Home / ڪور افيئر / اعليٰ تعليم جي صوبن ڏانهن منتقلي: انديشا ۽ سوال
above article banner

اعليٰ تعليم جي صوبن ڏانهن منتقلي: انديشا ۽ سوال

هائير ايجوڪيشن کي صوبن حوالي ڪرڻ تي اڄڪلهه ميڊيا، تعليمي ادارن جي سربراهن، ڪجهه سياسي اڳواڻن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ڪجهه عملدارن طرفان طوفان کڙو ڪيل آهي. انهن سمورن هم خيال حلقن کي هائير ايجوڪيشن صوبن حوالي ڪرڻ تي هيٺيون ڳڻتيون آهن.

• ائين ڪرڻ سان گذريل ستن اٺن سالن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين  تي پاڻي ڦيرجي ويندو.

•پاڪستان کان ٻاهر تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ استادن جا وظيفا رلي ويندا ۽ پرڏيهي ادار ن طرفان آڇيل امداد به رولڙي جو شڪار ٿي ويندي.

•صوبن وٽ وسيلن ۽ اهليت جي کوٽ آهي، تنهنڪري اهي يونيورسٽين جي موجوده معيار کي برقرار رکي نه سگهندا.

• صوبن جي گورننس جو حال خراب آهي، اهي پرائمري اسڪولن توڙي ڪاليجن کي ڪاميابيءَ سان هلائي نه سگهيا آهن. تنهنڪري يونيورسٽيون سندن حوالي ڪرڻ سان اتي به اقربا پروري، رشوت ۽ سفارش جو ڪلچر عام ٿي ويندو.

•تعليم کي صوبن حوالي ڪرڻ سان هر صوبي ۾ الڳ نصاب تيار ٿيندو، جنهن سان قومي ايڪي کي هاڃو رسندو ۽ قومي يڪجهتي متاثر ٿيندي. ان سان نظريهء پاڪستان جي بنيادن کي نقصان ٿيندو.

اهي ۽ ان قسم جا اعتراض اڄڪلهه ڪجهه خاص ميڊيا اينڪرز، بيوروڪريٽس ۽ سياسي اڳواڻن جي زبان تي عام آهن.بنا ڪنهن شڪ جي 18 هين ترميم هاڻوڪي جمهوري حڪومت جي اهڙي ڪاميابي آهي، جنهن سان اختلاف رکڻ جي باوجود ان جي ڪيترن ئي رخن کي ساراهڻو پوي ٿو. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان صوبا هن ملڪ اندر پنهنجي سڃاڻپ ۽ انتظامي اختيارن جي گهر ڪندا رهيا آهن. ارڙهين ترميم جيتوڻيڪ انهن سمورن تڪرارن سوالن جا جواب نه ٿي ڏئي پر ڪنهن نه ڪنهن حد تائين صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ اختيارن جي توازن کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هڪ مرڪزيت پسند وفاق کان جمهوري ۽ شراڪتي وفاق وارو سفر ايڏو سولو نه ٿو ٿي سگهي. اها سوچ جيڪا سٺ سالن کان ملڪي وجود ۽ ايڪي جو راز صوبن ۽ عوام جي اختيارن ۾ اضافي بجاءِ اختيارن کي اسلام آباد جي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي حامي رهي آهي. ان کي  صوبن جو ٿورو گهڻو نالي ماتر با اختيار ٿيڻ به قبول ناهي. هي اصولي معاملو آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي ڍانچي ۾ وفاقي حڪومت بجاءِ صوبائي حڪومتن جو وڌيڪ حصو هجڻ گهرجي. جڏهن ان اصول کي رکي سوچبو ته پوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي اصولي حمايت ڪرڻي پوندي. ان کان پوءِ جيڪي به اعتراض آهن اهي يا ته انتظامي نوعيت جا آهن يا وري انديشن جي پئداوار آهن. ان جو مقصد اهو به ناهي ته ڪو اهي انديشا مڪمل طور غلط هوندا پر بحرحال انديشن جي اڏيءَ تي اصولن کي قربان ڪرڻ جو جواز تسليم نٿو ڪري سگهجي.

اسڪالرشپس ۽ پرڏيهي امداد وغيره جهڙا معاملا نسبتن سطحي آهن ۽ انهن جا هڪ کان وڌيڪ حل موجود آهن. هونئن به سنڌ ۽ بلوچستان جي دعويٰ آهي ته ڏهه هزار قومي ۽ بين الاقوامي وظيفن سان سندن  حصي ۾ نالي ماتر فائدو آيو آهي. مثال طور ڏهن هزارن مان سنڌ جي حصي ۾ رڳو 892 اسڪالرشپس آيون آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ ڇهه هزار اسڪالرشپس رڳو پنجاب جي شاگردن کي مليون آهن. ان حساب سان ڏسجي ته پنهنجي هاڻوڪي ڍانچي ۾ HEC ننڍن صوبن سان متڀيد وارو ورتاءُ اختيار ڪري رکيو آهي. ٻي ڳالهه ته صوبائي حڪومتون انهن اسڪالرشپس جو ذمو به کڻڻ لاءِ تيار آهن. بلڪه صوبن مان ٻاهر ويندڙ شاگردن لاءِ سياسي طور تي صوبائي حڪومتن مٿان وقت سر اسڪالرشپس جاري رکڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ به آسان هوندو. هائير ايجوڪيشن هيٺ صوبن ۾ اسڪالرشپس ورهائڻ جو ڪو شفاف مڪينزم به موجود ناهي. اهوئي سبب آهي جو صوبا ان ۾ جائز حصو نه ملڻ کي انگن اکرن وسيلي ثابت ڪري رهيا آهن. رهي ڳالهه پرڏيهي ادارن کان امداد حاصل ڪرڻ جي ته صوبا ساڳي قسم جي صوبائي ڪميشن جوڙي آئين جي آرٽيڪل 67 هيٺ پرڏيهي ادارن کان قرض وٺي سگهن ٿا. آئين موجب صوبا به ورلڊ بئنڪ ۽ يو ايس ايڊ کان سندو سنئون امداد ۽ اوڌر وٺي سگهن ٿا. پاڻ ان صورتحال ۾ انهن رقمن جي شفاف ۽ ذميواراڻي استعمال لاءِ صوبائي حڪومتون وڌيڪ جوابده رهنديون.جيسيتائين سوال صوبن اندر صلاحيت جو آهي ته ان دليل کي بنياد بنائي ننڍي کنڊ جي اشرافيه انگريزن کان الڳ ملڪ ٺاهڻ جي به مخالفت ڪئي هئي. صوبن ۾ جيڪڏهن اڄ ڇهن ڏهاڪن کان پوءِ به صلاحيت جي کوٽ آهي ته ان جو ذميوار به اهو وفاقي ڍانچو آهي، جنهن ڇهن ڏهاڪن دوران صوبن اندر وسيلن ۽ ادارن تي قبضو ڪري انهن کي انتظامي طور مفلوج بنائي رکيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته وفاقي ادارن اندر ليئو پائڻ سان انهن جي انتظامي اهليت ۽ صلاحيت جو به پتو پئجي وڃي ٿو. صوبن اندر ادارن جي انتظامي ۽ سياسي تباهيءَ جي ذميواري به ان وفاقي ڍانچي تي لاڳو ٿئي ٿي. جنهن ملڪي عمر جو گهڻو حصو اڻ چونڊيل ڊڪٽيٽر حڪومتن هيٺ صوبن مٿان راڄ ڪيو آهي. ان عرصي دوران صوبن اندر من پسند سياسي ۽ انتظامي مشينري مڙهي ادارن جا بنياد  ايترا کوکلا ڪيا ويا جو اڄ اهي عملي طور ناڪاره بنجي چڪا آهن. رهي سهي ڪسر مختصر عرصي لاءِ ايندڙ سياسي حڪومتن جي سياسي ڏاهپ کان وانجهي قيادت پوري ڪري ڇڏي آهي. انهن ادارن جي انتظامي صورتحال بهتر بنائڻ جو واحد ذريعو جمهوريت جو تسلسل آهي، جيڪا وقت گذرڻ سان عوامي احتساب جي عمل ۽ اڻ ڌرئي عدالتي نظام سان سڌري سگهي ٿي.

صوبن اندر هن وقت پرائمري کان ڪاليج تائين جو تعليمي ڍانچو بري طرح برباد آهي. ان جي ذميوار بنيادي طور مفاد پرست ۽ ڪرپٽ سياسي قيادت ۽ انتظاميا آهي. اهو انديشو بنهه بي بنياد به ناهي ته يونيورسٽيون صوبن جي حوالي ٿيڻ سان انهن جو انتظامي ڍانچو هاڻي کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو ۽ انهن ادارن ۾ تعليمي معيار ۾ لاٿ به اچي سگهي ٿي. پر ان دليل جي بنياد تي صوبن کي اختيارن جي منتقلي روڪڻ بجاءِ ان قسم جا انتظامي بندوبست ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي جن سان يونيورسٽين جي انتظامي معاملن کي وڌيڪ شفاف بنائي سگهجي . ٻي ڳالهه اها به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته صوبا قيامت تائين ڪرپٽ ۽ نا اهل به ته نه رهندا. هميشه اتي سياسي قيادتون ڪرپٽ ۽ موقعي پرست به نه رهنديون. جيئن جيئن جمهوريت کي تسلسل ملندو سياسي قيادتون عوامي احتساب اڳيان مجبور ٿي بهتري اختيار ڪنديون. رهي ڳالهه صوبن ۾ صلاحيت جي ته هرڀرو ائين به ناهي ته سمورا اهليت جا مينار اسلام آباد ۾ قائم ٿيل آهن. صوبن مان ئي ماڻهو وڃي وفاقي ادارن کي هلائن ٿا. جيڪڏهن انتظامي ۽ سياسي ڍانچو بهتر ٿئي ته صوبن اندر موجود ٽيلينٽ صوبن اندر رهي ادارا بهتر شڪل ۾ هلائي سگهي ٿو. در حقيقت يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ٺهڻ کان اڳ صوبن اندر يونيورسٽيون اڄ کان وڌيڪ بهتر تعليمي معيار سان هلنديون هيون.

ملڪ اندر ايڏي وڏي ٽرانزيشن هن کان اڳ نه ٿي آهي، تنهنڪري شروعاتي ڪجهه سال اٿل پٿل وارا رهندا ۽ ان دوران ادارن جي پرفارمينس مايوس به ڪري سگهي ٿي پر ڊگهي مدي ۾ انهن فيصلن جا بهتر نتيجا نڪرندا.جيستائين هڪ تعليمي نصاب وسيلي نظريه پاڪستان ۽ قومي يڪجهتي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ آهي ته ان جي پت گهڻو اڳ وائکي ٿيل آهي. تعليمي ماهر دراصل هاڻوڪي تعليمي نصاب ۽ ڍانچي کي ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ نسلي ڇڪتاڻ جو اهم ڪارڻ قرار ڏين ٿا. هن وقت ملڪ ۾ قومي يڪجهتي جي نالي تي ٺاهيل نصاب گهڻو ڪري ڪوڙ ۽ ٻٽاڪن تي ٻڌل اهڙو دستاويز آهي، جنهن ۾ صوبن جي حقيقي تاريخ کي چٿي، سندن اصل هيروز کي نطرانداز ڪري اسلامي ۽ پاڪستاني تاريخ جا هٿ ٺوڪيا هيرا تخليق ڪري تاريخي حقيقتن کان منهن موڙيو ويو آهي. هن نصاب ۾ نه آئين اندر موجود بنيادي انساني حق پڙهايا وڃن ٿا ۽ نه ملڪي تاريخ ۾ عوام خلاف حڪمرانن جي ڪيل سنگين ڏوهن جو ڪو حوالو ملي ٿو. ان لحاظ کان تعليمي نظام کي صوبن حوالي ڪرڻ سان قومي يڪجهتي کي هاڃو رسڻ جي دليل ۾ ڪو به وزن نظر نه ٿو اچي، ڇو ته ان سموري جڙتو نصاب جي نتيجي ۾ ملڪي يڪجهتي مضبوط ٿيڻ بجاءِ ڪمزور ٿي آهي. ٻي ڳالهه ته اعليٰ تعليم سان ان معاملي جو ڪو به تعلق نه ٿو بنجي ڇو ته ان جي نصاب کي طئي ڪرڻ جا بنياد بنهه الڳ هوندا آهن.

البته اهم سوال اهو آهي ته ڇا گورننس جي حوالي سان خراب تاثر رکندڙ صوبن جون حڪومتون ذميوار روين جو مظاهرو ڪندي اهو ثابت ڪيئن ڪنديون ته اهي سندن حوالي ٿيڻ سان يونيورسٽين کي وڌيڪ بهتر نموني هلائي سگهندا. سنڌ م جتي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پٽيوالي کان پروفيسر تائين هر نوڪري ۽ بدليءَ تي ڪمائيءَ جا دوڪان کليل آهن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جو ڪار وهنوار لساني قوتن جي حوالي آهي، اتي يونيورسٽين کي پروفيشنل بنيادن تي هلائڻ هڪ اهم چئلينج هوندو. هڪ ٻيو اهم سوال سمجهڻ لاءِ اهم آهي ته ايڇ اي سي عملي طور يونيورسٽيون هلائي ڪو نه رهي هئي پر ان جو ڪردار پاليسي فيصلن ۽ گرانٽس وفاقي حڪومت کان وٺي يونيورسٽين تائين پهچائڻ هئو. مثال طور سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي گذريل ڏهن سالن کان محروم رکيو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه صوبائي سياست سبب جاري آهي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ان ۾ ڪجهه به ڪرڻ جي قابل نه هئي. ساڳي طرح يونيورسٽين ۾ جهڙي طرح سالن کان هٿياربند ٽولا ادارن کي يرغمال بنايو ويٺا آهن، ان کي منهن ڏيڻ ۾ ان اداري جو ڪو به ڪردار نه رهيو آهي. بلڪه ڪيترن ئي موقعن تي تعليم دشمن ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ڪرڻ کان وٺي اتي رٽائرڊ ڪامورن جو راڄ قائم ڪرڻ جهڙا سمورا ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهن ۽ انهن سمورن اهم معاملن بابت ايڇ اي سي جو ڪو به ڪردار نظر نه ٿو اچي. ان لحاظ کان ڏسجي ته يونيورسٽين اندر عملي طور ان اداري جو تمام محدود انتظامي ڪردار آهي، ۽ صوبا ان انتظامي ڪردار کي سنڀالي سگهن ٿا. اهم ڳالهه درحقيقت صوبن اندر موجود حڪومتن جي ذميواراڻي رويي جي آهي. جيڪڏهن صوبائي حڪومت ۽ ان جا وزير ۽ ڪامورا ميرٽ ۽ اهليت کي مان ڏيڻ واري روش اختيار ڪن ته اهي يونيورسٽين کي وڏيڪ ڪاميابيءَ سان هلائي سگهن ٿا ۽ ان دعويٰ کي صحيح ثابت ڪري سگهن ٿا ته اختيارن، وسيلن ۽ حڪمرانيءَ جي صوبن ڏانهن منتقلي سياسي لحاظ کان درست قدم آهي.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو