Home / افيئر / !رمي جوا خانو ۽ ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ڪندڙ سفيد پوش
above article banner

!رمي جوا خانو ۽ ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ڪندڙ سفيد پوش

ڪراچيءَ جي انتهائي مصروف ترين ۽ ڳتيل آباديءَ واري علائقي رنڇوڙ لائين ۾ جتي پاڪستان جي ڄمار جيترو پراڻو “رمي ڪلب” يا جواخانو آهي ۽ ان ڪلب جي ماهوار آمدني يا جوا مان حاصل ٿيندڙ رقم ڪراچيءَ سٽي حڪومت جي سالياني بجيٽ کان به گهڻي آهي! رمي ڪلب جيڪو حڪومت جي ڪنهن نه ڪنهن قاعدي ۽ قانون تحت رجسٽرڊ ڪيسينو آهي، جنهن ۾ ڪجهه هفتا پهرين ٿيل بم ڌماڪي ۾ سرڪاري طور تي 20 ماڻهن / جوارين جي مارجڻ جي تصديق ٿي، پر گاهه منڊيءَ جي رهواسين جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڌماڪي ۾ 40 کان وڌيڪ جواري موت جو کاڄ بڻيا. جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا مري ويلن جو انگ 109 ٻڌايو. مارجي ويلن ۾ ڪيسينو جي مالڪن جا ٽي پاڙيسري به شامل هئا، جن مان هڪ نوجوان پرچي وٺي آيو پئي ۽ ان هڪ پرچيءَ تي کيس 20 رپين جي ڪميشن ملندي هئي. 20 رپين خاطر هڪ نوجوان گولين جو بک بڻيو. گاهه منڊيءَ ۾ رهندڙن جو چوڻ آهي ته بم ڌماڪي سان گڏ فائرنگ به ٿي، جنهن دوران چاقن جو آزاداڻو استعمال به ٿيو، ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا ۽ زخمي پڻ ٿيا. رمي ڪلب ۾ ڌماڪي وقت ڪيترا ماڻهو هئا؟ “افيئر” اهو سوال اتان جي هڪ پڙهيل لکيل اڌڙوٽ کان پڇيو. “ڌماڪي وقت 500 جي لڳ ڀڳ جواري موجود هئا، جن مان اڪثريت رڪشا، ٽئڪسي، چنگچي ۽ ڊرائيورن/ مالڪن جي هئي. هي هزارين ۽ سوين رپين جي جوا کيڏندا آهن. هي ڪجهه سو رپيا ڪمائي ويندا آهن ۽ اهو انهن جو معمول هو.” هن پنهنجي رام ڪٿا جاري رکندي ٻڌايو “هي ڌماڪو غريب يا گهٽ پئسي وارن جوارين جي عمارت ۾ ٿيو، پر جيڪڏهن وي آءِ پي ايريا ۾ اهڙو ڌماڪو ٿئي ها ته لاشن جي سڃاڻپ سنڌ ڪابينا جي ڪنهن وزير، آءِ جي، ڊي آءِ جي پوليس، سگهاري اداري جي مقامي سربراهه، ڪنهن ميمڻ سيٺ يا وري بااثر شخصيت طور ٿئي ها”!

مان رمي ڪلب جي ڪنڊ تي بيٺو هيس ته منهنجي سونهين علائقي جي تاريخ ۽ جاگرافي ٻڌائي پئي.

“هن علائقي جو سرڪاري ڪاغذ پٽن، بجلي، گئس ۽ واٽر بورڊ جي بلن ۾ نالو جناح آباد آهي. ڪنهن زماني ۾ گاهه منڊيءَ جي سامهون واري علائقي کي گانڌي نگر سڏبو هو. گانڌي ۽ جناح هتي به هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا.”! ڇا هي جوا جو اڏو ڪنهن هڪڙي عمارت ۾ ئي آهي؟ مون کانئس پڇيو ”هن هڪ، ٻه ڪري نون عمارتن کي هڪ ساهيءَ ۾ ڳڻايو. هنن نون ئي عمارتن ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، ان بابت گهڻي ڄاڻ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير کان وڌيڪ ڪنهن کي به نه هوندي.”

گاهه منديءَ ۾ ڇيپا ايمبولينس جي آفيس ڀرسان بيهي توهان جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کان رمي ڪلب جي تاريخ ۽ جاگرافي پڇندو ته اهو رمضان ڇيپا کان وڌيڪ علائقي جي انڊر ورلڊ جي باري ۾ ٻڌائيندو. مون کي هڪ دوست ٻڌائڻ لڳو.“ هي رمضان ڪانٽي واري بابت خبر اٿئي ته ڪير آهي؟ تو ڪڏهن ايس پي پير بخش بلوچ جي باري ۾ ٻڌو آهي؟ هن علائقي کي گاهه منڊي ڇو ٿا چون؟” هو سوالن پٺيان سوال ڪندو ويو ۽ پوءِ پاڻ ئي انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لڳو!

رمي ڪلب رمضان بلوچ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، رمضان ۽ ايس پي پير بخش ڀائر هئا. هنن جي والده بلوچ ۽ والد پنجابي آبادڪار هو. هنن جي پٽن مان هڪڙا پاڻ کي مينگل ته ٻيا وري رند سڏرائين! رمضان جي اولاد ماءُ جي مائٽن مان شاديون ڪيون ۽ هاڻ هو بلوچ سڏرائين ٿا. رمي ڪلب رمضان ڪانٽي والا جي نالي سان رجسٽرڊ آهي، پر ان کي هلائي اعجاز ميمڻ ٿو. اعجاز ميمڻ اشتهاري جوابدار آهي، پوليس ۽ انتظاميا کي به خبر آهي ته هو ڪٿي رهي ٿو، پر کيس ڪو به هٿ لائڻ وارو ناهي. هو نه صرف بااثر آهي، پر هن جي اٿي ويٺي انهن سمورن بااثر حلقن سان آهي، جيڪي هن جي ڪاروبار کي “دِن دُگني، چار چُگني.” بڻائيندا رهيا آهن.” هن پنهنجي ڪٿا جاري رکندي چيو“ اعجاز ميمڻ هفتيوار سوا ڪروڙ رپين جو ڀتو اعليٰ انتظامي عملدارن کان وٺي هڪ پوليس سپاهي کي به ڏئي ٿو، جنهن جي ڊيوٽي رمي ڪلب جي ڪنهن هڪ اپارٽمنٽ ٻاهران لڳل هوندي آهي. جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ تائين اڳوڻي گهرو معاملن جي وزير کي 15 ڪروڙ مهيني ۾ هن ڪلب مان ڏنا ويندا هئا. هي اهڙي گنگا آهي، جنهن مان سڀئي هٿ ڌوئين ٿا.” واٽر بورڊ جي هڪ پراڻي انسپيڪٽر ٻڌايو ته “هو گاهه منديءَ جي 160 فليٽن ۾ پاڻي جا بل ڏيندو رهيو اهي، جيڪي سمورا انڊر ورلڊ جي ڪاروبار سبب وڏي ماليت وارا ٿي ويا آهن.”

منهنجي دوست 18 گهٽين جو ذڪر ڪيو، جتي هي “ڪاروبار عام” آهي. هتي ڪو به مالڪ پنهنجو فليٽ مرضيءَ سان وڪرو ڪري نٿو سگهي، خريدار هر صورت ۾ رمضان ڪانٽي والا جو پنجن مان هڪ پٽ هوندو. رمضان جا پنج ئي پٽ الڳ الڳ ڪاروبار ڪن ٿا. هڪڙو بلڊر آهي، جيڪو ڪاري ناڻي کي سفيد ڪندو آهي، هڪڙو زميندار آهي، جنهن جي نواب شاهه ۾ سوين ايڪڙ زمين آهي ۽ ان ڪجهه عرصو اڳ سپر هاءِ وي ڀرسان دُنبا ڳوٺ ۾ به زمين ورتي هئي. جن بلوچن جي نالي تي گاهه منڊي مشهور ٿي، انهن جي زمين به سپر هاءِ وي جي ساڳي علائقن ۾ هئي. رمضان جي پٽن مان هڪڙي جو نون عمارتن مان هڪ ۾ شراب جو ڪاروبار آهي،جيڪو جوائنٽ وينچر ۾ هلي ٿو. گاهه منڊيءَ جون هي عمارتون معمولي نوعيت جون ناهن. هتي به جوارين جا طبقا آهن ۽ هر قسم جو ڪاروبار ٿئي ٿو.

مون پنهنجي دوست کي ياد ڏياريو ته هن ايس پي پير بخش بلوچ جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ هن جو رمي ڪلب سان ڪهڙو واسطو آهي؟ “ايس پي پير بخش بلوچ جي ايمانداريءَ جا سڀني کي قصا ٻڌايا ويا آهن، هو ايئن هو ڪو نه. هي اهو ئي پوليس عملدار آهي، جيڪو قانون جي اڳوڻي وزير عبدالحفيظ پيرزادي کي سنڌ يونيورسٽي ۾ چماٽ لڳڻ وقت ساڻس گڏ هو. اسماعيل وساڻ جي چماٽ جو پڙاڏو ٻڌي پير بخش بلوچ بيهوش ٿي ويو هو. چون ٿا ته پير بخش کي دل جو دورو پيو هو۽ هو ان ۾ ئي مري ويو هو.” جيتوڻيڪ اسماعيل وساڻ ان چماٽ جي ته تصديق ڪئي هئي، پر پير بخش بلوچ جي دل جي دوري جي نه. اسماعيل وساڻ هالا کان شهدادپور ويندي گاجا موري ڀرسان زرعي فارم قائم ڪيو هو ۽ هن جي اوطاق تي ايندڙ ڪامريڊن توڙي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي برابريءَ جي بنياد تي چندا ڏيندو رهيو آهي.

پير بخش بلوچ جي هڪ پاڙيسري ٻڌايو ته هن جي ايامڪاريءَ ۾ سندس ڀاءُ رمضان ڪانٽي والا جو جوا جو ڪاروبار گهڻو ئي ڦهليو هو. هي ان جا ئي واسطا هئا، جيڪي رمضان جي ڪم آيا. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته رمضان ڇيپا ۽ رمضان ڪانٽي والا ٻئي هڪٻئي جا پاڙيسري آهن. ممڪن هجي ته ٻنهي جو ڪم به ساڳيو ئي هجي.

رمضان ڪانٽي والا جو پٽ حنيف جيڪو پڻ ساڳي ڌنڌي سان لڳل آهي، ان جي ايمانداريءَ جا قصا به گهڻا مشهور آهن. هو علائقي جي مسجد ڪاميٽيءَ جو به سربراهه آهي. اهو ايستائين جو هو مسجد جي پاڻيءَ جو بل به پنج هزار رپيا ادا ڪندو آهي!

رمي ڪلب ۾ بم ڌماڪي جو ڪيس ته اعجاز ميمڻ، رمضان ڪانٽي والا ۽ پنجن ٻين جوابدارن خلاف داخل ٿيو آهي، پر جيڪي جواخاني جا ٻيا ڀائيوار آهن، انهن جو ڪنهن به نالو نه ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن خلاف درخواست به داخل ڪئي وئي ۽ متاثرن جي وارثن کي معاوضي ڏيڻ لاءِ به استدعا ڪئي وئي آهي ۽ ڪلب هلائيندڙ متاثرن کي سون ۾ توري سگهن ٿا. رمضان جي پاڙيسريءَ ٻڌايو ته هن ڪاوربار مان پاڙيوارن کي ايترو فائدو ضرور آهي ته هر گهٽيءَ مان ٻن نوجوانن کي ڪم سان لڳايو ويو آهي، انهن مان ئي ٽي مئا. هڪڙي نوجوان کي ڪجهه سو رپيا، هڪ کي 500 رپيا ۽ ٽئين کي پنج هزار رپيا ڏهاڙي ملندي هئي.

هن رمي ڪلب جي وزيٽرن ۾ اميرن کان وٺي غريبن تائين سمورا شامل آهن. ڪلب جا 15 سئو ميمبر هينئر به آهن. پر تازو ئي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي مئچن دوران اربين رپين جا سٽا هتي ئي کيڏيا ويا. هن ڪلب جا آرگنائزر ڀارت کان وٺي ٿائيلينڊ تائين دنيا جي وڏن جواخانن سان جڙيل آهن ۽ هنن جو گڏيل واپار به هلندڙ آهي. انهيءَ علائقي جي قديم رهواسين به ڪاري ڌنڌي بابت تصديق ڪئي. هنن جو اهو به چوڻ هو ته محترما بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ جنهن شخص تي گهڻا شڪ ۽ شبها هئا، اهو خالد شهنشاهه هو، هن آخري ڀيرو انهيءَ رمي ڪلب جو دورو ڪيو هو ۽ پوءِ ڊفينس ۾ هٿياربندن هٿان ماريو ويو هو! هن رمي ڪلب ۾ ايندڙ ويندڙ ۽ ٻين اهم شخصيتن جي اچ وڃ جاري آهي، پر پاڙي وارن جا نالا کڻڻ وقت چپ ڦڙڪيا ٿي ۽ ماٺ ڪرڻ جا ٿي اشارا ڏنائون ٿي. رمي ڪلب ۾ شاديءَ جي دعوت کڻي ويندڙ هڪ پراڻي لياري واسي “افيئر” کي ٻڌايو ته هتان جو نظام شاهاڻو آهي ۽ جيڪو چاهي عياشي ڪرڻ کان وٺي جوا کيڏڻ تائين ۽ پي مست ٿي سگهي ٿو. هتان جو سيڪيورٽي جو نظام به ڪلب جي آرگنائيزرن جي هٿ وس آهي. انهن ڳجهيون ڪئميرائون به لڳايون آهن ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پر ان جي باوجود ڌماڪ ٿيو. سي سي ٽي وي جي هڪ ماهر ٻڌايو پئي ته ڪئميرائون لڳل ضرور آهن، پر اهي پراڻيون آهن ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي. بجلي جا بل کڻي ويندڙ ڪي اي ايس سي جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته ڪلب ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ايئن لڳي ٿو ته هي ڪا ٻي دنيا آهي، جيڪا باب لياري جي ڀرسان قائم ڪئي وئي آهي.

جڏهن هڪ وڪيل دوست سان رابطو ڪيو ويو جيڪو رمي ڪلب جي خاتمي لاءِ پاڙيسرين جا ڪيس وڙهي رهيو آهي ته ڇا هي واقعو دهشتگرديءَ جو نتيجو هو؟

هن مطابق هي اصل ۾ ڪراچيءَ جي چئن ڪلبن جي ويڙهه جو نتيجو آهي، انهن ڪلبن جا مالڪ هن ڪلب کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا. انهن مان ٻه وڏا ڪلب هڪ ڊفينس ۽ ٻيو رضويا سوسائٽي ۾ آهي. هن جو آخري جملو هو ته “رمي ڪلب انڊر ورلڊ، بدمعاشن، سياستدانن، سائي پٽڪي وارن مولوين، ڀائي لوگن ۽ بندوق بازن سميت سڀني لاءِ سونو بيدو ڏيندڙ ڪڪڙ آهي، اهي آخر ان کي تباهه ڇو ڪندا؟”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو