Home / ڪور افيئر / ڀٽو قتل ڪيس ٽرئجڊي
above article banner

ڀٽو قتل ڪيس ٽرئجڊي

۽ جڏهن پينڊوراباڪس جو ڍڪ کڄيو ته ان مان ٻه شيون نڪتيون:هڪ دنيا جهان جون بلائون …… ۽ ٻي اميد.

رياست جو ٽيون ٿنڀ موناليزا جي تصوير وانگر آهي. هن جي اکين ۾ ڇا آهي؟ڪينو،مڪاري، معصوميت؟ يا ڪن نقادن موجب هڪ عورت جي اميد. جنرل ضياءُ واريسپريم ڪورٽ جا گهٽ ۾ گهٽ چار جج اميد سان هئا. “هم سب اميد سي هين!”

ڀٽي جي ڪهاڻي شيڪسپيئر جي ٽريجڊيءَ کان گهٽ ڪونه هئي. ميڪبيٿ ۽ ضياءُالحق وچ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. شايد فرق صرف ڪولگيٽ سمائيل جو ئي هجي جنهن جو ذڪر شيڪسپيئر نه ڪيو آهي.

هر ٻئي ٽئين سال ڀٽي جي ڪيس جي باري۾ ڪا نئين ڳالهه سامهون ايندي آهي. ڀٽي جي ٽريجڊي هن ڀيري به پاسو ورايو آهي. ڀٽي جو ڪيس ٻيهر کولڻ وارو مطالبو ته ڪافي وقت کان ٿيندو پئي آيو پر سيپٽمبر 2009ع ۾ ڇپجندڙ هڪ ڪتاب ان مطالبي جي حق ۾ ناقابل ترديد ثبوت پيش ڪري وڌا آهن. جيتوڻيڪ ڀٽي جا ٿرڊ جنريشن پونئير حسينه واجد جهڙا باهمت ته ڪونهن پر سياسي صورتحال ۾ هنن وٽ دفاعي حڪمت عملي اها ئي وڃي بچي آهي ته اهي مقدمو کولرائڻ جي ڪوشش ڪن.

۽ هن پينڊورا باڪس ۾ ڇا موجود آهي؟ چون ٿا ته ان مان ته شايد اميد به ڪانه نڪرندي. ان ۾ پٺاڻ جي نسوار جي ڊٻيءَ جيتري هڪ آرسي نڪرندي جنهن ۾ ڏسڻ وارا پنهنجا چهرا به سڃاڻي نه سگهندا.

“ڦاسي ڏيندڙ بينچ” جي هڪ پراميد جج نسيم حسن شاهه پنهنجي ڪتابMemoirs and Reflections۾ ڄاڻايو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي سزا ڏيڻ جو فيصلو دٻاءُ ۾ اچي ڪيو ويو. ڀٽي جي ڪيس ۾ بي انصافي ٿي هئي، ان ڳالهه جي جيڪڏهن ڪا ٻي ثابتي هٿ نه اچي ته نسيم حسن شاهه جو ڪتاب پاڻ ان جي سڀ کان وڏي ثابتي آهي. پنهنجي ڪتاب ۾ هن اعتراف ڪيو آهي ته هو ڀٽي کي آزاد ڪندڙ ججن مان هڪ جسٽس دراب پٽيل وٽ ويو هو ۽ کيس پنهنجو فيصلو بدلائي ڀٽي کي سزا ڏيڻ لاءِ چيو هئائين. ڇا اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته نسيم حسن شاهه جا هٿ ڀٽي جي خون ۾ رڱيل آهن اڃا ڪنهن ٻي ثابتيءَ جي به ضرورت آهي؟ سپريم ڪورٽ کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس مولوي مشتاق “ٻڌي جوابدار” سان جيڪو دشمنيءَ وارو سلوڪ ڪيو تنهن کي ته جوابدار پاڻ “انصاف جو قتل” قرار ڏيئي چڪو هو. هيڏانهن ڪيس هلي رهيو هو ۽ هوڏانهن جنرل ضياءُ پوري بي شرمائيءَ سان هر هنڌ اهو چوندو ٿي رهيو ته ڀٽي کي ضرور سزا ملندي.

ڄڻ ڪتاب ۾ اعتراف جرم ڪرڻ ڪافي ڪونه هو، سو ڪجهه عرصو اڳ نسيم حسن شاهه بنفس نفيس هڪ ٽي وي چينل تي اچي سڌيءَ ريت مڃيو ته3-4وارو سزا ڏيڻجوفيصلو جنرل ضياءُ پاران ججن تي وڌل دٻاءُ جو نتيجو هو. هن اهو به ٻڌايو ته ضياءُ تڏهوڪي چيف جسٽس انوارالحق معرفت هن کي ۽ ٻين ججن کي چيو ته هو ڀٽي لاءِ سزا وارو فيصلو لکن.

ڊسمبر 1648ع ۾ برطانوي فوج جي آفيسرن ڪيپٽن جنرل اوليور ڪرام ويل جي حڪم تي ڪرنل ٿامس پرائيڊ جي اڳواڻيءَ ۾ بادشاهه چارلس (1625ـ 1649) پهرئين خلاف بغاوت ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ ڪيپٽن جنرل ڪرام ويل انگلينڊ ۽ ان جي انتظام وارن مڙني علائقن جو حڪمران بڻيو. فوجي حڪمرانن پارليامينٽ (هائوس آف ڪامنس) جو خاتمو ته نه ڪيو البته بادشاهه جي حامي اٽڪل 130 ميمبرن کي ايوان ۾ اچڻ کان روڪي پنهنجي طرفدار ميمبرن جي مسلم ليگ قاف جهڙي گروپ جي مدد سان ايوان کي هلائيندا آيا. ان پارليامينٽ جنهن کي اڳتي هلي مجلس شوري وانگرRump Parliament(بچيل سچيل پارليامينٽ) جو نالو مليو، فوجي ڪائونسل جي چوڻ تي بادشاهه چارلس پهرئين تي مقدمو هلائڻ ۽ کيس سزا ڏيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. جنهن پارليامينٽري ڪميشن بادشاهه تي مقدمو هلائي کيس سزا ٻڌائي، جان برنارڊشا ان ڪميشن جو پريزيڊنٽ هو. بادشاهه چارلس برنارڊشا جي مولوي مشتاق جهڙي عدالت کي تسيلم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. انتهائي تعصب تي ٻڌل پنهنجي سزا واري فيصلي ۾ بارنارڊشا بادشاهه چارلس کي “ڊڪٽيٽر، غدار،قاتل ۽ عوامدشمن” قرار ڏنو.

جڏهن بادشاهه چارلس کي ماڻهن جي هجوم ۾ سزا ڏيڻ لاءِ وٺي آيا ته چارلس سيءُ کان بچڻ لاءِ ٻه قميضون پهري آيو. سبب اهو هو ته اتي موجود ماڻهو کيس محسوس ٿيندڙ سيءُ جي ڏڪڻيءَ کي ڊپ وارو سياٽو نه سمجهن. چارلس هڪ دعا پڙهي، پاڻ پنهنجو ڪنڌ اڏيءَ تي رکي جلاد کي پنهنجي تيار هجڻ جو اشارو ڪيو جنهن هڪ ئي ڌڪ ۾ هن جي سسي لاهي ڇڏي.

ڪرنل پرائيڊ ۽ ڪرام ويل 1658ع ۾ ۽ جج جان برنارڊشا 1659ع ۾ مري ويا. فوجي بغاوت ۽ بادشاهه چارلس کي قتل ڪندڙ ڪردارن تي سندن موت کان پوءِ مقدمو هلايو ويو ۽ 1661ع ۾ فوجي بغاوت جي ٻارهين سالگرهه جي موقعي تي جان بارنارڊشا ۽ ڪيپٽن جنرل اوليور ڪرام ويل جا ڳريل سڙيل لاش ڪڍي کين ڦاسي ڏني وئي. ڦاسيءَ دوران ڪيپٽن جنرل ڪرام ويل جو ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿي ڪري پيو جنهن کي هڪ کڏ ۾ پوريو ويو. سندس سسي البته مستقبل جي غدارن کي عبرت ڏيارڻ لاءِ ٽي سئو ورهين تائين “بطور نمونه” سانڍي رکي وئي جنهن کي آخرڪار 1960ع ۾ دفن ڪيو ويو.

پاڪستان ۾ فقط زندهه ماڻهن تي ڪيس هلائڻ جو رواج آهي. جيڪڏهن ان اصول تي هلجي ته پوءِ جنرل ضياءُ تي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ، آئين معطل ڪرڻ ۽ هڪ مقبول ليڊر جي زندگي ختم ڪرڻ جي سازش ڪرڻ جو ڪيس نه هلي سگهندو. ساڳيءَ ريت سپريم ڪورٽ جي چئن مان ٽن مرحوم ججن تي به “عدالتي قتل” جو ڪيس نه هلندو. پر نسيم حسن شاهه ته جيئرو ويٺو آهي ۽ هن ته ٽي وي پروگرام تي اچي پنهنجي جرم جو اعتراف به ڪيو آهي مٿان سندس ڪتاب سئو چوهٺ وانگر آهي. ان تي ته ڪيس هلي سگهي ٿو. ٻيو نه ته به نسيم حسن شاهه کي رڳو ڦاسي گهاٽ جو وزٽ ئي ڪرايو وڃي

پر پاڪستان جي پارليامينٽ چليءَ جي پارليامينٽ کان مختلف ڪانهي. 1998ع ۾ برطانيه ۾ علاج خاطر ايندڙ جنرل اگسٽو پنوشي جڏهن واپس چلي پهتو ته پارليامينٽ نئون قانون پاس ڪري نه رڳو کيس هر قسم جي سزا کان استثني ڏنو پر هن جي شاندار پگهار پڻ مقرر ڪئي. جيتوڻيڪ اڳتي هلي کانئس اهي رعايتون کسيون به ويون، پر ان کان اڳ جو کيس ڪا سزا اچي، پنوشيءَ پنهنجا پساهه پورا ڪيا.

برطانيا جا رواج به ڪمال جا آهن. اسپين مان هڪ ميجسٽريٽ برطانيه ۾ زيرعلاج اگسٽو پنوشيءَ خلاف 2279 ماڻهن کي سياسي بنيادن تي قتل ڪرڻ ۽ 30000 سياسي ڪارڪنن کي سرڪاري اذيت گاهن ۾ ٽارچر ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ڪيو. اهو پهريون ڀيرو هو جو يورپي ججن يونيورسل جورسڊڪشن جي اصول کي استعمال ڪندي پاڻ کي مختلف ملڪن جي اڳوڻن حڪمرانن جي ڪيل ڏوهن جا ڪيس ٻڌڻ جو مجاز قرار ڏنو پوءِ ڀلي کڻي انهن جي پنهنجي ملڪ ۾ انهن کي استثني ڇو نه مليل هجي. آڪٽوبر 1998ع ۾ وارنٽ پهچڻ شرط اسپتال داخل پنوشيءَ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ مارچ 2000ع تائين هو برطانوي پوليس جي تحويل ۾ رهيو جنهن بعد کيس پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

ان ساڳئي برطانيه جنرل مشرف جي گرفتاريءَ جي وارنٽ تي پاڪستان سرڪار سان تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پاڪستان ۽ ان جي پاڙي پاسي ۾ سياسي ۽ جنگي مفاد برطانيه اندر نه رڳو مشرف پر “پياري” الطاف حسين کي به بچائي رهيا آهن. ظاهر آهي ته مشرف ۽ الطاف برطانيه ۽ آمريڪا لاءِ ڪم جا ماڻهو آهن.بقول ايم ڪيو ايم جي هڪ انسائيڊر جي “انگريزن جي انصاف جي پاليسي پنهنجي ماڻهن ۽ ٻي دنيا جي ماڻهن لاءِ ٻي هوندي آهي ۽ سياسي مصلحتون ان تي حاوي پئجي وينديون آهن.”

جنرل ضياءُالحق جي مڙهه جو ته ڪجهه به نٿو بگاڙي سگهجي پر مستقبل جي طالع آزمائن کي عبرت ڏيارڻ لاءِسندس هٿ آيل ٻٽيهي ته “بطور نمونه”رکي سگهجي ٿي. جنرل ضياءُ جي ٽيم جا هڪڙا ميمبر ته هن سان گڏ سي ون ٿرٽيءَ جي ڦاٽڻ سانبستي لال ڪمال مٿان تاريخ جي ايش ٽري ۾ ڇڻي ويا، پر جيڪي ان جهاز ۾ سوار نه هئا ۽ پنهنجي موت مئا تن سان ته ڪرام ويل وارو قصو ڪري سگهجي ٿو.

پر اسان جي ڊارلنگ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت تي وشال ڀردواج جي تازو آيل فلم “سات خون معاف” جو هڪ گانو ٺهڪي اچي ٿو:

ڊارلنگ!

حيرت ڀي هي……

غيرت ڀي هي………

ڪيا فائده!!!!!!!!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو