Home / ڪور افيئر / ڀٽو ڦاسي ڪيس ۽ صدارتي ريفرنس اليڪشن جي تياري يا حساب-ڪتاب جي شروعات
above article banner

ڀٽو ڦاسي ڪيس ۽ صدارتي ريفرنس اليڪشن جي تياري يا حساب-ڪتاب جي شروعات

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي چاڙهڻ جي عدالتي فيصلي جي حوالي سان 32 سالن کانپوءِ ملڪ جي صدر ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو آهي. جنهن ان صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي 13 اپريل تي رکي آهي ته ٻئي پاسي 3 اپريل تي نئون ديرو ۾ پ پ جي سينٽرل ايگيزيڪٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ايف اءِ اي پاران محترمه بينظير ڀٽو جي قتل بابت رپورٽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پيش ڪري ڇڏي آهي، پر اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته ان رپورٽ کي في الحال عام نه ڪيو ويندو. انهن ٻن واقعن جي حوالي سان مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن، سوال پيد اٿي رهيا آهن ۽ هڪ دفعو ٻيهر ڀٽو ۽ حامي ۽ مخالفن وچ ۾ نئون بحث به شروع ٿي ويو آهي. هڪ حلقي جو چوڻ آهي ته صدارتي ريفرنس ۽ رپورٽ جي حوالي سان ڪنهن گهڻي خوشفهمي جو شڪار ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، جيڪو اهو پتو صدر زرداري سياسي اسڪور وڌڻ لاءِ کيڏيو آهي. ٻي ڌر جو خيال آهي ته ڀلي جيڪڏهن مٿين ڳالهه درست به هجي ته به هن موقعي تي انهن ادارن کي پنهنجي غلطي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن گذريل 64 سالن کان پاڪستان جي غريب، مظلوم ۽ محڪوم عوام سان راند کيڏي آهي. انهن کي رت روئاريو آهي. انصاف جي ڪرسي جي عاقبت خراب ڪئي وئي آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جي حوالي سان گذريل 32 سالن ۾ سڀ ڪجهه واضح ۽ چٽو ڪري آڻي سامهون بيهاريو آهي. جيڪڏهن ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏيڻ عدالت جو ئي فيصلو هو ته ان فيصلي ۾ ائين ڪٿي به لکيل نه هو ته قيديءَ کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ ان جي جسم جي اڳئين حصي کي اگهاڙو ڪري ڦوٽو ڪڍيا وڃن ۽ اهي جنرل ضياءَ ڏانهن موڪليا وڃن. ڇو ته هنن کي شڪ هو ته ڀٽو صاحب مسلمان آهي به الائي نه. ان جو طهر ٿيل آهي الائي نه!؟

مرڻ کانپوءِ به ايڏي وڏي تذليل فيصلي ۾ ته لکيل ڪو نه هئي پوءِ ائين ڇو ڪيو ويو. 3 اپريل 1979ع تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو  ڀٽي صاحب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ جڏهن جيل پهتيون ۽ جيلر کان پڇيائون ته ڇا هي آخري ملاقات آهي؟ ته جيلر هائوڪار ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته ڀٽو کي رات ڦاسي ڏني ويندي. پوءِ جڏهن هو ٻئي ڄڻيون ڀٽو صاحب سان ملاقات ڪري رهيون هيون ته جيلر هڪ دفعو ٻيهر بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي سامهن ذلفي ڀٽو کي اچي ٻڌايو ته کيس رات ڦاهي ڏني ويندي. ان جو مقصد ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو هو ته ڀٽو صاحب ۽ انجي خاندان کي وڌ کان وڌ تڪيلف پهچائي وڃي.

ان ڪيس جي وڌيڪ تفصيل ۾ نٿا وڃون، پر ڇا 32 سالن ۾ عدالت پنهنجي ان گناهه کي ڪڏهن ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڪڏهن اهو ڊڪليئر ڪيو ته هڪ معمولي جڙتو ڪيس ۾ ايڏي وڏي ليڊر کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو.

ان ريفرنس کانپوءِ اهي سڀ ڌريون هڪ طرف ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، جيڪي انهن ڏينهن ۾ آمر سان گڏ هيون، جماعت اسلامي جو پروفيسر غفور ته ضياءَ جي ان وفاقي ڪابينا ۾ وزير هو، جهن ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي جي منظوري ڏني هئي پر هاڻي هو ان ئي ڀٽي صاحب جون ٽي وي تي ويهي تعريفون ٿو ڪري. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف پاران ان ڏس ۾ ڪو بيان ته سامهون نه آيو آهي، پر ٻي قطار جي اڳواڻن دل کولي، صدارتي ريفرنس بابت ڳالهايو ۽ ان جي مخالفت ڪئي آهي. جماعت اسلامي جو منور حسن، جميعت علماءِ اسلام جي مولانا فضل الرحمان ته کُلي ڳالهايو آهي. مولانا فضل الرحمان جو خيال آهي ته صدارتي ريفرنس سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش آهي. جيڪڏهن ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کوليو ويو ته حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ تي نظرثاني جون ڳالهيون به ٿينديون ۽ اهي سوال به ٿيندا ته بنگلاديش کي قائم ڪرائڻ جي سازش ۾ ڪير شامل هو؟ڳالهه گهڻي پراڻي ناهي،  اها سڀني کي خبر آهي ته  جماعت اسلامي جو ڪردار ڇا هئو، مولانا فضل الرحمان جي والد صاحب جو ڪردار ڇا هو؟ ڳالهه اها ناهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سمورين سياسي غلطين کي نظرانداز ڪري ان کي پير مرشد بڻائڻو آهي، پر اصل ۾ ان وقت ٿيل عدالتي ۽ سياسي ناانصافي بابت سچائي سامهون رکڻي آهي.جو ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ پاڪستان جي ٻين صوبن جيڪو ڀوڳيو آهي، ان خاص طور سنڌ جنهن عذاب مان لنگهي آهي، جيڪي زخم سٺا آهن، ان سنڌ ۽ سنڌي عوام جو رت سڪائي ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ پنهنجين ناڪامين جون سموريون باهيون سنڌي عوام مان ڪڍيون آهن، انتهائي ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس بابت پنهنجو فيصلو ڏئي. سنڌي ماڻهو پنهنجو حساب رکي ۽ پڇي سگهن ته پاڪستان جو غريب عوام ۽ خاص طور تي سنڌي ماڻهو اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالتن جي ڪيل  غيرمنصفاڻي فيصلي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو ۽ ان جي ڏوهه ۾ بين سان جيڪو ڪجهه ٿيو، پر سنڌي ماڻهن کان ڌرتي ڦرڻ، انهن کي سنڌ مان بيدخل ڪرڻ جون سازشون شروع ڪرايون ويون. جن کي في الحال پيپلز پارٽي جي حڪومت به روڪڻ، ختم ڪرڻ ۾ هن مهل تائين ناڪام وئي آهي.

صدارتي ريفرنس ۽ شهيد بينظير ڀٽو بابت ايف آءِ اي جي رپورٽ هڪ ٻئي پويان جاري ڪرڻ، هڪ طرف پيپلز پارٽي جي اليڪشن جي تياري جي سنجيدگيءَ سان شروعات چئي سگهجي ٿي ته ٻئي طرف انهن ڌرين کي ڊيڄارڻ جو به سعيو آهي، جيڪي ماڻهو ۽ ادارا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت لاءِ خطرو آهن يا بڻجي سگهن ٿا. هي قدم اليڪشن جي تياري آهي يا “حساب-ڪتاب” جي تياري؟ ٻنهي سوالن جا جواب گهڻو دير سان نه، پر ويجهڙ ئي ملي ويندا ته پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت ڪيتري حد تائين اڳتي وڃي سگهي ٿي. هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته صدارتي ريفرنس ۽ ايف آءِ اي رپورٽ هڪ ئي وقت سان جاري ڪرڻ، ان فيڪٽر جي به مستقبل جي پيش قدمي تي اختلاف رکي، پاسيرا ٿي ان وقت جو انتظار ڪري رهيا هئا، جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار جو مدو پورو ڪندي ته هو عوام ۾ وڃي پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي ڀٽو صاحب يا محترمه بينظير ڀٽو جي قتل بابت ڪجهه به نه ڪري سگهڻ واري ڳالهه جو سهارو وٺن.

چوڻ وارا چون ٿا ته صدر آصف علي زرداري مرتضيٰ ڀٽو ڪيس جي انڪوائري به ٻيهر ڪرائڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو ته فرانس ۾ زهر ذريعي قتل ٿيل نوجوان شاهنواز ڀٽي جي واقعي بابت فرانس کي لکي سگهي ٿو ۽ اهي ٻه پتا هو اڃا رکيو ويٺو آهي. ڪهڙي وقت به کيڏي سگهي ٿو. چئن ڀٽن جي قتل وارن ڪيسن ۾ ڇا زرداري اسٽيبلشمينٽ کي پوين پيرن تي موٽائڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي ايندڙ وقت ۾ حڪومت ۾ رڪاوٽون وجهڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ ان سوال جو جواب في الحال وقت کان اڳ ٿي ويندو، پر هڪ ٻي ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته بيگم نصرت ڀٽو جيئن به سهي، اڃا زندهه آهي، جيڪڏهن هو ان حال ۾ ئي ان کي ملڪ ۾ آڻي ٿو ته پوءِ عوام جو ردعمل ڇا هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ناهي.

انهن سڀني قدمن سان گڏ صدر زرداري پيپلز پارٽي کي ڀوتار طبقي نه پر عوام ڏانهن اچڻ ۽ ان جو ٿيڻو پوندو. سنڌ حڪومت جي هينئر تائين جي ڪارڪردگي تي سنڌي عوام کي سخت مٺيان آهي. سنڌي عوام اهو قطعي نه ٿو چاهي ته ڪنهن به ڌر سان جهيڙو ڪجي، پر ان جو مطلب اهو قطعي ناهي ته سنڌي ماڻهن جي مفادن کي تين وال ڪيو وڃي. جيڪڏهن ريفرنس ۽ رپورٽون سنڌي عوام جي مفادن کي فاعدو نه ڏئي سگهيون ته اهو فقط سياسي اشو هوندو سياسي مفاد هوندا حقيقت نه.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو