Home / افيئر / ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪڍڻ سبب تاريخي دُرگا مندر جو وجود خطري ۾
above article banner

ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪڍڻ سبب تاريخي دُرگا مندر جو وجود خطري ۾

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هندن جي مندرن ڊاهڻ ۽ قبضو ڪرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، اهو اڃا به جاري آهي، ليڪن سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ هندو ڪميونٽي نهايت پرسڪون طريقي سان رهي پئي. ليڪن ڪجهه سرڪاري ادارن ۽ ڪجهه طبقن طرفان لاڳيتو هندن جا ٽيمپل ڊاهڻ ۽ قبضو ڪرڻ جي شروعات ڪري سنڌ جي صوفي مزاج کي بگاڙيو پيو وڃي. جيئن ٿرپارڪر ۾ پٿر ٽوڙيندڙ ٺيڪيدار ڪارونجهر جبل جي کوٽائي ڪري رهيا آهن،  حالانڪه ڪارونجهر جي چوڌاري درجنين هندن جا تيرٿ موجود آهن.

ڪارونجهر جي ٽڪرين تي موجود دُرگا ماتا جي مندر کي ڪارونجهر مان گرينائيٽ پٿر ڌماڪن وسيلي ڪڍڻ سان نقصان پهچڻ خلاف ٿرپارڪر ضلعي جي هندن ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيو آهي، ليڪن سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ هيلتائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.

هندو ڪميونٽي جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر ۾ ڪاورنجهر تي موجود سندن مقدس مندر جي وجود کي خطرو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪراچي جي هڪ اسٽون ڪريشنگ ڪميٽي ڊائيناميٽ وسيلي ڌماڪا ڪري اتان قيمتي پٿر ڪڍي رهي آهي، اهو سلسلو جيڪڏهن بند نه ڪيو ويو ته دُرگا مندر مڪمل طور تباهه ٿي ويندو.

واضح رهي ته پ پ سان لاڳاپيل سنڌ حڪومت ويجهڙ ۾ ئي جاري ليزن کي رد ۽ اسٽون ڪريشنگ جي نين ليزن جاري ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. باوجود ان جي ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪڍندڙ پنج وڏيون ڪمپنيون اڃا تائين پنهنجو ڪم جاري رکيو پيون اچن.

اهڙين ٻن ڪمپنين ڪوههِ نور ۽ عبدالله ايند سنز کي چُوڙيو ٽڪري مان پٿر ڪڍڻ جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن، ان ئي ٽڪري مٿان دُرگا مندر موجود آهي، ٻئي طرف ڪارونجهر جون ٽڪريون مندر کان هٽي ڪري ناياب پکين، جانورن ۽ جهنگلي جيوت جون پڻ پناهگاهون آهن.

“ڪمپنين دُرگا مندر ڏانهن ويندڙ رستو ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن انهن جي گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ لاءِ اها رفتار رهي ته پوءِ هڪ ڏينهن اهي مندر به ڊاهي ڇڏينديون.” چوڙيو ڳوٺ جي رهواسي پرڀو “افيئر” کي ٻڌايو. سماجي ڪارڪن ويرجي جو چوڻ هو ته “آءٌ مذهبي ڏڻ شِو راتڙي جي موقعي تي ( 2 فيبروري 2011ع) تي دُرگا مندر ويو هئس، جتي مون کي ڪيترائي مزدور ٽڪرين تي کوٽائي ڪندي نظر آيا. اهي گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ڊائناميٽ استعمال ڪن ٿا، منهنجي خيال ۾ اهو سلسلو جاري رهيو ته تمام جلد مندر اچي پٽ پوندو.” ويرجي چيو. هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته مقامي ماڻهو سنڌ حڪومت جي اهڙي روش خلاف سخت احتجاج پڻ ڪندا رهن ٿا.

ياد رهي ته هتي ٻيا به ڪيترائي تاريخي هندو ۽ جين مندر ڀوڏيسر، ساڌڙو، ننگرپارڪر مندر موجود آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ڀارت، نيپال ۽ ٻين ملڪن مان به عقيدتمند ايندا رهندا آهن. مقامي ماڻهن چواڻي ڪارونجهر ۾ لڳ ڀڳ هڪ درجن مندر موجود آهن.

ڪارونجهر مان گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ جي ڪري هندن جي مندرن کي خطري تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

“افيئر” طرفان جڏهن ان سلسلي ۾ اُتان پٿر ڪڍندڙ ڪمپني ڪوههِ نور جي مئنيجر محمد سلطان کوسي سان رابطو ڪيو ويو تڏهن هن پٿر ڪڍڻ جي تصديق ڪندي چيو ته “اسان پٿر ڪڍڻ لاءِ ڪڏهن به ڊائناميٽ استعمال نه ڪيو آهي، ڇو ته اهو علائقو ڀارتي سرحد ويجهو آهي ۽ اتي ڌماڪن جي اجازت ناهي. اسان چوڙيو ٽڪري کان گرينائيٽ هٿ سان کوٽائي ڪري ڪڍي رهيا آهيون. جنهن جو اسان وٽ لائسنس آهي. اسان ٽڪريءَ جي چوٽِيءَ تي موجود مندر جي اهميت کان واقف آهيون ۽ اسان ان جي ڀرپاسي موجود علائقي کي پٿر ڪڍڻ لاءِ هٿ به نه لاتو آهي. رڳو مندر ڏانهن ويندڙ رستو کوٽائي سبب تباهه ٿيو آهي، جنهن تي ماڻهن احتجاج شروع ڪري ڏنو آهي.” هن وڌيڪ چيو. ٻئي طرف جڏهن سنڌ مائنز ۽ منرل ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري الهڏتو شر سان رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته هو تازو بدلي ٿي ويو آهي ۽ کيس ان مامري بابت ڪا گهڻي خبر ناهي. “آئون توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته منهنجي دور دوران ڪنهن به ڪمپني کي ڪا ليز جاري نه ڪئي وئي.” هن چيو.

مائنز ۽ منرل ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ وقتي سيڪريٽري عبدالغني جوکيو “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته “انهن ڪمپنين کي اهي ليزون ڪافي سال اڳ جاري ڪيون ويون هيون، پر هاڻوڪي حڪومت اهڙن نون لائسنسز جاري ڪرڻ تي بندش هڻي ڇڏي آهي ۽ پراڻا جاري ٿيل لائسنس پڻ رد ڪيا ويا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ڪا به ڪمپني ڪارونجهر جبل ۾ اسٽون ڪرشنگ جو ڪم نه پئي ڪري، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڪمپنيون اتي ڪم ڪري رهيون آهن، تڏهن هن وراڻيو ته هو ان سلسلي ۾ انڪوائري ڪندو.

“اسان ڪوههِ نور ڪمپنيءَ جي ٽي سال اڳ ليز رد ڪري ڇڏي هئي، پر انهن عدالت سان رجوع ڪيو، جيڪڏهن اهي اڃا گرينائيٽ پٿر ڪڍي رهيا آهن ته آءٌ انڪوائري ڪندس، ڇو ته حڪومت ان تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.” غني جوکئي ٻڌايو. هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙ مقامي ماڻهو جيڪڏهن ساڻس رابطو ڪن ته هو ڪم روڪرائي ڇڏيندو.

اقليتي مامرن جي صوبائي وزير موهن لال ڪوهستاني جو چوڻ هو ته جڏهن کيس اها خبر پئي ته درگا مندر جي سلسلي ۾ مقامي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، تڏهن هن سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان رابطو ڪيو، تڏهن هن کيس يقين ڏياريو ته نه رڳو اها ليز رد ڪئي ويندي، بلڪه اتي ڪم پڻ بند ڪرايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار وقار مهدي رابطي ڪرڻ تي چيو ته کيس ان مامري جي خبر ناهي، ليڪن ان جي جاچ ڪرائي ويندي. ڇو ته پ پ حڪومت اقليتن جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري ٿي.

ڪارونجهر جبل جيڪو 32 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، ٿرپاڪر ضلعي جي شهر ننگرپارڪر ويجهو رڻ ڪڇ ۽ ڀارتي سرحد ويجهو آهي. مختلف رنگن ۾ قيمتي گرينائيٽ پٿر هجڻ سبب ٿر جي هي جابلو پٽي باقي ريگستاني ٿر جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف آهي، جنهن ۾ ناياب قيمتي وڻ ٻوٽا ۽ ناياب جهنگلي جيوت پڻ موجود آهي. اتان گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ سبب جهنگلي جيوت پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي. ماحوليات دوست ماهرن مطالبو ڪيو آهي ته ڪارونجهر جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي جهنگلي جيوت کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي.

ٻئي طرف سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي طرفان هڪ سروي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر نيشنل پارڪ ٿيڻ جي ميرٽ رکي ٿو. اهو به نه وسارڻ کپي ته ڪارونجهر سرحدي علائقو هجڻ سبب سيڪيورٽي فورسز هر ماڻهوءَ جي سخت چيڪنگ ڪن ٿيون، ليڪن اتي هيوي مشينري جي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان ۾ اهم حڪومتي عملدار ملوث آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو