Home / ڪرنٽ افيئر / پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن
above article banner

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن

هن پرڳڻي ۾ هونءَ ته چار موسمون ٿينديون آهن، اڄڪلهه بهار جي موسم هلندڙ آهي، هن موسم ۾ شاعرن جو رومانس پنهنجي جوڀن کي ڇهندو آهي. پر ڪراچي سياست جي ڪُن مان پنجين موسم دريافت ڪئي آهي. هي موسم اڄڪلهه ٻارنهن ئي مهينا ٿورڙي ٿورڙي وقت سان هلندي رهي ٿي. انهي تبديل نه ٿيندڙ موسم جو نالو آهي “ٽارگيٽ ڪلنگ جي موسم”. هي سٽون جڏهن لکي رهيو آهيان ته صرف ٻن ڏينهن (19 ۽ 20 مارچ تي) هن شهر 26 لاش ڏٺا آهن. جڏهن ته زخمين جو تعداد به درجن کان گهٽ ڪونهي. ڪراچي جا شهري هاڻي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ فائرنگ جي آوازن کي معمول جو حصو سمجهڻ لڳا آهن. اهي فائرنگ جو آواز ٻڌندي ٽي وي تي هلندڙ ٽڪر (Ticker) طرف ڏسندي دل ئي دل ۾ اها دعا گهرندا رهندا آهن ته “خدا شل سندن چاهيندڙن جو خير ڪري. اها ٽارگيٽ ڪلنگ جيڪڏهن ڪن ڏينهن ۾ لوڊ شيڊنگ ٿيندي آهي ته انهن ڏينهن ۾ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير رحمان ملڪ اسلام آباد مان اچي ٻه چار ڏينهن ڪراچي ۾ رهندو آهي. سنڌ حڪومت ۽ اتحادي پارٽيون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون آهن. معاملا اڃا سيٽل ٿيا ناهن جو ٽارگيٽ ڪلر خبر ناهي ڪيڏانهن گم ٿي ويندا آهن. صرف هفتي ڏيڍ جي وقفي کان پوءِ وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. نڪ جي وري اهڙي پڪائي جو حڪومت جا ذميوار کلي عام چوندا وتن ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪا به سياسي ڌر ملوث ناهي. ان ۾ ٽين ڌر آهي. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ٽين ڌر ملوث آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ جي ڳالهين کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ ماٺار ڇو ٿي ٿئي؟اهڙي عارضي ماٺار ثابت ڪري ٿي ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ٽين ڌر ملوث ناهي. پر جيڪڏهن ملوث آهي ته به اها ٽين ڌر به حڪومت يا ان جي اتحادين جي ئي تابع آهي.

ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ جي پس منظر ۾ اڄڪلهه پيپلز امن ڪميٽي ۽ متحده قومي موومينٽ جا تضاد آهن. “ڪراچي جي شهرين جي قتل ۾ سڌي ريت پيپلز امن ڪميٽي جا دهشتگرد ۽ ڀتاخور ملوث آهن ۽ گهرو معاملن جو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا دهشتگردن، ڀتا خورن، ڊرگ مافيا ۽ لينڊ مافيا جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.” ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر وسيم آفتاب عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چوي ٿو. ساڳي پريس ڪانفرنس دوران متحده جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ آهي ته “ڪراچي ۾ صدر زرداريءَ جي موجودگيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو جاري رهڻ صدر آصف زرداريءَ جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر آهي.” “صدر آصف زرداريءَ جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن کي به همت ناهي.” ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار جي دعويٰ جو جواب ڏئي ٿو. پر هو وسيم آفتاب جي سندس بابت بيان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پيپلز پارٽيءَ جو ٿرپارڪر مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر ۽ بلاول هائوس واري گهٽي ۾ پيپلزپارٽي جو ميڊيا سينٽر قائم ڪندڙ شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي الزامن جا جواب ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو. “اسان جي مفاهمت واري پاليسيءَ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسين امن جي سياست ڪريون ٿا. سڀني کي خبر آهي ته بندوق جي سياست ڪير ڪندو آهي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ دوست وزير آهي. هن پنهنجي کاتي ۾ اهل آفيسر مقرر ڪيا. هن کان اڳ ۾ ٿاڻا وڪامندا هئا.” شرجيل چوي ٿو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ جڏهن بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترما بينظير ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ته اهي پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن هئا. انهن ڏهاڙن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو پ پ کي سڀ کان وڏو الزام “الذوالفقار” جو هو. جنهن تي اسٽيٽ خلاف ڪاررواين جا الزام هئا. پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي ايس ايف) جي ڪجهه اڳواڻن تي به ملڪي مفادن خلاف ڪرڻ جون تهمتون لڳنديون رهنديون هيون. بيگم نصرت ڀٽو ۽ بعد ۾ محترما بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي کيءَ کي نه فقط “الذوالفقار” کان ڌار ڪيو، بلڪه پي ايس ايف جي نوجوانن کي پڻ گهڻي ڀاڱي غيرهٿياربند ڪري ڇڏيو. هن سياست کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو اهڙو پختو ارادو ڪيو جنهن تي هن عمل درآمد ڪري ڏيکاريو. افغانستان ۾ روسي مداخلت، جنرل ضياءَ الحق جي ڪلاشنڪوف ڪلچر، 1984ع ۾ ايم ڪيو ايم جو ٺهڻ، تعليمي ادارن ۾ جماعت اسلامي جي تنظيم جمعيت جو مسلح ٿيڻ، اهي اهڙا فيڪٽر هئا، جن پاڪستان جي سياست جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي ۾ اهو ئي سياست ڪري سگهي پيو، جنهن وٽ بندوق هجي. “شهيد نجيب جي دور ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ نمبر ون جماعت هوندي هئي. اڄڪلهه اهڙن ادارن ۾ پ پ جو نالو کڻڻ وارو ڪونهي.” پي ايس ايف ڪراچي جو اڳوڻو رهنما منظور عابسي پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ سياسي ساروڻيون ساريندي چوي ٿو. منظور عباسي هاڻي پيپلز پارٽي ضلع اوڀر جو سيڪيريٽري اطلاعات آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي کي هاڻي شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي آهي ته ڪراچي ۾ اهو ئي سياست ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ بندوق آهي. اهو ئي سبب آهي جو پيپلز امن ڪميٽيءَ تي هٿ رکيو آهي، متحده قومي موومينٽ ڇاڪاڻ ته اهڙي سياست ڪندڙ ڪراچي جي بادشاهه آهي، ان ڪري اها هڪ ئي ٻيلي ۾ ٻن شينهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ڪانهي. اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جڏهن پيپلز امن ڪميٽي کي ذيلي تنظيم سڏي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي حلقن ۾ ڀونچال مچي وڃي ٿو. هو زخمي شينهن وانگر حملا شروع ڪن ٿا. عزيز آباد کان لنڊن تائين احتجاج ٿئي ٿو. ڳالهين ۾ سڀ کان وڏو مطالبو پيپلز امن ڪميٽي تي پابندي جو رکيو وڃي ٿو.

متحده قومي موومينٽ جون موجوده حڪومت ۾ پنج ئي آڱريون ان ڪري گيهه ۾ آهن جو مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سادي اڪثريت لاءِ متحده جي ضرورت آهي. جيستائين ميان نواز شريف جي صدر آصف علي زرداري سان سنگت هئي پيپلز پارٽي متحده کي حڪومت کان پري رکيو. ڳالهيون ٿينديون رهيون پر فيصلو نواز شريف جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ ٿيو.

هو هميشه پرچڻ جي شرط تي ئي رسندا آهن. پر هن ڀيري حالتون سندن حق ۾ نه هيون. ايم ڪيو ايم جي رسڻ شرط صدر آصف علي زرداري مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري شجاعت سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري ويجهڙائپ پيدا ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.  چيو وڃي ٿو ته ٻنهي پارٽين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته مسلم ليگ (ق) سڀ کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيندي ۽ مسلم ليگ (ق)  سنڌ جي صدر غوث بخش مهر جو پٽ صوبائي وزير بڻبو، جنهن کانپوءِ مرڪز ۾ ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي حمايت ڪنديون. ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ لاءِ اها ملاقات هڪ سياسي صدمي جي برابر هئي.ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت نواز ليگ 10 نڪاتي ايجنڊا تي سياست تحت حڪومت سان سوديبازي ۾ مصروف هئي ته وري ٻئي طرف ايم ڪيو ايم کي اهو خطرو محسوس ٿيو ته سنڌ ۾ ته پيپلز پارٽيءَ کي سندن گهرج ناهي، جيڪڏهن مرڪز ۾  به کين سادي اڪثريت ملي وئي ته پوءِ سندن “رسڻ پرچڻ” واري راند جو ڇا ٿيندو؟ شايد اهو ئي سبب هو جو هن ڀيري رسڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جارحاڻي رويي کانپوءِ دفاعي پوزيشن ڏانهن هلي وئي. ان جي باوجود به حڪومت ۾ واپسيءَ لاءِ کين عزت ڀريو دڳ ڏنو ويو. صدر آصف علي زرداريءَ سان بلاول هائوس ۾ ڪيل ملاقات کانپوءِ گذريل هفتي گورنر هائوس ۾ رات جو هڪ وڳي کانپوءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کان وفاقي وزير رحمان ملڪ، ڊاڪٽر فاروق ستار سميت ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته پيپلز امن ڪميٽيءَ تي پابندي هنئي وئي آهي. سندس آفيسون بند ڪيون پيون وڃن. هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾  ٻنهي ڌرين جا ٻه ٻه وزير شامل هوندا. اهي وزير به ڪميٽيءَ جي صورت ۾ پنهنجون سفارشون تيار ڪندا جن جي منظوري وڏو وزير ڏيندو.

هتي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته اهي ڪهڙا مطالبا هئا،  جن لاءِ ايڏو وڏو ڦڏو ڪيو ويو. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم  وچ ۾ جهيڙا نبيرڻ لاءِ اڳواٽ ڪور ڪميٽي قائم آهي ته پوءِ ٻي ڪميٽي ٺاهڻ مان آخر ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ پيپلز امن ڪميٽي تي لڳل پابندي پڻ عجيب مطالبو آهي. پابندين سان ڪهڙين پارٽين پنهنجا ڪم بند ڪيا آهن. لشڪر جهنگوي، سپاهه صحابه، سپاهه محمد سميت پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي سياسي، مذهبي ۽ انتهاپسند پارٽين تي پابندي لڳل آهي، ڇا اهي ڪم نه پيون ڪن؟ جيڪڏهن اهي مختلف شڪلين ۾ ڪم ڪن ٿا ته پوءِ پيپلز امن ڪميٽيءَ تي پابنديءَ سان ڪهڙو فرق پوندو؟ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي آفيسن کي بند ڪرڻ جو به ڪوئي جواز ناهي. ڇاڪاڻ ته انهن جون ڪي به آفيسون ڪونهن. اعلان کانپوءِ ٻئي ڏهاڙي پيپلز امن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن عزير بلوچ، حبيب خان لياريءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪندي اعلان ڪيو ته هنن سمورا دفتر پيپلز پارٽي جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته فلاحي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ لياري امن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

ايم ڪيو ايم جي مطالبن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون ته اهي اهڙو مطالبو ڪري پهنجي حلقن ۾ موجود ڪجهه گروپن کي راضي ڪري رهيا هئا يا وري اهي سمجهي ويا هئا ته قائد ليگ سان ملاقات کانپوءِ جيڪڏهن هو حڪومت کان ڌار به ٿي ويا ته حڪومت جو ڪجهه به نه نقصان ناهي. بلڪه هوحڪومت کان ڌار ٿي ويندا. حڪومت کان ڌار ٿيڻ سان کين جيڪي فوري نقصان ٿي سگهن ٿا اهي هي ته حڪومت پنهنجي مرضيءَ سان بلدياتي نظام آڻيندي، ڪمشنري نظام بحال ڪيو ويندو، شهري حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي اختيارن ۾ ڪمي اچي ويندي. وغيره. اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ڌرين وچ وارو دڳ ورتو. ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ دراصل مفادن جو جهيڙو آهي. اها ڳالهه هاڻي کليل راز بڻجي چڪي آهي. اربين رپين جا ڀتا ڏيندڙ شهر ۾ ڀتا وٺندڙن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ۽ پراڻيون قوتون نين قوتن کي تسليم نه پيون ڪن. جيستائين اهي قوتون هڪ ٻئي کي برداشت ۽ تسليم نه ڪنديون ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ واري موسم جاري رهندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو