Home / افيئر / سنڌ، سيد ۽ قومپرست ڌريون
above article banner

سنڌ، سيد ۽ قومپرست ڌريون

سنڌ بابت سائين جي _ ايم _ سيد جو نظريو، بلڪل واضح آهي ته موجوده ملڪي ڍانچي ۾ هاڻ، قومن کي آزاد ۽ خود مختيار حيثيت ملڻ نا ممڪن آهي.

1973ع ۾ پاڪستان جو آئين جنهن ۾ اوڻويهين_ ترميم ڪئي وئي آهي انهيءَ ۾ قومن جي وجود جو، انڪار ٿيل آهي، ٻيو، پنجاب ۾ ڀر پاسي جا، علائقا ملائي ايڏو وڏو پنجاب اڪثريتي صوبو بڻايو ويو آهي، جنهن جو اسيمبلي اندر سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه گڏجي به مقابلو ڪري نٿا سگهن، ان سان پنجاب جو ئي فائدو ٿيڻو آهي. صورتحال اهڙي آهي جو ڪا به حڪومت پاڪستان ۾ شامل قومن جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ انهن جا قومي حق کين موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. گذريل حڪومت ۾ جيڪي سنڌ سان ناحق ٿيا انهن جي اپٽار ڪرڻ کان سواءِ رڳو موجوده دور جي حڪومت جنهن کي سنڌين جي حڪومت سڏيو ٿو وڃي، انهيءَ ۾ جيڪي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن انهن مان سنڌ جو فائدو نه ٿي سگهيو آهي پر اِهي سڌي يا، اڻ سڌي طور پنجاب جي فائدي وارا آهن. اين _ ايف _ سي _ ايوارڊ ۾ سنڌ جو ناڻو قانوني طور پنجاب ۽ وفاق جي حوالي ڪيو ويو آهي، ڀاشا ڊئم ٺاهڻ جو فيصلو ڪري سنڌوءَ درياکي سڪائڻ جي  منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌي قوم کي ته تسليم نٿو ڪيو وڃي، پر سنڌي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي جو درجو نه ڏنو ويو. انهيءَ کان سواءِ لکن جي تعداد ۾ پٺاڻن کي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو آهي.

هڪ طرف اهڙي صورتحال آهي جنهن تحت سنڌي قوم پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي، ٻئي طرف پاڪستان ۽ خود سنڌ متعلق مختلف ڳالهيون ميڊيا جي زينت بڻجنديون رهيون آهن.

اهڙي صورتحال ۾ سنڌي قوم لاءِ اِهو سوال آهم آهي ته اِهي سنڌ متعلق مڪمل صاف ٿين، پنهنجن خيالن ۾ واضح ٿين، ته اِهي سنڌ کي ڇا ٿا سمجهن؟ ۽ سنڌي قوم متعلق سندن خيال ڪهڙا آهن؟

هي ڳالهه عالمي طور مڃيل آهي ته “بنا نظرئي جي ڪو به انقلاب نٿو اچي سگهي”، پاڪستان ٺهڻ وقت مسلم ليگ وٽ ٻه قومي نظريو هُيو جنهن جو بنياد نفرت تي هيو، هاڻوڪي مسلم ليگ يا مسلم ليگ جي، سمورين پارٽين وٽ اسلام جي آڙ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ سواءِ ٻيو ڪو به نظريو نه آهي. صرف ڦرلٽ جي هٿ ٺوڪئي نظام تحت اِهي منظم ٿين ٿيون.

پپيپلز پارٽي وٽ اسلامي سوشلزم جو نظريو هيو جيڪو پنهنجي موت پاڻ مري ويو ۽ هاڻ موجوده پيپلز پارٽيءَ وٽ ڪو به نظريو ڪونهي. هاڻ جيڪڏهن چئجي ته عوام کي “ اٽو، لٽو ۽ اجهو” ڏينداسين ته اِهو هڪ نعرو آهي. ساڳي ريت “شهيدن جو رت رائگان نه ويندو” يا “جئي ڀٽو، جئي بينظير” ته اِهي سڀ نعرا آهن ۽ اڳتي هلي پنهنجي افاديت وڃائي ويهندا.

هاڻي اچون ٿا عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ نيشنل فرنٽ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ “ خالق جوڻيجو”، تي ته اِهي نعرن جي حد تائين قوم پرست آهن، عملي طور اِهي وفاق پرست آهن، انهن کي به اڃا وڌيڪ واضح ٿيڻ جي ضرورت آهي، انهن جي چارٽر ۾ ڪافي ابهام آهي ته اِهي سنڌي قوم کي پاڪستان ۾ ڪهڙي  صورت ۾ ڏسڻ چاهين ٿا.انهن وٽ نظريو نه آهي.متحده قومي موومينٽ جيتوڻيڪ وڃي ڀٽ شاهه تي پهتي آهي،پر انهيءَ جي لهجي ۽ انداز ۾ سنڌي ۽ مهاجر جا لفظ، استعمال ٿي رهيا آهن ۽ اِها موجوده حالت ۾ سگهارين قوتن جي لکيل اسڪرپٽ جي حمايت ڪري پنهنجي وجود کي ساڻن ڳنڍي ٿي، جنهن ڪري منجهس اميد نه ٿي رکي سگهجي ۽ انهيءَ جو جياپو نسلي ۽ گروهي سياست ۾ آهي.

هاڻ اسان اچون ٿا انهن قوم پرستن تي، جيڪي سچا ۽ پڪا قوم پرست آهن ۽ وڏي زور سان سنڌ جي آجپي جا نعرا هڻڻ ٿا. انهن ۾ ڪيترائي اختلاف موجود آهن، (1) تشدد ۽ عدم تشدد، هي اختلاف هنن ڌرين اندر 1976ع کان هلندو اچي جڏهن صرف هڪ جماعت جيئي سنڌ محاذ هئي ۽ ان جو وقت انجو چيئرمين عبدالواحد آريسر هيو ۽ هن وقت انهيءَ جماعت جو چيئرمين سرور سهتو آهي. موجوده قومي محاذ ۽ ٻيا نوان جوڙيل محاذ توڻي جيئي سنڌ تحريڪ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ااڳواڻ ان وقت شاگرد هُيا.صورتحال اِها آهي ته هرڪو ٿو نئين پارٽي قائم ڪري ۽ انجو نالو قومي محاذ يا جيئي سنڌ محاذ ٿو رکي! هن وقت جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ، تحريڪ ۽ متحده محاذ جي نالن سان ٻن درجن کان وڌيڪ جماعتون ٺهي ويو آهن.بهرحال انهن ۾ اِهو مسئلو هلندڙ آهي ته انقلاب تشدد ذريعي ايندو يا عدم تشدد ذريعي ايندو، اِهو سوال اهڙو آهي جنهن هن وقت تائين ٻه درجن کن جماعتون جوڙيون آهن، سمورا تشدد ۽ گوريلا جنگ جون ڳالهيون ڪري ڌار ٿين ٿا. ورڪرن جو انبوهه گڏڪن ٿا ۽ پوءِ عدم تشدد جي ڳالهه ڪن ٿا! ۽ وڃيو بک هڙتالون ڪن ٿا! هر ٻئين ٽئين سال اِها صورتحال اچي ٿي ۽ هڪ نئين پر جوش جماعت وجود ۾ اچي ٿي.سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ کان وٺي، جسمم تائين سڀني ڌار ٿيڻ لاءِ تشدد واري فلسفي جو سهارو ورتو هُيو.

(2) مهاجر مسئلو ؛ هي مسئلو سنڌ اندر قومي تحريڪ جو رخ موڙڻ ۽ انکي منجهائڻ لاءِ اٿاريو ويو ۽ اڄ تائين انهيءَ مسئلي کي زنده رکڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر 1988ع جي واقعن سنڌ کي نسلي ۽ گروهي جنگ طرف ڌڪي ڇڏيو هُيو. مشرف دور ۾ لوڪل گورنميٽ واري ٺاهيل آرڊينينس جي ذريعي انهيءَ نسلي ورهاست کي پڪو ۽ پختو ڪيو ويو. هڪڙن ضلعن کي ورهايو ويو ۽ ڪراچيءَ جي ضلعن کي وري هڪ ضلعو بڻايو ويو، اِهو اهڙو اشو آهي جنهن تي هاڻ متحده پنهنجو جياپو سمجهي ٿي ۽ انهيءَ نظام کي قائم رکڻ گهري ٿي.هميشه ائين ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ جي ويڙهه نسلي ويڙهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي. انهيءَ مسئلي تي به سنڌ جون مکيه قوم پرست ڌريون، پاڻ ۾ اتفاق نٿيون رکن.

(3) ڪرائيم ڪلچر: سنڌ جي اڪثر قوم پرست جماعتن تي ڪرمنل هجڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن، ڪنهن وقت ته دليل ڏئي اِهو ثابت ڪيو ويندو هُيو ته “انقلاب لاءَ ڪرائيم ضروري آهي” اهو دليل به ڏنو ويندو آهي ته ڪامريڊ اسٽالن به ڌاڙا هڻائيندو هو وغيره ته هي اهڙو سوال آهي جيڪو قومي تحريڪ کي اڏو هيءَ جيان کائي رهيو آهي.

(4) نظرياتي پرچار: هي سوال به تمام اهم سوال آهي ته بنا نظرياتي پرچار جي انقلاب ڪيئن ايندو؟ جن کي نظرئي جي خبر ئي ڪانهي اِهي انقلاب ڪيئن آڻيندا؟ موجوده وقت ۾، سواءِ جيئي سنڌ محاذ جي ، ٻي ڪنهن به جماعت وٽ ڪو به نظرياتي پرچو، اخبار وغيره نه آهي، جيڪڏهن انهن ٻين جماعتن مان ڪا ڌر ڪو به پرچو ڪڍي ٿي ته اِهو بلڪل غير معياري هجي ٿو. انڪر موجوده دور جي گهرجن پٽاندڙ نظرياتي پرچار نٿي ڪئي وڃي. ڪيترا ته ائين چون ٿا ته نظرياتي پرچار ٿي چڪي آهي، “بس هاڻ عمل جو وقت آهي.”

هاڻ سوال اِهو آهي ته سنڌ جون هيڏيون ساريون ڌريون اِهو ڊيموڪريٽ، سوشلسٽ هجن يا قوم پرست. اِهي  صاف، وقتي معاملن تي وقت وڃائي رهيا آهن. انهن وٽ ڪو مستقل اشو به نه آهي، جڏهن ته سائين جي ايم سيد جو نظريو مستقل جدوجهد جو درس ڏئي ٿو ۽ اِهو تڏهن ٿيندو  جڏهن سنڌ جا سمورا سڄاڻ حلقا قوم جي وجود جي بقا، ۽ آزاديءَ کي پنهنجو نصب العين ٺاهيندا. جي  ايم  سيد چوي ٿو ته هن ملڪ جا بنياد مستقل استحصال تي رکيل آهن ۽ انهيءَ جي ذريعي سنڌي قوم جو استحصال ٿيندو رهندو، انهيءَ جي سياست ۽ ٺاهيل انتظام تي پنجاب جو قبضو آهي، انهيءَ جي بيهڪ مذهبي ۽ غيرجمهوري آهي، ان ڪري انهيءَ ۾ ترقي پسنديءَ جي عملن جو امڪان ئي ڪونهي. انهن نفرت ۽ استحصال وارن بنيادن جي خلاف سموري قوم کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو.“قومي آزادي قومن جو فطري حق آهي.” انهيءَ متعلق سمورين ڌرين کي اتفاق ڪرڻو پوندو، هر مڪتبِ فڪر کي انهيءَ طرف وڌڻو پوندو، مذهبي نفرت ۽ طبقاتي متڀيد کان مٿاهين ۽ غلاميءَ کان آجي سنڌ لاءِ جدوجهد جا تفصيل سمجهڻا پوندا. سائين جي ايم سيد جا پيروڪار جيڪي نظرئي تان ڦري ويا آهن، يا ڪردار جي پاڪائي نٿا رکن، اهي انقلاب آڻي نه سگهندا. انقلاب لاءِ اعليٰ ڪردار وارا صالح ماڻهو گهرجن، جيڪي ذاتي انا کان مٿاهان هجن. سائين جي ايم سيد جو نظريو، هارين، پورهيتن،  ماسترن، ڪلارڪن، ننڍن ملازمن، غريب ماڻهن، آبادگارن ۽ سنڌي قوم جي هر فرد جي استحصال کان پاڪ معاشري جو، نظريو آهي، اهو هڪ اهڙي فلاحي رياست جو نظريو آهي، جيڪا آزاد، خودمختيار ۽ استحصال کان پاڪ هجي، جنهن ۾ ڪو به مذهبي متڀيد نه هجي، جيڪا جاگرافيائي طور، اقتصادي طور به آزاد هجي، ڇو ته موجوده سيٽ اپ ۾ سنڌ کي مٿيون سموريون آزاديون ميسر نٿيون ٿي سگهن.

غلاميءَ جي مکيه نشانين مان ڪجهه نشانيون هن ريت هونديون آهن (1) ڌارين ماڻهن جي آبادڪاري کي روڪي نه سگهبو آهي.

(2) اقتصاديات جو ڪنٽرول ٻين جي هٿن ۾ هوندو آهي

(3) فوج ۽ دفاعي ادارن تي سندن ڪنٽرول نه هوندو آهي.

(4) ترقياتي منصوبابندي جو دارومدار آقا قوم تي هوندو آهي.

(5) جيتوڻيڪ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ غلام قومن کي ڪنهن حد تائين حق مليا به آهن پوءِ به هنن جي حيثيت ٻئي ۽ ٽئين درجي واري آهي.

اهڙي صورتحال جي مدِ نظر سائين جي ايم سيد آجپي جي گهر ڪري ٿو ۽ وڏي صوبي جي حاڪميت ۽ بالادستي جي مڪمل خاتمي جي گهر ڪري ٿو، سندس موقف آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هزارن سالن کان وجود رکن ٿا، ان ڪري، عالمي امن ۽ ترقي بني آدم واسطي سنڌين جي قومي تشخص جي بحالي ۽ سنڌ جو آجپو لازمي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو