Home / افيئر / شام ۽ اڌ صديءَ جو ڪروڌ!
above article banner

شام ۽ اڌ صديءَ جو ڪروڌ!

شام ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. نوجوان شاگرد ۽ هزارين عورتون به هاڻ رستن تي آهن. حڪمران ڌر خلق خدا کي قتلام ڪري رهي آهي پر پوءِ به انهن نوجوان عورتن ۽ شاگردن جو هڪ ئي نعرو آهي ته “شام گهري ٿو آزادي”. ڇاڪاڻ جو شام ۾ هاڻوڪن حاڪمن 1963ع کان ايمرجنسي لاڳو ڪري رکي آهي. اتي بنيادي حق ته پري رهيا عوامي ميڙاڪن تي به مڪمل پابندي آهي. ليڪن هاڻ بغاوت جو پرچم بلند ڪندڙ نوجوان نسل جنهن تبديليءَ جي گهر ڪري رهيو آهي، اها کانئن گهڻو ڏور ناهي. شام جي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ان جي تاريخي پسمنظر کي سمجهڻو پوندو. اچو ته شام جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي حال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

شام اسلام کان اڳ قديم تهذيب ۽ ثقافت رکندڙ ملڪ آهي. خلافت جي دوءر ۾ اسلام جي اثر هيٺ پڻ رهيو. تاريخي طور لبنان۽ فلسطين شام جو حصو رهيا آهن. ان جي تهذيب رومن ۽ فارسي سلطنت جيتري پراڻي آهي. شام اميه حاڪمن جي راڄڌا ني ۾ رهيو. عباسي حاڪمن دمشق سان بغداد ڪيو ۽ پوءِ سلجوڪ ترڪن جي قبضي ۾ اچي ويو. هي ملڪ عثمانيه سلطنت هيٺ پڻ رهيو. 1914ع واري پهرين مهاڀاري لڙائي دوران جڏهن سلطنت عثمانيه جي حاڪمن کي شڪست ملي ته شام پروٽڪريٽ عرصي ۾ فرانس جي قبضي هيٺ اچي ويو.ائين پوءِ جاگرافيائي تبديليون ڪري لبنان، فلسطين ۽ اردن جا ڪجهه حصا شام کان ورتا ويا.

تاريخ جو جبر ڏسو جو شام تي هميشه ٻاهريان ماڻهون حڪمران رهيا ۽ مڪاني ماڻهو انهي سڄي راند ۾ ڪٿي به نظر ڪو نه ٿا اچن. اُن تي پهرين ترڪ حڪمرانن حاڪميت ڪئي ۽ پوءِ وري يورپ جي قابضن طاقتن جي بيٺڪيت رهيو. شام سان اها ڪار رڳو غير مسلم دور ۾ ڪا نه ٿي بلڪه اسلامي دور ۾ به هميشه ٻاهريان گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا. آخرڪار اهو زور وڃي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ٽٽو. ائين 1950ع ڌاري عرب دنيا ۾ پان عريزم جي مصرکان شروع ٿيل تبديليءَ جي لهر شام ۾ به تبديليءَ جو ڪار ڻ بڻي. 1963ع ۾ ايئر فورس جي تڏهوڪي ڪمانڊر حافظ الاسد بعث پارٽي جي حمايت سان اقتدار تي قبضو ڪيو، هو جيسيتائين جيئرو هو تيسيتائين اقتدار کان پَل به پري نه رهيو. سال 2000ع ۾ جڏهن هن جي لاڏاڻي سبب تخت خالي ٿيو ته ان تي سندس وڏي پٽ ۽ ڏندن جي ڊاڪٽر بشارالاسد کي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو پر هن به پيءُ وارا پير کنيا ۽ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو.

اهو نه وسارڻ کپي ته 1972ع ڌاري لبنان ۾ شروع ٿيل گهرو ويڙهه جيڪا 15 ورهيه هلي ۽ ان ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو پر ان ۾ ٺاپر آڻڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ آخري فيصلو گڏيل قومن جي اداري کي ڪرڻو پيو ، جنهن تحت بين الاقوامي فوج ۾ شام جي فوجي دستن کي به شامل ڪيو ويو، جن جو انگ 30 هزار کن هو. اهڙي ريت شام کي لبنان اندر فيصله ڪُن حيثيت ڏني وئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو شام جو لبنان جي حڪومت جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ هميشھ اهم ڪردار رهيو. جيتوڻيڪ شام جي فوجن جي لبنان ۾ هجڻ دوران اتي امن ته ٿي ويو، پر 2005ع ۾ جڏهن لبنان جو وزيراعظم رفيق حريري بيروت ۾ قتل ٿي ويو ته ان جي قتل بابت شام ڏانهن آڱريون کڄڻ لڳيون. حريري جي قتل کانپوءِ لبنان جي ماڻهن ۾ شام خلاف ڪروڌ وڌڻ لڳو ۽ انهن سخت احتجاج ڪيو ته شام جي فوجن کي لبنان جي سرزمين تان نيڪال ڏني وڃي. ايئن پوءِ 2006ع ۾ شام جي فوجن جي واپسيءَ جو اعلان ٿيو. حريريءَ جي قتل بابت جاچ اڃا هلي رهي آهي، ان ۾ ڪير ٿو قاتل ثابت ٿئي، ان جي خبر اڳي پوءِ نيٺ ته پوڻي آهي.

شام لاءِ مشهور آهي ته اها Rouge رياست آهي، جيڪا اولهه وارن ملڪن کي نٿي وڻي. حالانڪه شام خالص عرب قومپرست ۽ روشن خيال رياست آهي. پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي ڳري قيمت عرب شهري ڀري رهيا آهن ۽ مسلسل ڀريندا به پيا اچن. هاڻوڪي تبديليءَ جي لهر جنهن عرب دنيا ۾ ڀونچال مچايو آهي، ان جو اثر به هن ملڪ تي اوس پيو آهي. 15 مارچ 2011ع کان شروع ٿيل اهو بغاءُ دارا شهر کان نڪري ٻه درجن کن شهرن تائين ڦهلجي ويو آهي. طاقت جي انڌ ۾ گم حڪمران ماڻهن کي ڪيڙن مڪوڙن وانگر چيڀاٽڻ جي راهه تي نڪتل آهن، پوءِ به دارا کان البو تائين هر ماڻهو سراپا احتجاج آهي، ٻار، ٻڍا ۽ عورتون- بنا هٿيارن جي، هٿين خالي ماڻهو ٽئنڪن ۽ بارود کي منهن ڏئي رهيا آهن. ائين سمجهو ته شام جو نوجوان نسل دقيانوسي نظام کي دفن ڪرڻ نڪتو آهي.

هڪ طرف شام اندر مزاحمت هلي رهي آهي ته ٻئي طرف اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته شام جي هن خطي ۾ وڏي اهميت آهي. ڇو ته هن خطي ۾ مزاحمتي تحريڪون هلن پيون، جن جي شام حمايت ڪري رهيو آهي، جيئن لبنان جي حزب الله، فلسطين جي کاٻي  ڌر کان وٺي حماس تائين، اهو عراق ۾ به مزاحمتي قوتن جو حامي آهي، پر ڪردن ڏانهن ان جو رويو ٺيڪ ناهي. ليڪن حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته شام جيڪو ٻين ملڪن جي مزاحمتي تحريڪن جو حامي آهي، اهو وري پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڪي به سياسي ۽ بنيادي حق ڏيڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي. حاڪمن کي عوام تي بنهه ڀروسو ڪونهي، اهي کين شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو 1986ع ۾ به 35 هزار ماڻهن جو قتلام ڪيو ويو هو. اڄ به عوامي بغاءُ حق ڏيڻ ۽ اظهار جي آزاديءَ لاءِ ئي آهي،  ليڪن آمر عوام جي ان آواز کي سمجهڻ بدران بندوق وسيلي خاموش ڪرڻ گهرن ٿا، پر ڳالهه ان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي.

حقيقت ۾ شام ۾ جهڙي ريت عوام جو موڊ مٽجي رهيو آهي، ان کي طاقت سان چيڀاٽڻ بدران سمجهڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري هاڻوڪن حاڪمن کي ان عوامي موڊ کي سمجهي سندن جائز مطالبا نه رڳو تسليم ڪرڻ گهرجن، بلڪه ماضيءَ جي سنگين غلطين جو به ازالو ڪرڻ گهرجي. جيئن فوري طور ايمرجنسي ختم ڪري عوام خلاف ڪاررواين ۾ ملوث اهلڪارن کي سزائون ڏنيون وڃن. آزاد اليڪشن ڪميشن جوڙي عوام کي پنهنجو سربراهه چونڊڻ جو جمهوري حق ڏيڻ گهرجي. جمهوري عمل ۾ بعث پارٽي هارائي به وئي ته نوان سياسي پيچرا کلندا ۽ جمهوريت لاءِ راهه هموار ٿيندي. اهو نه وسارڻ کپي ته جيڪڏهن هاڻي شام ۾ اظهار جي آزاديءَ جي رستا روڪ ڪئي وئي ۽ نوجوانن کي روزگار مهيا نه ڪيو ويو ته پوءِ بعث پارٽي جو حشر عراق کان مختلف نه ٿيندو. ان جو واضح مظهر عراق، تيونس، مصر ۽ لبيا پڻ آهن، يمن به لڳ ڀڳ اهڙي صورتحال مان گذري رهيو آهي. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلين تي اسرائيل جون کڳيون به گهڻو دير ڪارگر نه ٿي سگهنديون. عرب دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺندڙ تبديليءَ وارو عمل تمام جلد اسرائيل جو به پاسو وٺندو ۽ اهو ان خوش فهميءَ ۾ نه رهي ته اولهه جا ملڪ کيس ڏکئي وقت ۾ اچي بچايئندا. اهو هاڻي ممڪن ڪونهي ڇو ته اولهه جي ملڪن جي معيشت کين ايئن ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏئي. باقي اهو سچ آهي ته وچ اوڀر تبديل ٿي رهيو آهي ۽اڌ صديءَ کان وڌيڪ جي ان ڪروڌ جي هاڻي رستا روڪ ممڪن ناهي ۽ ان اڳيان جيڪو ايندو اهو ڪک پن ٿي لڙهي ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو