلافن جو شڪار

ڪجهه ڏهاڙا اڳ هڪ انگريزي فلم “Lords of the Ring” ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. هي فلم هڪ عجيب طلسماتي منڊيءَ جي غيرمعمولي ڪشش بابت ٺاهي وئي آهي. اها منڊي جيڪو به شخص پائي ٿو ته سامهون وارو ان منڊيءَ جي محبت ۾ غلطان ٿي وڃي ٿو ۽ هر قيمت تي هو اها منڊي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. منڊي حاصل ڪندڙن ۾ منديءَ جي مالڪ جا مٽ مائٽ، دوست، محبوبا، زال ۽ ٻار ٻچا به شامل ٿي وڃن ٿا. هو مري ماري به منڊيءَ جي حاصلات جا خواهشمند بڻجن ٿا، تنهن ڪري معاشري ۾ وحشياڻي تشدد جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿئي ٿو. جيڪو رياست جي ڪنڊڪڙڇ تائين پکڙجي وڃي ٿو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارجي وڃن ٿا.

توهان کي يقينن هيءَ ڪهاڻي خيالي ۽ ديومالائي لڳندي هوندي. پر جيڪڏهن مسلم ليگ (نواز) جي طلسماتي اختلافن کي ڏسو ته توهان کي Lords of the Ring جا ڪافي ڪردار سمجهه ۾ اچڻ لڳندا. مسلم ليگ (ن) جو هر اڳواڻ ٻئي کي هٽائي اهو عهدو هر قيمت تي پاڻ وٽ رکڻ جي جستجو ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ ملڪ جي ٻيو نمبر سياسي جماعت تصور ٿيندڙ مسلم ليگ (ن) جي جيڪڏهن تنظيمي ڍانچي کي ڏسجي ته اها مرڪز کان وٺي صوبائي سطح تائين تنظيمي اختلافن جو هڪ ڍانچو نظر ايندي. هر پارٽيءَ وانگر هن جماعت ۾ پڻ اوهان کي مخلص ۽ عوام دوست سوچ رکندڙ ماڻهو نظر ايندا. پر لالچي، چاپلوس ماڻهن کي نسلي بنيادن تي اڳتي آڻڻ سبب ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو به مايوس ٿي خاموش ٿي ويا آهن.  اسان کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اختلافن تي هڪ نظر وجهڻي آهي. پر مرڪز جي اختلافن واري انگڙ ونگڙ کي سمجهڻ کانسواءِ سنڌ جا اختلاف سمجهه ۾ نه ايندا.

مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سطح تي اختلافن سبب ڪا به تنظيم ناهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف تنظيم کي ڏيڍ سال اڳ ٽوڙڻ جو اعلان ڪري مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي آرگنائزر مقرر ڪيا هئا، جيڪي هر ٽئين چوٿين مهيني تبديل ٿيندا رهندا آهن. انهن جي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي آهي. ڪنهن کي به خبر ناهي. مسلم ليگ (ن) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مرڪز ۾ هن مهل مسلم ليگ (ن) جا 6 واضح گروپ ڪم ڪري رهيا آهن. هڪڙا اهي آهن جيڪي پيپلز پارٽيءَ سان سڌي ٽڪراءَ جا حامي آهن، هڪڙا اهي اهن جيڪي نظام کي هلڻ ڏيڻ جي حمايت پيا ڪن. هڪڙا اهي گروپ آهن، جن کي صرف علائقائي سطح تي اختيار کپن ته هڪڙا راتيون رنگين گذارڻ لاءِ جستجو ۾ لڳل آهن. مسلم ليگي حلقا ٻڌائين ٿا ته نواز ليگ ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط گروپ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار احمد جو آهي ڇو ته هي گروپ پنجابي سوچ رکندڙ آهي. هن گروپ جو چوڻ آهي ته پنجابي ملڪ جو 62 سيڪڙو آهن. جيڪڏهن انهن کي گڏ رکجي ته ملڪي اقتدار حاصل ڪري سگهجي ٿو. نواز ليگ ۾ ٻيو گروپ اسحاق ڊار ۽ چوڌري پرويز رشيد جو آهي. هي گروپ لبرل سوچ رکندڙ ۽ مفاهمت جو حامي آهي. ٽيون گروپ ذوالفقار کوسي ۽ دوست محمد کوسي تي ٻڌل آهي. هن گروپ جي طاقت ڊيرا غازي خان ڊويزن تائين محدود آهي. هن حد ۾ ڪو به سرڪاري ڪامورو سندن اجازت کانسواءِ هلڻ ممڪن ڪونهي. انهيءَ جي حمايت ۾ صوبائي گهرو معاملن ورو وزير راڻا ثناءَالله جو گروپ پڻ مشهور آهي جيڪو عابد شير علي گروپ جو سخت مخالف آهي. ميان نواز شريف جو پرسنل اسسٽنٽ ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي پڻ پنهنجو گروپ رکي ٿو. عام ايم اين اي يا ايم پي اي سطح تائين جيستائين ڪرماڻي صاحب جي مفادن جو خيال نٿو رکي تيستائين ميان نواز شريف تائين رسائي ٿيڻ ممڪن ناهي. مسلم ليگ ۾ هڪ واضح گروپ انهن اڳواڻن جو آهي جن جنرل پرويز مشرف دور ۾ ميان نواز شريف جي غيرموجودگيءَ ۾ سياسي جدوجهد ڪئي. ان گروپ جي قيادت مخدوم جاويد هاشمي، راجا ظفرالحق، ظفر اقبال جهڳڙا ڪري رهيا آهن. هي گروپ سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا رکڻ جو حامي آهي. پر اڄڪلهه هن گروپ جا اڳواڻ تنظيمي طور نظرانداز ڪيل آهن.

سنڌ ۾ تنظيمي اختلاف مرڪزي اختلافن جو پڙاڏو آهن. جيئن ته مان پهرين ٻڌائي چڪو آهيان ته مسلم ليگ (ن) جو تنظيمي ڍانچو معطل آهي، ان ڪري سنڌ ۾ سليم ضياءَ صوبائي چيف آرگنائيزر آهي، جنهن کانسواءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو به ليڊر مقرر ڪيل ناهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو ايم اين اي، ايم پي اي ته ڇا ڪو ڪائونسلر پڻ چونڊيل ڪونهي، پر جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو جيڪڏهن ٿورو گهڻو وجود برقرار آهي ته ان جو سبب غوث علي شاهه آهي، سنڌ ۾ اڄ به غوث علي شاهه جو گهر مسلم ليگ (ن) جو مرڪز آهي. جتي اڳواڻ گڏ ٿي ماضيءَ جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين تي فخر ڪندا آهن. کين مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي،  ڪا به خبر ناهي. سيد غوث علي شاهه جيتوڻيڪ جسماني طور ڪافي عمر رسيده ٿي چڪو آهي، پر اڄ به هو جوان سياسي سوچ رکندڙ آهي. جيڪڏهن سندس تجربن ۽ رابطن مان لاڀ حاصل ڪيو وڃي ته يقينن نواز شريف سنڌ ۾ ڪنهن حد تائين پير کوڙي سگهي ٿو، موجوده دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف جي غيرجمهوري قوتن خلاف جدوجهد ۽ عزم ڪافي ساراهه جوڳو رهيو آهي. هو پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي سخت مخالفت ڪري ٿو. اهڙيون پاليسيون کيس سنڌ جي عوام ۾ مقبول بنائڻ جي قوت رکن ٿيون، پر سنڌ ۾ نواز ليگ جي قيادت نه هجڻ سبب ان جو هو لاڀ حاصل ڪو نه ٿا ڪن. سنڌ ۾ پڻ مسلم ليگ (ن) جا 6 کان 7 گروپ پنهنجي پنهنجي 0يڍ سر جي مسيت اڏي ويٺا آهن. مسلم ليگ (ن) جي نظرياتي ڪارڪنن جي اڪثريت اڄ به ڊفينس فيز 5 ۾ قائم غوث علي شاهه هائوس کي ڏسن ٿا. 28 فيبروري ۽ پهرين مارچ 2011ع تي لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف سڄي ملڪ جي ڊويزنل سطح تي اجلاس جي صدارت ڪئي، پر ٻه ڏينهن جاري رهندڙ اجلاس ۾ ٻن تنظيمي طور تي رتي برابر ڪو فيصلو ٿي نه سگهيو. سنڌ ۾ سيد غوث علي شاهه جي جاءِ تي هاڻوڪو چيف آرگنائزر سليم ضياءَ، سيد ممنون حسين، مخدوم شاهنواز، زين انصاري، امداد چانڊيو، صوبائي صدارت جا خواب ڏسي رهيا آهن. هر هڪ اڳواڻ وٽ پنهنجا دليل ۽ پنهنجا خيال آهن. هو پارٽيءَ اندر مختلف گروپن جي نمائندگي ڪن ٿا. اهي گروپ هڪٻئي خلاف ايترو ته اڳتي وڌي ويا آهن جو گذريل مهيني مون سميت مختلف صحافين کي ڪيترائي ايس ايم ايس وصول ٿيا، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هڪ سنڌي اڳواڻ لاهور ۾ پنهنجي قادياني زال جي معرفت مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايس ايم ايس ۾ ميان نواز شريف جو نمبر لکيل هو ۽ اپيل ڪئي وئي هئي ته سڀ مسلم ليگي نواز شريف کي ان نمبر تي ايس ايم ايس ڪري مخدوم شاهنواز کي صدارت ڏيڻ لاءِ چون، جيڪو (ايس ايم ايس مطابق) سنڌ جو سپوت ۽ طالب الموليٰ جو خون آهي. ڪجهه ٻيا حلقا وري مخدوم شاهنواز جي لاهور ۾ ڪيل انهن دعوتن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا، جيڪي لاهور جي هوٽلن ۾ سڄي رات مجرن جي صورت ۾ هلن ٿيون. انهن دعوتن ۾ ڪير ڪير شامل ٿئي ٿو، ان جا سڀ تفصيل ٻڌائين ٿا. مسلم ليگ سنڌ جي قيادت لاءِ اهڙا اميدوار پڻ آهن جن شايد ڪراچي ۽ حيدرآباد کانسواءِ سنڌ جي ضلعن جا نالا به نه ٻڌا هوندا. سليم ضياءَ هر دور ۾ پارٽيءَ جي سڻڀن عهدن تي رهيو آهي، پر ڪارڪنن جي سطح تي هو ڪيترو مقبول آهي، ان بابت پارٽيءَ جي اڳواڻن جي راءِ ڪا چڱي ڪانهي. 2007ع ۾ مخدومه امين فهيم جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ مهم هلائيندڙ هڪ مخدومه مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سليم ضياءَ گروپ ۾ شامل ٿي. اها پارٽيءَ مان غائب ٿي وئي. ممنون حسين ڪراچي جو ننڍڙو واپاري آهي. کيس گورنر سنڌ جو عهدو مليو. هو مسلم ليگ (ن) جو نظرياتي ڪارڪن ضرور آهي، پر وٽس نه حلقو آهي ۽ نه دوست، هو ممنون و مشڪور رهندي پارٽيءَ جو عهدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن جماعت لاءِ مرد ته مجاهد آهن ئي سهي، پر خواتين ونگ پڻ انهيءَ ڊوڙ ۾ گهٽ ڪانهي. ليڊيز ونگ جون صوبائي اڳواڻ صدر سورٺ ٿيٻو ۽ جنرل سيڪريٽري پروين بشير جا اختلاف هڪ کليل راز آهن. اهو ئي سبب آهي جو ليڊيز ونگ جو ڪڏهن به اجلاس منعقد نه ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ ٻئي اڳواڻ جڏهن آمهون سامهون ٿيون ته نواز شريف جي سامهون پروين بشير صوبائي صدر خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪيا. جنهن تي مرڪزي قيادت پاران کيس شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو آهي.

مسلم ليگ (ن) جي ڀنڀور ۾ هيڏا هاڃا ٿين ٿا، نواز شريف ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ ۽ تنظيم سازي لاءِ راڻا مشهود کي سنڌ ۾ وائسراءِ طور اماڻيو هو. راڻا مشهود جي سنڌ ۾ خاص طور شعبه خواتين جي پروين بشير سميت لاڙڪاڻي جي ڀر واري هڪ ضلعي جي سنڌي اڳواڻ اهڙي ته خدمت ڪئي جو هو اختلاف ختم ڪرڻ واري ڳالهه ئي وساري ويٺو. پر ايترو ضررو چوڻو آهي ته مسلم ليگ (ن) سنڌ پڻ مرڪز وانگر تنظيمي اختلافن جو ڀنڊار آهي. “اسين غوث علي شاهه کانسواءِ ڪنهن به اڳواڻ کي صوبائي صدر طور قبول نه ڪنداسين.” مسلم ليگ اڳواڻ زاهد رفيق بٽ گذريل هفتي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوي ٿو. هن جو چوڻ هو ته “مسلم ليگ کي هلائڻو آهي ته غوث علي شاهه کي صوبائي صدر بڻائي ڪنهن نوجوان کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي ۽ باقي سڀ اڳواڻ هن جي قيادت ۾ گڏجي ڪم ڪن.”

جيستائين نواز ليگ جا اڳواڻ Lords of the Ring کي آڱرين مان لاهي ختم نه ڪندا تيستائين اهي اختلاف جاري رهندا، پوءِ اهي صوبائي هجن يا مرڪزي.

.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو