Home / ڪور افيئر / سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن: اڻپوري تياري
above article banner

سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن: اڻپوري تياري

جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته جيئن ئي 18هين ترميم پارليامينٽ مان منظور ٿي هئي ۽ ان سان ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو ٿي چڪو هو ته سنڌ صوبي ڏانهن منتقل ٿيندڙ کاتن جي اعليٰ اختيارين کي تنهن ڏينهن کان وٺي ئي انهن منتقل ٿيندڙ وفاقي وزارتن جي کاتن جي وصولي لاءِ هوم ورڪ ڪرڻ گهرجي ها، پر اسان وٽ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ رهي آهي. جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي تعليم کاتي ٻين اسمن سان گڏوگڏ هائير ايجوڪيشن ڪميشن واري آئيٽم جي وصولي ۽ ان جي جاري رهڻ واري حوالي سان تياري ڪا نه ڪئي آهي.

جنهن جي ئي بنياد تي ڪجهه ڏينهن اڳ تعليم واري سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق جي ڪلفٽن ۾ واقع بنگلي تي پيرمظهر سان گڏجاڻي کانپوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سنڌي سربراهه ڊاڪٽر جاويد لغاري (جيڪو ان کان اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ZABIST جو سربراهه پڻ رهي چڪو آهي) صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهي لفظ چيا هئا ته جڏهن صوبن بشمول سنڌ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جهڙي باڊي ٺاهي ڏيکاري ته پوءِ آءٌ ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي بابت حمايت ڪندس. ڊاڪٽر جاويد لغاري جي ان جملي جي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ اهليت بابت تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

ان حوالي سان جڏهن تعليم کاتي جي سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق کان سي ايم هائوس ۾ وائيس چانسلرز جي گڏجاڻي کانپوءِ “افيئر” طرفان جاويد لعاري جي ڳالهه واري پسمنظر ۾ اهو سوال ڪيو ويو ته فرض ڪريو وفاق کان ايڇ اي سي صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿي ته سنڌ جي تعليم کاتي جي ان سموري هائير ايجوڪيشن ڪميشن واري سسٽم کي جاري رکڻ لاءِ ڪهڙي تياري آهي؟ جنهن جي جواب ۾ پير مظهر وراڻيو ته ها اسان تياري ڪري رهيا آهيون. اسان جي کاتي جي سيڪريٽري ناهيد شاهه دراني ڪم ڪري رهي آهي. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پيرزاده قاسم ان ئي موقعي تي “افيئر” سان ڳالهائيندي چيوته اسان ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي جي خلاف ناهيون، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون خودمختيار ادارا آهن، ايڇ اي سي صرف اسان کي وفاقي حڪومت کان فنڊ وقت سر ڏياري ٿي ۽ اسڪالرشپز ۾  مدد ڪري ٿي سو جيڪڏهن ايڇ اي سي صوبن ڏانهن منتقل ٿي وڃي ته اسان تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، پر اسان لاءِ اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جا فنڊز ڪنهن به قيمت تي نه رڪجڻ گهرجن.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فنڊز رڪجي ويا ته پوءِ سنڌ جون سموريون يونيورسٽيون ويهي وينديون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پگهارون ڏيڻ جا پئسا به نه هوندا.پيرزاده قاسم صديقي اهو به چيو ته مون کي حيرت آهي ته سنڌ حڪومت اسان کي ته اعتماد ۾ وٺي رهي آهي پر هن پاڻ ته سنڌ جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙڻ جي سلسلي ۾ اڃا تائين ڪجهه به نه ڪيو آهي.

سرڪاري ادارن ۾ هڪ فائيل جي ٻي ٽيبل تائين منتقلي جتي ڏينهن ۽ مهينن جي راند آهي، اتي هيڏو وڏو ادارو چند ڏينهن ۾ قائم ڪرڻ انتهائي قابل ماڻهو ڀرتي ڪرڻ ۽ هن سڄي سسٽم کي هلائڻ انتهائي ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. جنهن جي پريشاني نه رڳو سنڌ بيسڊ سرڪاري يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ استادن کي آهي، پر سنڌ صوبي ۾ سوين انهن شاگردن کي به آهي جيڪي GRE ٽيسٽ پاس ڪري پرڏيهي اسڪالرشپن جي انتظار ۾ ويٺل آهن. پر سنڌجي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ناهيد شاهه دراني وري ڏاڍي پراميد نظر اچي رهي آهي.

“افيئر” سان تغلق هائوس (سنڌ سيڪريٽريٽ) ۾ واقع سندس آفيس ۾ ڳالهائيندي هوءَ چوي ٿي ته اڄ جي هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ادارن ۽ وزارتن جي وفاق کان صوبن ڏانهن منتقلي ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. هوءَ چوي ٿي ته HEC ڪنهن به اداري جو سسٽم هڪ سي ڊي يا يو ايس بي ۾ کڻي ٻئي ڪمپيوٽر ۾ لاهڻو آهي ۽ مامرا پاڻهي جاري و ساري ٿي ويندا.

ناهيد شاهه دراني وڌيڪ چوي ٿي ته اسان سنڌ جي ايڇ اي سي ٺاهڻ لاءِ ڪم تمام تيزيءَ سان شروع ڪري ڇڏيو آهي. سندس چواڻي ته اسان تعليمي ماهرن ۽ ناليوارن ڪاروباري ماڻهن تي مشتمل هڪ “ٽاسڪ فورس” جوڙڻ لاءِ نالن جي لسٽ جلد وڏي وزير کان منظور ڪرائڻ وارا آهيون ۽ اها ئي ٽاسڪ فورس سنڌ ايڇ اي سي جا سمورا مامرا جوڙيندڙ ي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي آفيسن لاءِ سرڪاري عمارتون به ڏسي ڇڏيون آهن، بس انهن جي منظوري رڳو رهيل آهي.

ناهيد شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سنڌ جي HEC جو قانوني ڊرافٽ به تيار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايڇ اي سي جي فنڪشنز جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي ايڇ اي سي ۾ 4 کان 5 ڊويزنون هونديون. جن ۾ فنانس ڊويزن، ايڊمن ڊويزن، اڪيڊمڪ ڊويزن ۽ هڪ ڊويزن اهڙي هوندي جيڪا Standards of Higher Education سان لنڪ اپ هوندي، ڇاڪاڻ ته اسٽينڊرڊ آف هائير ايجوڪيشن فيڊرل ليجسليٽو لسٽ نمبر 2 تي موجود آهي، جيڪا 18هين ترميم جي منظوري سان ختم نه ٿي آهي.

تعليم کاتي جي سيڪريٽري اهو به ٻڌايو ته ممڪنه ٽاسڪ فورس جي لسٽ ۾ ڪو به موجوده وائيس چانسلر نه آهي، جڏهن ته سنڌ جي HEC جي جوڙجڪ کانپوءِ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کان به مدد ورتي ويندي.

آخر ۾ نالي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته سنڌ جي HEC جو نالو اڃا فائنل نه ٿيو آهي. اهو صوبائي يا سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ٿي سگهي ٿو.

ان سڄي صورتحال کانپوءِ ڏسجي ته سنڌ حڪومت ڪيترو جلدي سنڌ جي HEC ٺاهي ٿي؟ ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان  سوچيندي سنڌ جي هر تعيلم دوست شخص جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو