Home / افيئر / ڪاڇي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏيرن ۽ پرڏيهي ڪمپنين جو ڳٺ جوڙ!
above article banner

ڪاڇي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏيرن ۽ پرڏيهي ڪمپنين جو ڳٺ جوڙ!

ڪاڇو قدرتي وسيلن سان مالامال خطو آهي، پر غربت جي انتها تي پهتل هن خطي مان ملندڙ قدرتي ذخيرن مان ڪاڇي جي عام ماڻهوءَ تائين خوشحالي جو هڪ سيڪڙو اثر به نه پهتو آهي. البته ڪاڇي سان لاڳاپيل ڪجهه وڏيرا، ڪجهه سرڪاري ماڻهو، ڪجهه اين جي اوز ضرور خوشحاليءَ جا مزا ماڻي رهيا آهن. فيبروري جي ٻئين هفتي ۾ ڪاڇي وڃڻ ٿيو، خبر پئي ته سردار يار محمد رند بلوچستان مان هٿياربند قافلو وٺي ڪاڇي ۾ واهي پانڌي ڀرسان ملندڙ گيس جي ذخيرن جي مالڪيءَ لاءِ پهچي ويو. جنهن تي مقامي جمالي قبيلي جي وڏيرن کي وري اعتراض ٿي پيو. ٻنهي طرفن کان هٿياربندن جي ٺڪاٺڪي شروع ٿي. ڪاڇي ۾ گيس جا وڏا ذخيرا ملي رهيا آهن. تازو ذخيرو ڪاري ڪوٽ ڀرسان ظاهر ٿيو، جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي. ڀرپاسي جي جن مقامي ماڻهن جي زمينن ۾ ڊرلنگ ٿيندي آهي، يا گئس ڪمپنيون آپريشن شروع ڪنديون آهن، اهي مقامي ماڻهو جيڪڏهن غريب آهن ته زمين جي مالڪي لاءِ کوڙ سارا وڏيرا ميدان تي لهي ايندا آهن. اهي اصل ۾ غيرملڪي گيس ڪمپنين کي داٻا ڏيڻ، هٿياربند ماڻهو ڏيکاري پنهنجو ڀتو وٺڻ شروع ڪندا آهن. ڀتي جو اهو سلسلو پوءِ هميشه لاءِ هلندو آهي. ڄاڻايل وڏيرن جا پوءِ گيس ڪمپني کي ماڻهو به رکڻا پوندا، سندن فرمائشون به ٻڌڻيون پونديون، ٻي صورت ۾ وڏيري جا هٿياربند ٽولا ڪمپنيءَ جي ماڻهن جو جيئڻ عذاب ڪندا. هي ڪم رڳو هڪ ذات جا وڏيرا ڪو نه پيا ڪن، جنهن کي به وجهه لڳي ٿو اهو پنهنجو ڀتو وصول ڪري ٿو. اصل ۾ پرڏيهي ڪمپنيءَ کي به پرواهه ڪانهي. اها به ڪروڙين ڊالر ڪمائي ٿي، پر ڪمپنيءَ کي جيڪا رقم عام ماڻهوءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجي، يا علائقي جي ترقيءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجي، اها ئي رقم هو علائقي جي بااثر ماڻهن کي ڀتي جي صورت ۾ ڏيئي ٿي ڇڏي.

ڪاڇي ۾ جهانگارن کان ڀت جبل تائين، ان کانپوءِ ٽنڊي رحيم کان ۽ هاڻي واهي پانڌي کان مختلف پرڏيهي ڪمپنيون گيس ڪڍي رهيون آهن. برطانيا، پولينڊ ۽ ٻين ملڪن جون هي گئس ڪمپنيون آهن. جيڪي وفاقي سرڪار سان معاهدي جي بنياد تي هتي سيڙپڪاري ڪرڻ اينديون آهن. ان معاهدي ۾ لکيل آهي ته ڪمپنيون سيڙپڪاري جو ڪجهه حصوان علائقي تي خرچ ڪنديون. اتي انفرااسٽرڪچر روڊ رستا، پيئڻ جو پاڻي، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تي پئسا خرچ ڪنديون. ڪجهه سالن کان بي ايڇ پي پئسا ته خرچ ڪري رهي هئي، پر ڪجهه مقامي اين جي اوز جي ذريعي يا ڪجهه وڏيرن جي ذريعي. اهڙي ريت هاڻي پولش ڪمپني به اهو ڪري رهي آهي. هنن ڪمپنين ۾ هيٺين سطح جا ملازم مقامي ماڻهو ڀرتي ٿيندا آهن. مثال مزدور، چوڪيدار وغيره. پر اهي ماڻهو پڻ وڏيرن جي پرچي ڪوٽا يا سفارش تي رکيا وڃن ٿا. اهي به اطلاع مليا ته جيڪي مقامي ماڻهو مزدور طور به رکيا ويا آهن، انهن جي مزدوري جو ڪجهه حصو ڪمپني مقامي وڏيرن کي ڏيئي ڇڏيندي آهي. ڇو ته هنن ڪمپنين جي قاعدن موجب پورهيتن کي رهائش، علاج جي سهولت ۽ تعليم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪمپني جي ذميواري آهي، پر هتي لکت ۾ ته ڪانٽريڪٽ ليٽر به ڪو نه ٿو لکجي. هتي اهو حساب آهي ته فلاڻي وڏيري جا 20 ماڻهو، فلاڻي جا 50 ته فلاڻي جا 100 ماڻهو. انهن ماڻهن جي پگهارن مان به ڪجهه ڪتوٽي ٿيندي آهي. جيئن عام طور تي وڏيرڪي سماج ۾ ٿيندو آهي ته غريب ڌيءَ يا پٽ جي شادي به ڪري ته وڏيرن کي  ۽ مرشد کي ڏن ضرور ڏئي. هتي به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي ۽ سرڪار جو ڄڻ ڪو به ڪردار نظر نٿو اچي. سڀ کان وڏي برائي اها آهي ته تيل ڪمپنين سان جيڪي به معاهدا ٿيندا آهن اهي وفاقي سرڪار ڪندي آهي. صوبائي سرڪار يا ضلعي سرڪار جو ان ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو آهي.

اصولي طور تي بلڪل ائين ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي ڪنهن به حصي مان گيس يا تيل جا ذخيرا ملن ٿا اتان ٿيندڙ آمدنيءَ ۾ مقامي ماڻهن جو حصو به شامل ڪرڻ گهرجي. ضلعي سرڪار يا يونين ڪائونسل کان وٺي صوبائي سرڪار تائين سڀ ان عمل ۾ شامل هجڻ گهرجن. اتان ٿيندڙ آمدنيءَ مان وفاق کي ٽئڪس ملڻ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. ٽئڪس جي رقم سڌي ريت صوبائي سرڪار ذريعي ان علائقي تي خرچ ٿئي. سرڪار ئي غير ملڪي ڪمپنين کي تحفظ فراهم ڪري ٿي ۽ سرڪار جي ئي ذميواري آهي ته اها ڀتا مافيا پيدا ٿيڻ نه ڏئي. پر ڪاڇي جي صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. هتي گيس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي رکنديون به وڏيرن جي مرضيءَ تي آهن ۽ روزگار مان فارغ به مقامي وڏيرن جي مرضيءَ تي ڪنديون آهن، جنهن سبب علائقي جو غريب عوام بهرحال وري به وڏيرڪي نظام ۾ ڦاٿل رهي ٿو. وڏيرو چاڪي بڻجي غريب ماڻهوءَ کي گهاڻي ۾ وجهي پيڙهي ٿو. غيرملڪي ڪمپنيون ته شايد پنهنجا ڪجهه سال پورا ڪري هليون وڃن، پر عالمي سطح تي سيڙپڪارن کي هتان جيڪو سبق ملي ٿو اهي آئينده پنهنجي ملڪ جي سيڙپڪارن کي به منع ڪندا ته ڪاڇي ۾ ڪا به سيڙپڪاري نه ڪن. هتان جو وڏيرو اصل ۾ هن خطي جي ترقيءَ جو دشمن آهي. ان ڪري هتي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ اڃا تائين برقرار آهي. صرف ڪاڇي ۾ گئس جون چار پنج ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن. گيس نڪري به رهي آهي، پر خوشحالي پري پري تائين نظر ڪا نه ٿي اچي. گيس يا تيل جي ذخيرن مان هر سال اربين ڊالرز جي آمدني ٿيندي آهي، پر جوهي کان ٽنڊو رحيم ويندڙ روڊ جي حالت ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اها رقم ڪاڏي وڃي ٿي. سردار يار محمد رند هن علائقي ۾ ڪجهه مقامي ماڻهن سان گڏجي ڪئمپ آفيس قائم ڪرڻ ٿو چاهي، مقامي جمالي وڏيرا سندس خلاف آهن. جهڳڙو مال تي هوندو، پر ٻنهي قبيلن جا هٿياربند ڪنهن به ريت هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿين ٿا ته عام غريب ماڻهو مارجي ويندا.

ڪاڇي ۾ گيس ڪمپنين کان ڀتاگيري ڪندڙن ۾ مقامي اين جي اوز جا ماڻهو به اڳيان آهن. ڪجهه سياسي پارٽين جا اڳواڻ به سمجهن ٿا ته سندن به حق آهي. ڪجهه وري بليڪ ميلنگ جو به جهان آهي. هن سڄي صورتحال سبب نقصان عام ڪاڇي واسيءَ جو ٿئي ٿو. ڇو ته سندس غريب ٻار لاءِ اسپتال يا اسڪول ڪو نه ٿو ٺهي. ڪاڇي ۾ اسپتالن ۽ اسڪولن جي حالت الڳ موضوع آهي، پر جيڪڏهن غيرملڪي ڪمپنين ڪٿي اسڪول ٺاهڻ يا اسپتال ٺاهڻ جي صلاح ڏني هوندي به ته مقامي وڏيرن مخالفت ڪندي چيو هوندو ته پئسا کين ڏنا وڃن هو پاڻ ئي اسڪول ٺهرائي ڇڏيندا. پوءِ ڀلي سرڪاري اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري ان جي رقم وري گيس ڪمپنيءَ کان وصول ڪئي وڃي.

ڏاڍي عجيب صورتحال آهي. جنهن مان چونڊيل نمائندا، وزير، ضلعي انتظاميا سڀ جو سڀ واقف آهن، ڇو ته جيڪي ڳالهيون لکيون ويون آهن. اُهي ڪاڇي ۾ عالم آشڪار آهن. هنن مامرن لاءِ ميڊيا کي به فرصت ناهي، جيڪڏهن مقامي صحافي آواز اٿارين ٿا ته اهو آواز کيرٿر جي جبلن ۾ گونجڻ بدران دٻجي وڃي ٿو. سنڌ جي سڄاڻ حلقن کي به شايد سنڌ جي قدرتي وسيلن بابت سوچڻ لاءِ وقت ناهي. جنهن سبب وڏيرڪي ماحول ۾ غيرملڪي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ڀتا ڏئي پنهنجي جان ڇڏرائي رهيون آهن.

aajizjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو