Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي، گن پوائنٽ سياست هٿان يرغمال
above article banner

ڪراچي، گن پوائنٽ سياست هٿان يرغمال

1984ع کان ڪراچيءَ ۾ دٻڙ ڌئونس، اَسهپ، هٿيارن جي زور تي شروع ٿيل کيل جنهن کي سياست هرگز نٿو چئي سگهجي. 27 سالن کانپوءِ سمورا تباهي آڻيندڙ نتيجا سامهون آڻي رکيا آهن. 27 سالن جي ان سموري عرصي ۾ ڪراچيءَ ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ، حڪومت ڪنهن جي به هجي، فوجي، پيپلز پارٽي، ن ليگ يا ق ليگ هر حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ انهن پارٽين جي حڪومتن کان ڪراچي بابت سمورا اختيار کسي پاڻ وٽ رکڻ وارا 27 سالن ۾ شهر لاءِ ڪو تعميري، سهپ، رواداري، برداشت ۽ عوام دوست انقلاب ته آڻي نه سگهيا، هاڻي صبح شام فوج کي آزيون نيازيون آهن ته وارو ڪيو اچو مڙسي ڪري “انقلاب” لاءِ عوام جو ساٿ ڏيو. ڳالهه اها ناهي ته هو ڪو انقلاب آڻڻ ۾ 28 سالن ۾ ناڪام ٿيا آهن، پر هو جي چاهين ها ته تمام وڏي سماجي، عوام دوست تبديلي آڻي پئي سگهيا، پر اصل تبديلي سندن ايجنڊا تي ئي نه هئي. هنن جي آڏو ايجنڊا ئي ڪا ٻي آهي، جيڪا هاڻي ڪنهن کان لڪل ناهي، ڀلي هو ڪيتريون ڳالهيون ڪن، پر سندن ارادا لڪي نه سگهيا، جڏهن 1999ع ۾ پرويز مشرف پاران کين مڪمل بااختيار  بڻايو ويو ته ٻولي جي بنياد تي مڪاني ادارن جي حوالي سان سکر کي ورهايو ويو. حيدرآباد کي ٽڪرا ڪرايو، ميرپورخاص جون حد بنديون مٽايون ويون ۽ ڪراچي شهر لاءِ وري صفا الڳ پاليسي. ڪراچي ضلعي ڪائونسل ختم، پنج ئي ضلعا ختم لياري ۽ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽيون ختم، ٺاهيائون رڳو هڪ ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ 97-1996ع ڌارا جڏهن مهاجر قومي موومينٽ جو نالو تبديل ڪري متحده قومي موومينٽ رکڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ مون ڪالم لکيو هو “نالا نه، نيتون تبديل ڪيو” اهو اڄ به رڪارڊ تي هوندو. نيتون تبديل نه ٿيون، ڪراچي جي سمورين يونيورسٽين لاءِ گلگتين، ڪشميرين ۽ پٺاڻن لاءِ دروازا کليل پر سنڌين لاءِ بند، سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرايائون ته ڪراچي ضلعي کان سواءِ ڪنهن ٻئي ضلعي جي ڊوميسائيل واري کي پرائيويٽ ڪمپنين ۾ به نوڪريون نه ملنديون.

متحده سنڌ جي ٻين ضلعن سميت سموري ملڪ ۾ سياست ڪرڻ جي حق جي ڳالهه ڪري ٿي. ان کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي، پر ڪراچي شهر ۾ ٻين سياسي پارٽين جي ڪم تي پابندي ڇو آهي؟ توڙي جو اهڙو ڪو اعلان ناهي ٿيو، پر سياسي، مذهبي پارٽين جي سرگرمين، ڪارڪنن کي رستي تان هٽائڻ “ڪراچي هماره هي، تمهارا نهين” جي نعرن سان ڪراچي شهر جي ڀتين کي ڀري ڇڏڻ، سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ جي عوام جي بهتريءَ جا بل پاس نه ڪرڻ ڏيڻ، زبان تي هڪڙي ڳالهه، پر عملي ۽ انتظامي طور ڪراچي کي سنڌ کان الڳ تصور ڪرڻ، هر ڳالهه دليل، اصول تي ڪرڻ بجاءِ دٻڙ ڌئونس، بندوق، تشدد، حراس سان ڪرڻ، اهو ڇا آهي؟ ۽ پوءِ ان نتيجو ڇا نڪتو آهي؟ ڪراچي شهر جي علائقن ۾ جڏهن ماڻهن ڏٺو ته هڪ ڌر کي ستر سئو خون معاف، نه ايف آءِ آر نه ڪيس نه عدالت، 12 مئي جو داد فرياد نه ۽ نه 9 اپريل جي ڪا شنوائي، وقت به وقت شهر جي مارڪيٽن، آفيسن کي لڳندڙ باهيون، سڀ ڦٻيو وڃن ته ٻيو ڪهڙو رستو آهي؟ شهر جي مختلف علائقن ۾ مقامي سطح تي شهر جي وڏي گينگ کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍيون گينگز شروع ٿيون ۽ مختلف علائقن ۾ ڀتاگيري شروع ٿي. چيو وڃي ٿو ته لائيٽ هائوس، بولٽن مارڪيٽ، اليڪٽرونڪس مارڪيٽ واريون باهيون شهر جي وڏي گينگ جو ڀتو گهٽ ڪرڻ يا نه ڏيڻ تان لڳايون ويون.

ملڪ جي واپار جو سڀ کان وڏو علائقو ڪراچي شهر جو ڏاکڻيون علائقو آهي ۽ ڪجهه عرصي کان شهري گينگ کي اتان ڪجهه علائقن مان ڀتو جنهن کي عرف عام ۾ “چندو” چيو وڃي ٿو ملڻ صفا گهٽ ٿي ويو. ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته ان علائقي ۾ سُني تحريڪ زور ورتو ۽ پوءِ رحمان بلوچ جي آزاد ٿيڻ ۽منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پنهنجو اثر انهن علائقن تي وڌايو. باقي ٻين علائقن ۾ اي اين پي پنهنجا هٿ کُپايا ۽ شهري گينگ کي ڀتو ڏيڻ بند ڪيو. سائيٽ ۽ شير شاهه جي علائقن ۾ به رحمان بلوچ جي ٺاهيل پيپلز امن ڪميٽي (گينگ) شهري گينگ جو ساهه سُڪائي ڇڏيو. مٿان وري ڪڇي رابطا ڪائونسل ٺهي، جيڪا اصل ۾ ڪراچي جي سڀني ڀتا گيرين کان تنگ ٿي ٺاهي وئي. شهري وڏي گينگ پاران ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڇي رابطا ڪائونسل کي ڊيڄاري دٻاءُ وجهي پنهنجي پاسي ڪجي، پر هو ايئن نه ڪري سگهيا ۽ پهريون ڀيرو ڪڇين سچائي سان سرعام چيو ته اسان سنڌي آهيون، مهاجر نه. ڪڇين سان رڳو شهري گينگ نه، پيپلز امن ڪميٽي به ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. جنهن بابت هنن وقت به وقت وڏا احتجاج به ڪيا. اصل ۾ پيپلز امن ڪميٽي ۽ ڪڇي رابطا ڪونسل وارا ووٽر پيپلز پارٽي جا ئي هئا، پر ڊگهي عرصي کان شهري گينگ جي رحم ڪرم تي رهڻ ڪري مجبور ٿي ڪرمنل فيڪٽر کي پاڻ سان ملائي پنهنجا علائقا بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويا، جو پيپلز پارٽي سندن کلي عام واهر نه پئي ڪئي. جڏهن ڪرمنل فيڪٽر سياست ۾ ڪاهي ايندو ته ان جا نتيجا ڪي عوام دوست ته نڪرڻا ناهن. ڀلي اها متحده هجي، پيپلز امن ڪميٽي هجي،سني تحريڪ هجي، اي اين پي هجي، ڪڇي رابطا ڪائونسل هجي يا قومپرست ڌريون هجن. ڇو جو ڪرمنل فيڪٽر جي ايجنڊا عوام دوست ڪڏهن به نه رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ان سلسلي ۾ سياست جي ليبارٽري ۾ ڪنهن ڪامياب تجربا ڪيا به هجن، پر گهڻي ڀاڱي ڪراچيءَ بابت سچ اهو آهي ته هن شهر ۾ 27 سالن کان پوءِ جيڪا صورت بيٺي آهي،  اُها اها آهي ته سياست مٿان ڏوهاري حاوي ٿي ويا آهن. هر ڳالهه بندوق سان ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه ڇڏيو ويو آهي. ڪراچي شهر جي هر علائقي تي ڀتاگيري جي مالڪيءَ تي جهيڙو آهي ۽ هي شهر ۾ روز قتل ۽ غارتگري ان سلسلي جي ڪڙي آهن. لياري ۾ جڏهن ڪرمنل فيڪٽري حاوي ٿي ويو ۽ خود پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي داخلا تي پابندي وڌي وئي ته پوءِ پيپلز پارٽي وٽ ان کانسواءِ ڪو رستو نه هو ته هو ان کي پنهنجو ڪن جيئن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪيو ۽ امن ڪميٽي کي واپس سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪڇين تان عذاب ٽارڻ ان جو مقصد هو. ڪراچي شهر ۾ هٿياربند ونگ کانسواءِ ڪا به سياسي پارٽي ڪم نه ٿي ڪري سگهي. شهر کي خطرناڪ حد تائين غيرسياسي بڻائي هٿياربندن جي تابع ڪيو ويو آهي. اهو نتيجو آهي شهر ۾ 27 سالن کان جاري کيل تماشي جو. ان ڪري جو اقتدار جا “اصل مالڪ” هي شهر ڪنهن مذهبي يا لساني پارٽي جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر ڪنهن مڪمل طور سياسي پارٽي جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. سچ اهو آهي ته ڪراچي جو عوام هڪ غيرسياسي مصيبت ۽ عذاب جو شڪار آهي. جمهوريت شهر جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙن کي ڀانءِ نه ٿي پوي يا واري ۾ نه ٿي اچي جو ان ۾ عوام حساب ڪتاب رکڻ شروع ڪري ٿو. ڪراچي شهر تي دعويدارن جو جمهوريت ۾ سروائيول مشڪل ٿي ٿو وڃي ۽ نه پرامن حالتون حالتون انهن جي مفاد ۾ آهن. ان ڪري هميشه دهشت جو ماحول ۽ غيرجمهوري حڪومتون انهن جي “انقلاب جو سرچشمو” آهن عوام نه.

هاڻ سياسي پارٽين کي ڪنهن دٻڙ ڌئونس جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪراچي شهر کي دهشت کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪنهن ڪرمنل فيڪٽر جي ڳواڻي ۾ نه پر خود اچڻو پوندو. ڇو جو ڪراچي کي غيرسياسي ۽ دهشت ۾ رکڻ غيرجمهوري قوتن جي حق ۾ آهي جيڪڏهن هي شهر قبضه گيرن، ڀته خورن، دهشت پسندن جي هٿ مان نڪري جمهوري ڪلچر جي ماڻهن جي هٿ ۾ آيو، ان ڏينهن آمريت کي هن شهر مان نه مدد ملي سگهندي، نه ان کي پسند ڪيو ويندو ۽ اها ئي جمهوريت ۽ وطن دوست ماڻهن جي سوڀ هوندي.

qazi.qaziasif@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو