Home / افيئر / واپاري مفاد: ڍنڍن جو وجود خطري ۾
above article banner

واپاري مفاد: ڍنڍن جو وجود خطري ۾

دنيا جي نقشي تي ڪي هزارن جي تعداد ۾ ننڍيون وڏيون ڍنڍون، ڇر ۽ پاڻيءَ جا مختلف ذخيرا وجود رکن ٿا جن سان لکين انسانن جو روزگار ۽ رهڻي ڪهڻي، تاريخ، ثقافت وابسته آهي. دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ ڍنڍن جي موجودگي، ماحول ۽ انهن جي اقتصادي اهميت کي نظر ۾ رکندي1971ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ گڏيل قومن پاران هڪ عالمي سطح جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن جو مقصد ڍنڍن جي ترقي ۽ تحفظ ۽ انهن ۾ موجود پاڻيءَ جي بهتر استعمال کي يقيني بنائڻ هيو. ايران ۾ ٿيل هن عالمي ڪنوينشن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن پنهنجن علائقن ۾ ڍنڍن جي ترقي، بچاءُ ۽ تحفظ واسطي صحيحون ڪيون. ڪنوينشن ۾ صحيحون ڪندڙ ملڪن کي پنهنجي ئي جاگرافي حدن ۾ عالمي معيار جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڍنڍ کي چو نڊ ڪري عالمي معيار جي ڍنڍ طور اعلان ڪرڻو هو ۽ ڍنڍ جي پائيدار ترقي لاءِ کوجنا ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻو هو.

پاڪستان رامسر ڪنوينشن تي20 نومبر 1976ع تي صحيح ڪئي يعني ان ڪنوينشن جو ميمبر بڻيو. پاڪستان حڪومت طرفان جيتوڻيڪ معياري ڍنڍن کي رامسر سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويوآهي. پر حقيقت ۾ عملي طور تي انهن جي تحفظ ۽ بچاءٌ خاطر اهيقدم نه کنيا ويا جن جي اشد ضرورت هئي. مثلن رامسرسائيٽ ۾ شامل سنڌ ۾ پکين جي هڪ اهم آبگاهه “هاليجي ڍنڍ” جي سنڀال نه هئڻ سبب اتي گندگاهه پئداٿي پيو آهي ۽ ماحولياتي آلودگي ۽ مناسب سار سنڀال نه هئڻ سبب ان جي خوبصورتي تي منفي اثر پيا آهن. ڪراچي واٽر سيوريج بورڊ ٺٽي ضلعي جي هن ڍنڍ جي سنڀال ڪندو هو، جيڪا ڪراچي شهر کي پيئڻ جي پاڻيءَ سان گڏ صنعتي استعمال لاءِ پڻ پاڻيءَ جي گهرج پوري ڪندي رهي آهي. سيد مظفر حسين شاهه جي وڏ وزارت واري عرصي ۾ ڍنڍ جو واپاري بنيادن تي ٺيڪو ڏنو ويو جيڪو سراسر رامسر ڪنوينشن ۾ ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. ٺيڪيدار ته لالچ ۾ اچي ڏهن ڏينهن اندر ڍنڍ مان مڇي ماري صفائي ڪري ڇڏي، بعد ۾ ڪجهه غير سرڪاري تنظيمن ۽ ماحولياتي ادارن پاران اهڙي عمل خلاف آواز اٿارڻ تي اهو ٺيڪو رد ڪيو.

قانون موجب ڍنڍ جي 6.58 چورس ملين ۾ پکين، مڇين ۽ ٻي آبي جيوت جو شڪار ڪرڻ يا ڪرائڻ منع آهي جنهن تي سخت عمل جي ضرورت آهي.

پاڪستان ۽ سنڌ جي سيني تي منڇر ڍنڍ سميت ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون اهم ڍنڍون آهن جن کي اڃا تائين رامسر سائيٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.۽ پڻ رامسر سائيٽ ۾ شامل ڍنڍن جي تحفظ، بقا،بچاءُ ۽ ترقي لاءِ نه ڪي گهربل قدم کنيا ويا آهن. اڄ به ملڪ جي سوين ڍنڍن ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو غير قانوني شڪار جاري آهي.

انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ منڇر کي اڃان تائين رامسر سائيٽ ڊڪليئر نه ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي سيني تي وجود رکندڙ هي قديم ڍنڍ ۽ ان جي تهذيب کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب ڍنڍ جو اصل حُسن، هزارين مهاڻا، ڍنڍ جو ماحول تباهه ٿي ويو آهي ۽ ڍنڍ ۾ صدين کان موجود “بوٽ ڪلچر” پنهنجي آخر پساهن ۾ آهي.

ڍنڍون نه رڳو تفريح مهيا ڪن ٿيون پر اهي هڪ تمام اقتصادي هٿي پڻ ڏين ٿيون.

هر سال 2 فيبروري تي ڍنڍن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ئي ڏينهن تي 1971ع ۾ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري ايران جي رامسر شهر ۾ ڍنڍن جي حفاظت ۽ تحفظ لاءِ عالمي ڪنوينشن ٿيو هو. ڍنڍن جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو 1997ع ۾ ملهايو ويو، جنهن جي سموري دنيا مان ڀرپور موٽ ملي.

سال 2001ع ۾ رامسر ڪنوينشن جي 30 هين سالگرهه وڏي ڌوم ڌام سان ملهائي وئي ۽ ان موقعي تي عالمي معاهدي جي 30 ساله ڪارڪردگيءَ جو پڻ جائزو ورتو ويو، هن سالگره جي موقعي تي نعرو هيو ته “اوهان جي ڍنڍن جي حفاظت لاءِ اوهان جي مددڪرڻ جا 30 سال.”

سنڌ ۽ دنيا ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن جي شدت سان کوٽ ۽ وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي رامسر ڪنوينشن جا ميمبر ملڪ ڪا جامع پاليسي ۽ عمل درآمد لاءِ ڪو لائحه عمل تيار ڪن.هي وقت جي اهم ضرورت آهي، ۽ پاڪستان کي به گهرجي ته هو سنڌ سميت پنهنجي حدن ۾ موجود سوين ڍنڍن، ڇرن ۽ آبي ذخيرن تي جو ڳو ڌيان ڏئي انهن کي ترقي وٺرائي ته جيئن اتي سياحت جو سرگرميون وڏي پئماني تي ٿي سگهن ۽ وڏي پئماني تي سياحت سبب ڍنڍن وارن علائقن ۾ اقتصادي ترقي پڻ ٿيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو