Home / ڪور افيئر / ڇهين آدمشماري: سنڌ لاءِ نئون امتحان
above article banner

ڇهين آدمشماري: سنڌ لاءِ نئون امتحان

تازو پاڪستان جي وفاقي حڪومت، ملڪ اندر ڇهين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن موجب آدمشماري جو مرحلو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پهرئين مرحلي ۾ ملڪ اندر گهر شماري ڪئي ويندي جيڪا 5 اپريل 2011ع کان شروع ٿي 19 اپريل 2011ع تائين مڪمل ڪرائي ويندي. ٻئي مرحلي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ (Head Counting) يعني آدمشماري ڪرائي ويندي. جيڪو مرحلو آگسٽ/سيپٽمبر ڌاري متوقع آهي.

اپريل کان شروع ٿيندڙ آدمشماري، پاڪستان جي ڇهين آدمشماري آهي. پاڪستان ۾ پهرين آدمشماري 1951ع ۾ ٿي، ڇهين آدمشماري جيڪا 2008ع ۾ ٿيڻي هئي، اها موجوده حڪومت مخلتف سببن جي ڪري (جنهن ۾ دهشتگردي خلاف عالمي جنگ، سرحدن جي ڪمزور صورتحال، بدامني ۽ بجيٽ جي کوٽ وغيره جهڙا سبب شامل آهن) 2008ع کان هن وقت تائين ملتوي ڪري چڪي آهي. هي ٽيون ڀيرو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ابتدائي طور تي عملي جي تقرري ۽ تربيت جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي.

جيتوڻيڪ آدمشماري لاءِ عملي جي تقرري ۽ تربيت جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت، سنڌ جو Census Commissioner ڪمشنر به  مقرر نه ڪيو آهي. ان کان سواءِ لکين ٻوڏ سٽيلن جي دربدري، بدامني، جا سبب سنڌ اندر موجود آهن. وفاقي سطح تي، دهشتگردي خلاف عالمي جنگ جي پسمنظر ۾ پاڪستاني فوجن ۽ افغان سرحد ۽ قبائلي علائقن ۾ مصروف هجڻ، قبائلي علائقن ۾ دهشتگردي جي صورتحال ۽ بدامني، سياسي عدم استحڪام، حڪومت ۽ ان عدالت ۾ ڇڪتاڻ وغيره جي سببن جي ڪري، اهو انديشو اڄ به موجود آهي ته رٿيل آدمشماري جو پهريون مرحلو، ٽيون ڀيرو به ملتوي ڪيو وڃي.

ظاهري طور پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ توڙي وفاقي حڪومت پاڻ تي اهو الزام کڻڻ نه پئي چاهي، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ٻين سياسي ڌرين کان آدمشماري ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو ڪرايو وڃي ۽ ان کي بهانو بڻائي آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي، پر هن وقت تائين سنڌ جي اڪثر سياسي ڌرين (ڪجهه ڌرين کي ڇڏي) دانشورن ۽ سول سوسائٽي ان تي اتفاق ڪيو آهي ته آدمشماري جي مرحلي کي متلوي ڪرڻ جي اپيل نه ڪئي ويندي ۽ ان ۾ ڀرپور تحرڪ ورتو ويندو.

تنهن ڪري ميڊيا توڙي عوامي سطح تي آدمشماري جي پهرئين مرحلي جي سلسلي ۾ سيمينار، ڪانفرنسون وغيره شروع ٿي چڪيون آهن. هن وقت تائين سڀ کان پهرين پروفيسر اعجاز قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪجهه سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي تي مشتمل گروهن پاران هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف انڊس پيپلز فورم (IPF) جي ڪوششن سان وڌيڪ وسيع البنياد آدمشماري ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جو ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه آهي.

اهو اڃا تائين واضح ڪونهي ته آيا اهي ٻئي ڪميٽيون ڌار ڌار ڪم ڪنديون يا ٻئي گڏجي ڪا هڪ ٿينديون، يا اڃا ڪا ٽين ڪميٽي قائم ڪئي ويندي. ڏٺو اهو ويو آهي ته مختلف ڌريون هڪ ئي وقت تي هڪ کان وڌيڪ ڪاميٽين ۾ ويٺل آهن، ان جو مطلب الائي جي ڇا آهي؟

آدمشماري، قومي نوعيت ۽ مفاد جو مسئلو آهي. جنهن جي لاءِ پارٽي، نظرياتي اختلافن ۽ شخصي پسند ۽ ناپسند کان مٿاهون ٿي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر ڇا ائين واقعي به ٿي سگهندو؟ مون کي انديشو آهي ته شايد ايئن نه ٿي سگهي، پر تنهن هوندي به مجموعي طور تي سنڌ جون سڀ جماعتون، دانشور، سول سوسائٽي وغيره گڏجي يا پنهنجي طور تي پنهنجو پنهنجو متحرڪ ڪردار ضرور ادا ڪنديون ۽ ايئن ٿيڻ به گهرجي.

گڏيل قومن جي فيصلي تحت (ٻي عالمي جنگ کان پوءِ) سڄي دنيا جا سڀ ملڪ، ڏهن سالن ۾ هڪ ڀيرو آدمشماري ڪرائيندا آهن. ته جيئن نه رڳو عالمي برادري کي پر ملڪ جي حڪومت کي به اها خبر پوڻ گهرجي ته ان ملڪ ۾ ڪُل ڪيترا ماڻهو رهن ٿا. ته جيئن انهن جي کاڌ خوراڪ، علاج، تعليم، رهائش ۽ ٻين بنيادي سهولتن جو تعين ڪري سگهجي. دنيا جا ترقي جي لحاظ کان پوئتي پيل ملڪ (خاص طور تي پاڪستان جهڙا)  جيڪي گهڻي ڀاڱي عالمي خيرات، چندي يا  قرضن تحت هلن ٿا، هر وقت عالمي برادري جي مدد جا محتاج بڻيل رهن ٿا. ڇاڪاڻ جو ڪن ملڪن ۾ ته پيداواري ۽ قدرتي وسيلن جي کوٽ آهي (جيئن آفريقا کنڊ جا ڪجهه ملڪ وغيره) پر اڪثر ملڪن ۾ پيداواري ۽ معدني وسيلا ته جهجها آهن پر يا ته انهن کي صحيح طريقي سان ترقي وٺرائي استعمال نٿو ڪيو وڃي يا وري انهن وسلين تي مخصوص ڌريون ۽ ٽولا اهڙي ريت قابض ٿيو ويٺا آهن، جو اُهي اڪثريتي آبادي لاءِ فائديمند بنجڻ جي راهه ۾ مختلف رڪاوٽون وجهن ٿا.

پاڪستان جنهنجي آدمشماري هن وقت اندازي موجب سترنهن ڪروڙ آهي، ان جي پيداواري ۽ معدني وسيلن جي صورتحال ايتري ڪافي آهي، جو اهو پنهنجي آبادي جون بنيادي ضرورتون آسانيءَ سان پوريون ڪري سگهن ٿا، پر هتان جو نظام حڪومت ۽ رياست جي جوڙجڪ ڪجهه ان طريقي جي آهي جو انهن وسيلن مان اڪيلو پنجاب، پنهنجي آبادي جي تعداد جي بنياد تي، وڌيڪ فائدو حاصل ڪري وڃي ٿو. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان بالخصوص سنڌ، جيڪا پيداوار جي لحاظ سان ڪُل ملڪ جي بجيٽ جو 69 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ آهي، ان کي پنهنجون حڪومت ۽ عوامي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ رقمن جي کوٽ پئجيو وڃي، ڪيترائي منظر ٿيل ۽ رٿيل ترقياتي منصوبا ختم ڪرڻا پوندا آهن يا وري انهن کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ قرض کڻڻو پئجي ٿو.

اندازي موجب سنڌ جي آدمشماري هن وقت ½ 3 ڪروڙ آهي ۽ سنڌ ۾ ايترا شماري پيداواري ۽ قدرتي وسيلا موجود آهن جو سنڌ جيڪڏهن مالي توڙي اختياري لحاظ سان خودمختيار هجي ته سنگاپور ۽ گڏيل عرب امارات کان به وڌيڪ خوشحال ٿي سگهي ٿي، پر حقيقت ان جي ابتر رهي آهي سنڌ جو اڪثريتي عوام غربت جي لڪير کان هيٺ بُک ۽ بدحالي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي.

آدمشماري جي سلسلي ۾، سڄي دنيا اندر تسليم ٿيل، سالياني فطري شرح واڌ 2 کان 3 سيڪڙو آهي، پر سنڌ اندر ان واڌ ۾ غيرفطري اضافو ٿيندو رهي ٿو. افعانستان، ڀارت، بنگلاديش وغيره سان نه رڳو پر خود پاڪستان جي ٻين علائقن مان جهڙوڪر پنجاب، ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي علائقن مان لکين ماڻهو ساليانو سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهن ٿا ۽ مختلف طريقا اختيار ڪري، اهي پنهنجو ڳاڻيٽو سنڌ اندر ڪرائي ڇڏين ٿا. جنهن سان ٻن مسئلن جنم ورتو آهي. هڪ ته سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري ۾ واڌ سبب، سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو  خطرو لاحق ٿي پيو آهي، ۽ ٻيو ته اندازي موجب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌ ۾ موجود اهو غيرصوبائي ۽ غيرملڪي ڌريو آبادڪار، سنڌ جي وسيلن کي استعمال ڪري رهيو آهي. جيڪو حق هتان جي مستقل رهواسين جو آهي.

ان سلسلي ۾ باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ بعد هي نتيجو نڪري ٿو ته ان سڄي صورتحال جو مکيه سبب 1973ع جو سنڌ دشمن آئين آهي. جيڪو پاڪستان جي هر شهري کي ڪنهن به هنڌ آباد ٿيڻ ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو. انهي آئين موجب جيئن ته شهريت جو کاتو، وفاقي اختيارن ۾ آهي تنهن ڪري نه رڳو پاڪستان جي ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن پر ٻين ملڪن مان ايندڙ ماڻهن کي مخصوص مفادن سبب، ڪا به روڪ ٽوڪ ڪا نه ٿي ڪئي وڃي.

جيئن ته پيداواري ۽ معدني وسيلن سان سنڌ پاڪستان جي ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشحال ۽ مالامال آهي، تنهن ڪري انهن سڀني غيرصوبائي ۽ غيرملڪي ڌرين جي آمد جو رُخ به سنڌ ڏانهن رهيو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ پيدائش جي سالياني فطري شرح کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ موجوده انگن اکرن جي بنياد تي اها به ڳالهه واضح آهي ته ڌارين جي آبادڪاري جا وڏا مرڪز به سنڌ جون ٻهراڙيون نه پر سنڌ جا شهر آهن، ڇاڪاڻ جو ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾  سنڌ جي شهرن ۾ روزگار جا سرڪاري توڙي نجي ذريعا ۽ Infrastructure وڌيڪ آهن.

دلچسپ پهلو هي آهي ته سنڌ جي شهرن، خاص طور تي ڪراچي ۽ مجموعي سياسي طاقت جو توازن سنڌين وٽ ڪونهي. جيتوڻيڪ هن وقت اندازي موجب فقط اندازي موجب فقط ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو 80 کان 40 لکن تائين موجود آهن، پر ڪراچي شهر تي عملي طور مالڪي جي دعويٰ يا ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جا مستقل باشندا ڪن ٿا، يا وري پٺاڻ، افغاني، سرائيڪي، پنجابي، ڪشميري، بنگالي ۽ هزاري وال وغيره ڪري رهيا آهن.

اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ وڏي تنظيم (MQM) غيراعلانيا طور، ڪراچي اندر سنڌين (سنڌي ڳالهائيندڙن) کي آباد ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ايتري سنجيده ڪونهي جيتري ٻين ماڻهن لاءِ. خود اها حڪمت عملي به نتيجي جي لحاظ سان، ڪراچي اندر اردو ڳالهائيندڙن کي به پنجابي، پٺاڻ، افغاني وغيره جي دٻاءَ هيٺ آڻي پئي، پر ان حڪمت عملي ۾ ڪا واضح تبديلي نظر ڪو نه پئي اچي.

ٻئي طرف ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي، جن جي پارلياماني نمائندگي پيپلز پارٽي ڪري ٿي، اها خود ان معاملي تي غيرسنجيده آهي. سنڌين جون قومپرست جماعتون، ٻين معاملن وانگر، ان معاملي بابت به روايتي غيرسنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪنديون رهيون آهن.

ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي، جيڪي ملازمت يا ڪاروبار ته ڪراچي ۾ ڪن ٿا، پر اهي ووٽ ڏيڻ يا ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ واپس پنهنجي ڳوٺ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ آدمشماري لاءِ وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي موجودگي داخل ڪرائين.

ٻيو اهم سوال هي آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري دوران ڌاري آبادي کي ڌار ڳڻيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اها ڌاري آبادڪاري جيڪا اڄ فقط معاشي حقن تائين محدود آهي، اها اڳتي هلي سياسي ۽ مالڪاڻي حقن جي دعويٰ طرف وڌي سگهي ٿي.

ٽيون اهم پهلو هي آهي ته گهٽ قومي گڏيل پکڙيل آبادي، قبيلائي تضاد وغيره سبب سنڌي ماڻهو پنهنجي مڪمل داخلا نٿا ڪرائين، ان لاءِ خصوصي اپاءَ وٺندي، سياسي ۽ سماجي ڌرين کي وڌيڪ تحرڪ وٺڻو پوندو. صرف سرڪاري ملازمن تي ڀاڙي ويهڻ جو رويو نقصانڪار ثابت ٿيندو.

چوٿين ڳالهه ته ڍنڍن، درياهه ۽ سمنڊ ۾ ويندڙ يا ٻيڙين تي رهندڙ گهراڻن، لاڏائو قبيلن ۽ ٻوڏ متاثر ٿيل دربدر سنڌين جي داخلا رکائڻ لاءِ به خصوصي اپاءَ وٺڻ ۽ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پنجين ۽ آخري ڳالهه ته مادري ٻولي جي سلسلي ۾، ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهي سنڌي، پنهنجي گهرن ۾ بلوچي، سرائيڪي، براهوي، ڪڇي، مارواڙي يا ڪي ٻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن کي آماده ڪيو وڃي ته اهي ٻولي جي خاني ۾ پنهنجي ٻولي، سنڌي ٻولي لکرائين.

مختصر طور تي هن مرحلي تي سڀني اختلافن، بدگمانين ۽ انديشن جي باوجود سڀني سڄاڻ ڌرين کي آدمشماري جي اهم مسئلي کي گڏجي منهن ڏيڻ ۽ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو