Home / ويندي ويندي / گندا انڊا
above article banner

گندا انڊا

سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار تي هر اهل دل سنڌي ۽ ٻاهرين دنيا وارا ايستائين پريشان هئا، جيستائين سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر صاحب اهو انڪشاف نه ڪيو ته سپلا ۾ موجود “گندا انڊا” ان لاءِ جوابدار آهن. ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ان انڪشاف کان پوءِ کيس ڪو ميڊل ڏيڻ لاءِ عالمي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن، پر اها ڳالهه استاد تنظيمن کي ناهي وڻي. خبر ناهي ته کين پير صاحب جي ان ڪسر نفسي سان اختلاف آهي جنهن ۾ هُن استاد تنظيم ۾ موجود “ڪجهه” گندن انڊن جي ڳالهه ڪئي آهي، جو متان سندن خيال ۾ “ڪجهه” چوڻ سان سندن طاقت تي شڪ ڪيو ويو آهي. اُهي “ڪجهه” نه پر جوق در جوق آهن.

پر عالمي ادارا ساڳئي وقت وزير صاحب کان اها به توقع رکن ٿا ته هو پنهنجي کاتي ۾ موجود “ڪجهه گندن انڊن” جي به نشاندي هاڻي ئي ڪري ڇڏي ته جيئن کيس هڪ ئي وقت ٻه ٻه ميڊل ڏنا وڃن. ايئن هو ٻه ڀيرا ميڊل وٺڻ لاءِ سفر ڪرڻ کان بچي ويندو. تعليم کاتي ۾ جعلي ليڪچرارن جي ڀرتي جو اسڪينڊل ته تمام ننڍڙي ڳالهه آهي، ڪنهن کان ڳجهو هوندو ته سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ اي ڊي اوز جي پوسٽنگ ٿاڻي جي ايس ايچ او جي پوسٽنگ کان چوڻي اگهن تي ٿيندي رهي آهي- ۽ ٿيندي رهي ٿي. 15 لک ڀري ڪنهن ضلعي جو اي ڊي او ايجوڪيشن مقرر ٿيندڙ عملدار کي ٻارن جي تعليم جو ڪيترو اونو هوندو ۽ ڪيترو مُور ڪڍي نفعي ڪمائڻ جو، اهو ته اوهان پاڻ ئي ڄاڻي سگهو ٿا.

هاڻ جي اسان وارو وزير صاحب ايترو اڻ ڄاڻ آ جو کيس انهن بدلين ۽ مقررين جي اگهن جي ڄاڻ ڪونهي ته پوءِ يقينن سمجهيو ته سنڌ کي ملتان جيان سوا لک اولياءُ ملڻ ۾ ڪجهه سالن جي وٿي بچي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان وارو وزير ته اٺين صديءَ جي اوليائن جون سڪون ٿو لاهي.

سنڌ جي استاد ۽ ڪاموري جي ڳٺ جوڙ ۽ حڪومتي سرپرستي گڏجي اسان جي ٻه ٽي نسلن جي صفا ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. اسي جي اوائلي سالن ۾ شروع ٿيل تعليمي سرشتي جي بگاڙ، جن ۾ استاد جو ميرٽ تي مقرر نه ٿيڻ، ڪاپي ۽ سفارش ڪلچر کي نصاب جو حصو سمجهڻ، تعليم کاتي ۾ اعليٰ عهدن تي ڏوڪڙ وٺي ڪرپٽ عملدار مقرر ڪرڻ ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ ملندڙ فنڊن مان وڏيون گاڏيون ۽ ٻيون فضول شيون وٺڻ، اڄ اها حالت ڪئي آهي ته ڪو به ماڻهو پنهنجي اولاد جو ايترو دشمن نه ٿو ٿي سگهي ته هو کيس ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي. گڏهه گاڏو هلائندڙ جو به خواب ٻه ويلا ماني ۽ ٻار جو پرائيويٽ اسڪول ۾ داخلا آهي.  رهي ڳالهه سرڪاري تعليم جي نظام، ان جي بجيٽ جي فنڊنگ جي، جنهن تي هر ڪو “گندو انڊو” ڪرڻ بلڪه فدا ٿيڻ ٿو چاهي، ته اوهان هڪ سروي ڪري ڏسو. سنڌ جي تعليم کاتي جي عملدارن توڙي استادن جا ٻار جن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا سي سرڪاري آهن يا نه؟ ڇا اها ڳالهه به اسان توهان کي ياد ڏياريون ته جڏهن ارڙهين صدي ۾ انگريز عملدار جيمس برنس ميرن جي درٻار ۾ آيو هو ۽ هڪ مير صاحب کي شفا ڏيارڻ لاءِ هڪ گوري ڏني هئائين ته مير صاحب کيس اها گوري پاڻ کائڻ ۽ پوءِ کيس کارائڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. مقصد اهو هو ته متان اها گوري شفا ڏيڻ بجاءِ زهر هجي. رڳو مير نه پر اڳي وارا سڀ بادشاهه ايئن ڪندا هئا.

سنڌ جي تعليم کاتي جي حڪيمن کي سندن ئي دوا پاڻ کارائڻ لاءِ اچو ته کانئس پڇڻ شروع ڪيون ته سندن ٻار ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهن ٿا؟ جي سندن جواب انڪار ۾ آهي ته پڪ سمجهو ته هو سنڌ جي ٻار کي جيڪا تعليم ڏيئي رهيا آهن ، ٻار لاءِ شفا نه پر زهر آهي.

ڪهڙي گندي انڊي تي ڪهڙي ميار رکجي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو