Home / افيئر / ڪَنَ ڳڻڻ، ڪَنَ بچائڻ
above article banner

ڪَنَ ڳڻڻ، ڪَنَ بچائڻ

هتي سِٽون اوهان تائين پهچڻ سمئه گهر شماري شروع ٿي چُڪي هوندي. عجب نه ٿيندو جو سرڪار مورڳو ئي ان عمل کي ملتوي ڪرڻ جو فرمان جاري ڪري. ڏُٻري رياست وٽ سچاين سان منهن سامهون ٿيڻ جو سَتُ ئي ڪيترو آهي! سنڌ جون سياسي ۽ سماجي ڌُريون سرگرميءَ سان لوڪ-ڳڻپ جي ڪاڄ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ٿي رهيون آهن. جهرجهنگ رَسَڻ جا سانباها آهن. مطلب ماڻهن کي آدم شماريءَ جي اهميت جو احساس ڏيارڻ آهي. همٿائڻو آهي ته اُهي ڪٽنبن ۽ فردن جي دُرست داخلا ڪرائين. مادري ٻوليءَ جو خانو صحيح انداز ۾ ڀريو وڃي. وغيره. باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ اسان لاءِ اهڙي ڊيٽا واقعي به جيئڻ ۽ مرڻ جي حد تائين وقعت رکي ٿي. انسانن جي ڳاڻيٽي آهر وفاق مان حاصل ٿيندڙ وَنڊُ برابر معاشي طرح لازمي عنصر آهي. سنڌ ۾ پَرَ، ناڻي جي اڻهوند سان گڏ ثقافتي تضاد آهن. ڌرتي ڌڻي ٻاهرين يلغار جو شڪار آهن: انيڪ ڪٽڪَ پنهنجي اصلوڪي مزاج، ڪلچر ۽ مادي مفادن جون خرزينون ڪُلهن تي کنيو پيا اچن. پرڳڻي جي وجود ۾ اچڻ جي پهرئين ڏينهن کان اهو سلسلو هلندڙ آهي ۽ کيس ٻُنجو ڪين اچي سگهيو آهي. مورڙي جو ماڳ ڪراچي ته هينئر اُتر هندوستان۽ بنگال جي تهذيبن جي نئين جنم سان گڏ پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏو شهر ٿو ڪوٺجي. جڳ جهان کان ٻي لوڌ جي لَڏَي لاههَ جُدا آهي.

پوئين ويهارو ورهين ۾ جيتوڻيڪ، مختلف سببن ڪري ٻهراڙين جا ماڻهو سنڌ جي شهري علائقن ڏانهن جهَجهي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري آيا آهن. ان کان به سرس رفتار سان غيرسنڌي آدم ڪاهي آيو آهي. تُز انگ اکر هجن ته ممڪن آهي هڪ مقامي جيوَ جي هتان جي سرحد اندر ماڳ بدلائڻ واري لقاءَ سان بروبر گهٽ ۾ گهٽ ٻن انسانن جي ٻاهر کان آمد جي پختي شاهدي ملي وڃي. موجود رياستي ڍانچي ۾ پاڻ ايئن ٿورائي ۾ وڃڻ واري وهڪ ۾ نهايت لاچاريءَ وچان لڙهندا پيا وڃئون. تاريخي ۽ ثقافتي دنگن جي احترام جي اڻهوند بي شمار افغان ۽ وچ ايشيائي خلق کي پڻ هت اچي پهچايو آهي. ٻين عنصرن سان گڏ اڪيلي سر 73ع جي آئين، سنڌ کي هڪ وڏي ڪالوني بنائڻ ۾ ڀالن کان ڪين گهٽايو آهي.

اسٽيٽ ۽ ان کي سدابهار رکڻ وارن ادارن الهامي اُچارن جي سهڪار سان، چوطرف کان قافلن کي سنڌ جو رستو ڏيکارڻ ۾ حد ڪري ڇڏي آهي. اڌ کان مٿي پنجاب جو معاشي انحصار ڪراچي سميت سنڌ مٿان آهي. مقامي ماڻهو اُڃيو، بکيو ۽ اڌ اگهاڙو نه فقط مادي سهولتن ڪاڻ ڏانهن هٿ ٽنگيو بيٺو آهي. پر صديون پراڻي پنهنجي يگاني سڀيتا ۽ ڪلچر، ٻولي ۽ جاگرافيائي حدن کي پڻ ڀَورَ ڀور ٿيندي نهارڻ مهل بلڪل ئي بي وس آهي. ننڍي کنڊ توڙي افغانستان اندر ڌرم ۽ وشواس جي نالي ۾ آيل اُٿل پُٿل جي نتيجن کي سڀ کان وڌيڪ سنڌ ئي ڀوڳيو آهي. لاريب، ڌرتيءَ جي گولي تي اهو هڪ ننڍڙو پر نماڻو ٽڪر آهي. اربن جي آباديءَ ۾ اڍائي ٽي ڪروڙ ماڙهو. تڏهن پڻ خدا جي اِن ابهم مخلوق کي سندس ئي نانءَ ۾ چيڀاٽڻ مهل زمين ڇو نه ڦاٽي؟ آسمان ڪين ڏريو، ڇا لاءِ؟

مڃيل ۽ پڌرن فطري متن جي اُبتڙ نقشي بنديءَ منجهه، راتئون رات هڪ نئين قوم جو وجود. الهامي مفروضن تي بيٺل نظرياتي ٽيڪو. ڌرتي پڻ ڪتب آڻيندي ورهاڱو ۽پوءِ، سنڌ مان پڙهيل لکيل

وچولي طبقي جي ڏيهه نيڪالي. ويران شهري علائقن ڏانهن اوپري يلغار. منجهن وائڙي قوميت جو احساس ڦوڪڻ جي سَئي. ڌرتي ڄاون ڏانهن حقارت جي نگاهه. سندن معاشي ناڪي بندي. ٻولي ۽ ثقافتي اڀار مٿان ڳري لت. هٿيار پنهوار. رتوڇاڻ جي بي ٽوڪ ڪِرت. تاريخ پابند آهي ته جاري وقت جي ننِدا ڪري. هتي وسندڙ هر سڄاڻ انسان تي لازم آهي ته هو اتهاس جي ڄاڻايل نندا جو جُز ٿئي. کلئي عام ضمير جو هوڪو ڏيندڙ جيستائين رياستي ڪلور مخالف ڪروڌ کي مان ڏيندي تنهن سامهون سرُ نٿو نمائي سندس آخرت چڱي ڪا نه ٿيندي. اها ڪٿا هتي واسُ رکندڙ زمانو لکندو. ڌرتي لوح آهي ته مٿس وهندڙ ٽيڪم-قلم. برابر هنگهڙيءَ اسانجي نڙي گهُٽي کيکڙاٽ چُپ ڪرايا وڃن. صبحاڻ سوير پنهنجا ٻار اکيون مهٽيندا اُٿندا. سيرانديءَ کان وقت جي راتوڪي لکيل ڦرهي ڏسندا. مٿس ڀڳوان ۽ سندس آشا ڄاڻائي قيام ۾ آندل ملڪ هٿان چٿيل ڌرتي ڄاون جي ڪٿا هوندي. نفرت سانڍڻ جي هدايت نه ڪي ميسارڻ جي. دروهه جو ترانو. مير جعفر ۽ صادق تي ملامت- نه وسارڻ کپي.

گهر شماري ۽ پوءِ لوڪڳڻپ. سنڌ جا ساڃاهه وند چرپر ۾ آهن. ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ ٿا چاهين ته اُهي پاڻ ڳڻائڻ ۾ پوئتي نه رهن. دُرست انگ داخل ٿيندو ته اسان ٿورائي ۾ بدلجڻ کان بچي وينداسين. وفاق وٽان ملڪي آمدنيءَ مان جائز ڀاڱو ملندو. اسٽيٽ کي خيال ايندو ته سنڌ، سنڌين جي آهي. ايئن جيئن پنجاب، پنجابين جو. نيپال نيپالين جو، ۽ عربستان عربن جو . آمريڪا، آمريڪين جو. رياستي ادارا ڊيٽا پڙهي ويچار ۾ پوندا. فڪرمند ٿيندا ته اقليت جو شڪار ٿيندڙ سنڌين جي واهر ڪجي. اتي داخل ٿي ويل ڌارين کي موٽائي سندن ديس روانو ڪجي. وڌيڪ ٻاهرين يلغار کي روڪڻ لاءِ قانون حرڪت ۾ آڻجي. 73ع جي آئين ۾ تبديلي ڪجي. ڪنهن به اوپري ماڻهوءَ کي سنڌ جو ڊوميسائيل نه ملي. وغيره. ايئن هتي آسودگيءَ جا ٻُنڀ کلندا. مانَ وارا پڙهندئو! نهايت ادب سان ٿو لکجي ته مون پارو بخيل ۽ قنوطي انسان مٿيون تفصيل فقط لٻاڙ ئي ٿو ڄاڻي. هو سمجهي ٿو ته سنڌي پنهنجي وطن ۾ ٿورائيءَ ۾ وڃڻ جي بلڪل ويجهو پهچي چڪا آهن. ٻولي ۽ ثقافت جي بقا هاڻ ايندڙ زمان جي لوڏن لمن تي ڇڏيل آهي. اسان جو وس بلڪل ئي محدود آهي. پاڻ کي اهڙي تباهيءَ ڪناري رسائڻ ۾ رياستي جوڙجڪ سان گڏ مقامي سياسي اڳواڻن جو به ڪردار آهي. آدم شماري اهڙي اونداهي منظر جي جدولي شبيهه هوندي. هتي وسجي ويل ڌارين وٽ سندا ’حق‘ گهرڻ جو اڃا سگهارو جواز ۽ انصاف کي وڌيڪ پوئتي ڌڪي اُتر کان ٿيندڙ ٻين هجرتن لاءِ جاءِ پئدا ڪرڻ بابت دستاويز، هاءِ ڙي سنڌ!

مون جهڙي جيتامڙي ۽ اڌُ-دماغيءَ کي پاڻ پارن کوڙ سياڻن آڏو ضرور اها وضاحت ڪرڻ کپي ته لوڪ ڳڻپ بنهه اهميت وارو مامرو آهي. پراچين دور کان سڄي دنيا ان عمل مان لاڀ وٺندي رهي آهي. پر تڏهن، جڏهن اوهان وٽ پنهنجي رياست هجي. خلق سان سندس سلوڪ ماٽيجي ماءُ وارو نه هجي. شهرين جي ڀلائي چاهيندڙ ۽ اُڀري آيل انگ اکر تنهن ڪارڻ ڪتب آڻيندڙ. جن کي زميني حقيقتون ٿو ڪوٺجي سي هتي وري بلڪل ئي مختلف آهن. برابر آئيني متا دل ڇڪيندڙ آهن، پر ميداني سچايون، منُ ڳاريندڙ. هينئڙو لوڻ ٿيل سنڌي عوام جي گهڻائي، آدم شماريءَ ۾ ڪيتري دلچسپي ٿي وٺي، ڏسڻ ۾ دير ڪا نه لڳندي. ڏانهنس ڪهي آيل سياسي ۽ سماجي ورڪرن طرف سوالي اکين سان نهاريندي. پڇندي ته ڪن ڳڻڻ وارو اهو عمل کين ماڻهپو بخشڻ ۾ ڪيترو ڪارگر ثابت ٿيندو. مهاڏي آيل ڏکايون ڪيئن ختم ڪندو. منجهائن ڪي ڏاها معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته سنڌ ۽ سنڌين جي بقا لاءِ ڪهڙا ٻيا اُپاءَ آهن جن خاطر هتان جون سياسي ۽ سماجي ڌريون چست آهن ۽ ڪيترو؟ ٿي سگهي ٿو ته ڊگهڙيءَ جو اخباري خاطو آجپي پسند اڳواڻ کان پڇي وٺي- اوهان ردعملي سياست کان ٻاهر ڪڏهن نڪرندا؟

اشوز. آدمشماري ۽ ٻيا. اوس اسان جو وقت سان گڏ اٿندڙ اشوز ڏانهن ردعمل هجي. ڇوٽڪاري جي ان طرح سئي پر گهڻو ناڪافي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مهانگين هوٽلن ۾ گڏ ٿيندڙ ساڃاهه وندن کي وينتي ٿي ڪجي ته ڪن ڳڻڻ سان گڏ ڪن بچائڻ لاءِ پڻ مٿي کي هٿ ڏئي ويهجي. ويچار ڪجي ۽ ٿي سگهي ته اتحاد ڪجي. لوڪ ڳڻپ جا نتيجا پاڻ کي سُجهيا پيا آهن. ماڻهن کي ان مرحلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ همٿائجي ۽ سوچجي ان تي ته اڳتي ڇا ڪجي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو