Home / افيئر / 13 مارچ حليم باغي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان روحل واءِ ۽ حليم باغي
above article banner

13 مارچ حليم باغي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان روحل واءِ ۽ حليم باغي

امراڻي گڍ کان اُتر طرف سَڏ پنڌ تي،  سنڌ جي هڪڙي صُوفي فقير شاعر جو تڪيو آهي. پَدمات جي اُنهي پَڊَ تي هڪڙو ڳوٺ آهي. جنهن کي سموري سنڌ ”روحل واءِ“ جي نالي سان ڄاڻي، سُڃاڻي ٿي. سنڌ جي اُنهي ڪلاسيڪل شاعر روحل فقير جي نالي سان ٻڌل ڳوٺ ۾ هڪڙو گهر آهي، چاچي سُومارجو، ۽ سُومار ساند جي اُنهي گهر ۾ چاليهه، پنجيتاليهه سال اڳ هڪڙي نماڻي نينگر اکيون کوليون هُيون، چاچي سُومار ڇٺيءَ جي رات پنهنجي پُٽ جو نالو رکيو ”عبدالحليم“ ۽ ٻهراڙي جو اُهو ٻالڪ جيڪو ايترو ته سادو، سٻاجهو ۽ حليم هو جو ڪنهن کي به اِهو گُمان ڪونه هو ته هِن حليم جي اندر ۾ ڪو ”باغي“ به پلجي رهيو آهي جيڪو هڪ ڏينهن حليم باغي بڻجي سموريءَ سنڌ جي دلين جا ديبل بندر فتح ڪندو.

پرائمري جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري هُو انگريزي پڙهڻ لاءِ عُمر ڪوٽ ۾ آيو، جتي اچي هِن پنهنجي حياتيءَ جو پهريون شعر پڙهيو رُوحاني پيشوائن جي راڄواڙن ۽ پيراڻين گادين جي پيرُو  ڪارن جي هُجومن مان هِن سانوري شاعر تي آريسر جي اک ڪڏهن پئي، اِهو الڳ قصو آهي، توڻي جو حليم غريب گهراڻي جو هڪ يتيم فرد آهي، پر سندس مامي جمن دربدر جي اوطاق تي ايندڙ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي سنڌ کيس سوچڻ، سمجهڻ پڙهڻ ۽ پوءِ لکڻ لاءِ اُتساهيو، هُن لکيو ته ڏيهه کي ڏندين آڱريون اچي ويون! هُن سَن جي سرزمين تان عاشقِ سنڌ وٽان آشيرواد ورتو ته سندس شاعراڻي وجود کي ائين وُسعت ملي، جو هيءَ سموري ڪائنات سندس شاعريءَ ۾ پلٽجي پئي. هُن نه رُڳوپيار جي ڪُومل جذبن کي جيون بخشيو آهي پر پنهنجيءَ ڌرتيءَ جا درد، عوام جا اهنج ۽ عذاب به پنهنجي شاعريءَ جا موضوع بڻايا آهن. هن جي ڪلا جا ڪردار اُهي ئي  مارُو ماڙُهو، اُهي ئي سُورهيه سَرويچ، اُهي ئي لوئي جي لڄ جا رکپال، اُهي ئي ساههُ ڏيئي ويساهه ڏياريندڙ سنڌ جا سُورما، پنهنجي محبوب مِٽيءَ جا ماڳ، مڪان، تڙ، ترايون، وَڻ وليون، گهر گهاٽ، رَند رستا، ڳوٺ شهر، وانڍيون، لانڍيون، ڍاڻيون، لاڻيون، نديون ڪنڌيون، درياهه، جبل، پکي پکڻ ۽ پنهنجي ديس جا سڀئي دلرُبا ڪردار سندس شاعريءَ جا بنيادي مُحرڪ آهن. حليم پنهنجي ديس جي چَپي چَپي کي ۽ سنڌ وطن جي هر شيءَ کي پنهنجي سدا ملوڪ شاعريءَ جي ٻانڌڻيءَ ٻٽ تي ايئن اُڻيو آهي جيئن ٿري عورتون لاڏائينءَ پوتيءَ کي ٽونرينديون آهن يا جيئن اجرڪ تي کيل ڀرينديون آهن. حليم باغيءَ ٿر ۽ بئراج جي سنگم تي جنم ورتو آهي، اُن ڪري سندس شاعريءَ ۾ نه رُڳو ارڏائي جا اڻموٽ گهوڙا سِراڙا ڪندي نظر اچن ٿا، پر سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جا هڙئي حُسناڪ رنگ ، ڍنگ ۽ جياپي جا نياپا موجود آهن. ٿري ماڻهن جي مزاج ۽ سنڌي سماج جي سڀني سارُو پن هِن جي شاعريءَ کي حُسن ۽ جوانيءَ جا هڙئي جَلوا ۽ جوهر عطا ڪيا آهن. هِن پنهنجي شاعريءَ ۾ بي پناهه ٿري لفظ مُحاورا ترڪيبون ۽ تشبيهون استعمال ڪيون آهن. سندس شاندار شاعريءَ جي ڪهڪشان ڏي رُڳو هڪ نيڻ-نِهار ڌربي ته به منجهس ٿري لهجي، مُحاورن ۽ استعارن جا انيڪ روشن ستارا جهرمر ڪندي ۽ جَر ڪندي نظر ايندا. ڪڏهن ”گولاڙچي جو ڄآر سان ٻکجڻ“ ڪڏهن ”هُرلي جا رينگٽ“ ”ڪجل جي ريهه“ ”آواڙي جي اوٽ“ ”سا ٺيڪي تي سنجيدي“ ”ڪونڀٽ لاسُون ڪاريون“ ”ڀُورا بادل“” واهوندي جي رُت“ ” رُنيون ڄاريون“ ” ڏجهندڙ ڏوٿي“  ”گهانگهيٽي ۾ گُل نه اَڇائين“ ” موراڙيون ماٺاريون“ ” ڇور واهه جون ڇوليون“ ”سُورن جو سانکورجڻ“ ” چتون پنکي چنري ۾“ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا اڇوتا خيال ۽ خواب هِن جي شاعريءَ جا جاندار استعارا آهن. سندس شاعري ۾ رُڳو انقلابي نظريي جا عُقاب نٿا اُڏرن پر عشق جا اڇا ڪبوتر به نينهن جا نيرا لفافا کڻي ڪنهن ”سُفيد ڪپڙن“ واريءَ ڇوڪريءَ ڏي ويندي نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ٿر جا ڪيئي ساوا، پيلا، مور نچندي نظر اچن ٿا. ڳيرن جي ڳٽ ڳٽ هرڻين جي چال هلندڙ گهڙا ڀريندڙ ٿاريلين جا مرگهه-اُڃارا نيڻ، ڪجلاسر جي پاڻيءَ ۾ سُرمئي ۽ سانورا رنگ هاريندڙ ڪاڇٻي جي ڪامِڻين جا ڪاڇي ڪٽورا نيڻ. ڀوڏيسر تي باک ڦٽيءَ جو ايندڙ پاڻيارين جا پهر، ڪارونجهر جي ڪور، ڪينجهر جا ڪنارا، مڪليءَ جي ماٺ، شاهه عنايت شهيد، دودي سومري، روپلي ڪولهي ۽ مخدوم بلاول جا گهاڻي ۾ پيڙهيل هَڏ، توڻي سَن جي سائين جا سَڏ سُڻڻ ۾ اچن ٿا، مِرکان شيخڻ کان وٺي، ٻاگهل تائين، بختاور کان وٺي، ”ڌيءَ نماڻيءَ ڌرتيءَ جي“ تائين سنڌ جي هر صدا، سنڌ جو هر سَڏ، سنڌ جو هر سُڏڪو ۽ وطن جو هر واڪو سندس شاعريءَ ۾ سراپا احتجاج بڻجي سڄي دنيا اڳيان داهيندو رهيو آهي. حليم جو هر نظم ڄڻ ته سنڌ سان ٿيل بغداد تي لکيل ڪوئي مرثيو نهي ڪو، پر سندس هر نظم ۾ سُجاڳيءَ جو سَڏ آهي، ڪو فڪر آهي ڪو فن آهي، جيڪو “پيرپَساري “ ويهڻ کان روڪي ٿو، جيڪو اُٿي رائو ريلڻ لئه اُتساهي ٿو، جيڪو مُنهن ويڙهي مُئن جيئن سُمهڻ نٿو ڏي. جيڪو هَلڻ ۽ هَڪلڻ جو ڄڻ ته هوڪو آهي.

حليم عُمرڪوٽ کان هوائن جي شهر حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو درياهه جي هُن پار شورن واري شهر ۾ پهتو سندس شاعري کي ڄڻ ڪي پر لڳي ويا ۽ حليم جيڪو مزاج ۾ ته واقعي ” حليم “ آهي پر سماج جي بي واجبيءَ کان بغاوت واري سندس شاعري جڏهن سنڌ جي مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيجن تي گُونجن لڳي تڏهن ائين ٿي لڳو ڄڻ سموري سنڌ جا ڏک ، درد ۽ سنڌ جي چوٽڪاري جا هڙئي گس ۽ گهيڙ هن جي شاعري جي سرواڻي ۾ سنڌ جي ساٿ جو سفر سجايو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سندس شاعري پهرين سرمد سنڌي جي معرفت پهتي اُن کان پوءِ شفيع فقير سندس پيغام سنڌ جي ماڻهن تائين پهچايو ڪو وقت هو جو سنڌ جي ڪابه تحريڪ ڪابه هلچل ڪابه جدوجَهد ، حليم باغي جي شاعري کانسواءِ اڻپوري ۽ اڌوري ليکي ويندي هئي، هن جا انقلابي نظم آزادي جي تحريڪن جا عَلَم ئي نه پر ”اُهڃان “ به هئا ۽ سندس نظم هر تحريڪ جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا بڻجي جهولندا رهيا هن جي شاعري هر هنڌ ، هر موڙ، هررستي، هر راهه ۽ هر پنڌ ۾ سنڌ جي درد جي آڱر جهلي اڳواڻي ڪئي آهي. جامشورو حليم باغي جو ٻيو جنم گهر آهي، جتان ئي هِن جي ڪلا جا ڪرمچي رنگ سنڌ جي سُرمئيءَ ۽ سانوري ساٿ ۾ همسفر ٿيا. ۽ اهڙي سمي جڏهن هِي ديس دُک جو استعارو بڻجي پيو ۽ اذيت جي علامت بڻجي پيو هو، تڏهن حليم باغي جي شاعري ئي هُئي جنهن وطن جي زخمي وجود تي مَلم پٽيون ٿي ٻڌيون، هُونئن ته حليم شڪل شبيهه جو ڪو ملوڪ ڪونهي.

توڻي جو هن درويش صفت انسان کان پنهنجي کوڙ ساري شاعري گُم ٿي ويئي آهي.، پر سندس رسالن ۾ ڇپيل شاعريءَ کي گڏ ڪري پدمات پبليڪيشن  عمرڪوٽ وارن سندس ئي شاعري جوهڪ مجموعو ”اڙِي شهر جانان!“ ڇپرايو آهي. حليم سنڌيونيورسٽي مان بي فارميسي پاس ڪئي آهي. پر پاڻ هن وقت عمرڪوٽ جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ HST آهي هڪ ڀاءُ ۽ ٻن ڀينرن جو ڀاءَ حليم باغي جنهن کي هڪ نياڻي توحيد ۽ هڪ پٽ احد آهي، سو ڪافي عرصي کان بيماري جي ورچڙهيل آهي، ذهني طور ٿانيڪو نه هُئن ڪري هن وقت کائونس ڏات راڻي وانگر رُٺل آهي سنڌ جو هي صُوفي منش ۽ محبوب شاعر جي هن ڌرتي جو هڪ اهڙو اَمُلهه سرما يو آهي. جنهن تي هِي سنڌ صدين تائين ناز ڪري سگهي ٿي . اُها سنڌ جنهن جي هر چيز حليم کي پنهنجي محبوب جي ادائن وانگر وڻندي آهي، پر جي اُنهي سنڌ م جيون ڪونهي يا حياتي جي هرڻي پُٺيان موت ڪنهن شڪاري ڪُتي وانگر ڊُڪي ٿو ته حليم انهي سنڌ کان به دوريءَ جو اعلان ڪري ٿو.

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پو منهنجي توکان دُوري آ،

هي جيون جيون آهي ڇا ؟ جت جيل زهر ۽ سُوري آ

(13 مارچ حليم باغي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان )

Affair_mag@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو