Home / افيئر / ٿر: دشمن جي زمين قرار ڏنل 75 هزار ايڪڙ زمين غريب هارين کي ڪڏهن ملندي؟
above article banner

ٿر: دشمن جي زمين قرار ڏنل 75 هزار ايڪڙ زمين غريب هارين کي ڪڏهن ملندي؟

ويجهڙ ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي ننگرپارڪر واري صوبائي تڪ تان بنامقابلي چونڊيل ايم پي اي ۽ اطلاعات کاتي سنڌ جو وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي، ٽن صوبائي وزيرن مڪيش چاوا، ڄام مهتاب ڏهر، آغا تيمور پٺاڻ سميت ٿر مان چونڊيل عوامي نمائندا ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻن سان گڏ تاريخي شهر ننگرپارڪر ۾ عام جلسي کي خطاب ڪيو، تر جي وڏيرن ڏڪار جي ستايل سوين مظلوم ٿرين کي وزيرن جي استقبال ڪرڻ لاءِ ڏورانهن ڳوٺن کان کڻي اچي جلسي گاهه ۾ پهچايو. عمرڪوٽ جي سوڍي همير سنگهه کان سواءِ ڪنهن به وزير ۽ ٿري اڳواڻ ٿر جي حقيقي مسئلن تي هڪ اکر به نه ڳالهايو، سڀني مقررن جي ڪاوڙ پنهنجن سياسي مخالفن تي هئي. خاص مهمان شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مون ڪنهن به قسم جو توهين عدالت وارو ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي. ان جي باوجود به مونکي سزا ملي ٿي ته اها سزا قبول آهي. هن چيو ته عدليه کي ٻٽو معيار نه رکڻ گهرجي. هن جلسي ۾ همير سنگهه اهو اڪيلو مقرر هو جنهن پنهنجي ڪيل تقرير ۾ ٿر جي هڪ انتهائي اهم وڏي مسئلي اينيمي پراپرٽي واري هزارين ايڪڙ ٿر جي زرعي زمين جيڪا 1965 ۽ 1971ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ بعد هندستان ڏانهن لڏي ويل هندن جي ڇڏيل زمين آهي، جيڪا اڃا تائين ٿر جي حقدار هارين ۾ نه ورهائي وئي آهي ۽ اها ڇڏيل زمين اڃا تائين روينيو رڪارڊ ۾ دشمن جي ملڪيت ڄاڻايل آهي. جنهن هزارين ايڪڙ زرعي زمين تي ٿر جي ڪن بااثر سياسي ماڻهن ۽ وڏيرن ناجائز قبضا پڻ ڪري ورتا آهن، راڻا همير سنگهه پنهنجي تقرير ۾ اسٽيج تي ويٺل روينيو کاتي جي وزير ڄام مهتاب ڏهر کي مخاطب ٿيندي ان کي هن ئي ننگرپارڪر جي شهر ۾ 24 آڪٽوبر 2010ع تي ان قسم جي ئي هڪ جلسي ۾ ٿر جي اينيمي پراپرٽي واري اٽڪل هڪ لک 75 هزار ايڪڙ زرعي زمين چند ڏينهن ۾ ٿر جي حقدار هارين کي الاٽ ڪرڻ وارو سندس ڪيل اعلان پڻ ياد ڏياريو. روينيو جي وزير ڄام مهتاب ڏهر پنهنجي تقرير ۾ تسليم ڪيو ته هن اهڙو اعلان واقعي هن ٿري عوام جي اڳيان ڪيو هو. وزير موصوف وري به اهو چيو ته هو پنهنجو ڪيل واعدو ضرور نڀائيندو. ان زمين جي الاٽمينٽ ڪرڻ لاءِ قانوني لک پڙهه ٿي رهي آهي. ننگرپارڪر تائين پڪو روڊ ٺهڻ کان اڳ ۾ سنڌ جو هي ڪارونجهر جي گود وارو تاريخي شهر جنهن جو حسن وسڪارن وارو ڏينهن ۾نکري نروار ٿيندو آهي. اهو هڪ ڏورانهين ولايت سمجهيو ويندو هو. پڪي رود ٺهڻ کان اڳ ۾ هتي ڪو به وزير وغيره ۽ ڪو به وڏو سرڪاري اهلڪار هرگز پهچي نه سگهندو هو. ڪارونجهر جي ڪولهين ۽ انهن جي مسيحا مسڪين جهان خان کوسي وارو هي ننڌڻڪو شهر پاڪستان جي قيام کان وٺي 90ع واري ڏهاڪي تائين سنڌ ۽ هن ملڪ جي حڪمرانن جي نظرن کان اوجهل ٿي علائقه غير ۽ مقامي کوسن وڏيرن، سوڍن، راڻن جي چنبن ۾ ڦاٿل هو ۽ اهي ئي سوڍا ۽ کوسا جيڪي قديم دور کان وڏا سرڪش ۽ ڌاڙيل پڻ ها، جيڪي ظلم ۽ طاقت جي زور تي پارڪر ۽ ڪڇ تي راڄ ڪندا هئا،

جن بعد ۾ عمرڪوٽ سميت ٿرپارڪر جي سڄي علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو. ٿرپارڪر جا اهي سوڍا ۽ کوسا جيڪي گهوڙن تي چڙهي سوين هٿياربند لشڪر سان جڏهن وڃي ڀرواري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي رياستن ۾ ڦرون ڪري ڌاڙا هڻڻ لڳا تڏهن ڪڇ تي قابض گورا انگريز حڪمران انهن جي ڦرلٽ کان سخت تنگ ٿي پيا. اهو ئي ڪارڻ آهي ته انگريزن سنڌ جي فتح کان 11 ورهيه اڳ 1832ع ۾ پارڪر تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪري ورتو ۽ انگريز فوج ڪارونجهر ٽڪري تي قائم ٿيل ڌاڙيل ۽ ڦوروئن جي ڳوٺن ۽ قلعن تي قبضا ڪري اتي پنهنجون فوجي ڇاوڻيون ٺاهي ڇڏيون. انگريزن بعد ۾ ڌاڙيلن ۽ ڦوروئن کي عبرتناڪ سزائون ڏيئي خوفناڪ بدامني جي وڪڙ ۾ آيل ٿرپارڪر ۾ امن قائم ڪرايو. 1947ع ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد سڄي ٿرپارڪر تي ٻيهر راڻن سوڍن ۽ اربابن جو ظالماڻو راڄ قائم ٿي ويو. جيڪو اڃا تائين قائم آهي. 1965ع ۽ 1971ع ۾ پاڪ ڀارت جي وچ ۾ لڳل جنگين بعد ٿرپارڪر مان گهڻا جاگيردار راڻا ۽ سوڍا سرحد پار ڪري ڀارت ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا. جنهن کانپوءِ ٿرپارڪر جو گهڻو ڀاڱو کيتلاري جي اربابن جي قبضي هيٺ اچي ويو، ٿري ارباب جيڪي آمر ضياءَ الحق جي مارشل لائي راڄ ۾ ان جا خاص ماڻهو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي وردي وارن ۽ پنهنجي پٽيلن جي فوج ذريعي سڄي ٿرپارڪر تي حڪمراني ڪرڻ لڳا. پر تعلقو ننگرپاڪار جيڪو کوسا سردارن جي ڪري سندن گرفت ۾ نٿي آيو، آخر 2002ع واري نرل پرويز مشرف جي ڪرايل چونڊن بعد ارباب سياسي طرح سان ننگرپارڪر تعلقي تي پڻ قابض ٿي ويا. کيتلاري جي ٿري اربابن سان اليڪشن ۾ مهاڏو اٽڪائيندڙ ڏيپلي جو ميمڻ واپاري حاجي غلام محمد لاٽ پڻ لاڳيتو پيپلز پارٽي طرفان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪرڻ ڪري تنگ ٿي اربابن سان ٺاهه ڪري ميدان ڇڏي ويو.

هن ملڪ جا حڪمران جيڪي مذهبي تعصب جي بنياد تي ٿرپارڪر ۾ آباد هندو آبادي جيڪا 30 سيڪڙو آهي، انهن کي پٺتي رکڻ لاءِ ٿر ۾ ترقي جي عمل کي گذريل 60 سالن جي ڊگهي عرصي تائين هٿرادو طور تي روڪي رکيو، پنڊي ۽ اسلام آاباد وارن جي نظر ۾ ٿرپارڪر ۾ هندو مذهب وارا اڪثريت ۾ آباد آهن، جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي، اڄ تائين موجوده ٿرپارڪر ضلعي ۾ هندو مذهب وارن جو مجموعي تناسب 40 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اڪثريت مسلم آبادي جي آهي، جيڪا 60 سيڪڙو آهي. ان جي باوجود ٿر ۾ آباد قديم سنڌي اٽڪل 17 لک مظلوم ٿري ماروئڙا اسلام آباد جي اصل واڳ ڌڻي حڪمرانن جي مذهبي متڀيد واري غيرانساني پاليسي جي سزا ڀوڳي رهيا آهن، ٿري ارباب وڏيرا به پنهنجي وڏيراشاهي وارو راڄ قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ٿر ۾ ترقي جا سخت مخالف آهن. 90ع واري ڏهاڪي تائين ملڪي حڪمرانن طرفان ٿر ۾ ڪي به پڪا روڊ ٺهڻ تي پابندي لڳل هئي. رڻ ڪڇ ۽ راجستان واري پاڪ ڀارت سرحد جو بهانو بڻائي حڪمرانن ٿر ۾ پڪا روڊ ٺهڻ ئي نٿي ڏنا. ان ٿر دشمني واري پاليسي ۾ ٿري ارباب پڻ شامل هئا. پر ايتري ۾ جڏهن هندستان حڪومت نه فقط رڻ ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي پنهنجي سرحدي ڳوٺن تائين پڪا روڊ، مٺو پاڻي ۽ بجلي جهڙيون بنيادي سهولتون پهچايون ۽ 2000ع واري ڏهاڪي کان ڀارت ننگرپارڪر کان بدين ضلعي جي شيخاڻي گهاڙي تائين رڻ ڪڇ جي پاڪ ڀارت بارڊر جي ڪناري کان هڪ بهترين اٽڪل 250 ڪلوميٽرن جي ڊيگهه ۾ پڪو روڊ تعمير ڪرائي ان سرحدي روڊ تي بجلي جي ٽرانسميشن لائين وڇائي رڻ ۽ ريگستان ۾ روشنيون ڪري ان روڊ وٽان ڪنڊي دار تار وڇائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو. تڏهن وڃي اسان واري سنڌ جي ٿر تان پڪا روڊ ٺهڻ جي پابندي لٿي. ايتري ۾ کيتلاري جو هڪ ٿري ارباب اوچتو جنرل مشرف جي دور ۾ مرحوم ڄام صادق علي جيان هڪ ووٽ جي آڌار تي سنڌ جو وڏو وزير بڻجي ويو ۽ ان وچ ۾ ارباب غلام رحيم جو اهڙو ته ڀاڳ کليو جو وزيراعظم شوڪت عزيز پڻ ٿر واري سيٽ تي بنا مقابلي چونڊجي ويو، جنهن ٿر ۾ پڪن روڊن جي تعمير ۽ ٻي ترقي لاءِ ارباب غلام رحيم کي اربين رپين جون وفاقي گرانٽو ڏنيون. اهڙي طرح 2000ع واري ڏهاڪي ۾ ٿرپارڪر ۾ سوين ڪلوميٽر پڪا روڊ ٺهي ويا، ٿر جي لحاظ کان جيڪا ڳالهه ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه آهي. جڏهن ته هر سال وسڪارن وارن ڏينهن ۾ جڏهن سڄو ٿر خاص طور تي عظيم ڪارونجهر ڪشمير کان به سهڻو بڻجي ويندو آهي، پارڪر، ٿر جي قدرتي حسن کي ڏسڻ ۽ ٿر جو سير ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ ملڪ جا هزارين سياح ننگرپارڪر تائين پهچندا آهن.تي پهچي رڻ واهي ٿي ويندا آهن، جتي نه ان نه پاڻي ملندو آهي. سياحن جي رهائش جو سوال پيدا ٿئي ٿو، رينجرز اهلڪارن جي تلاشي ۽ سڃاڻپ جي بهاني سان سياحن سان ٿيندڙ جُٺ ۽ عقوبتن جو ته قصو ئي الڳ آهي. رينجرز جا اهلڪار ڪنهن به سياح کي ڪئميرا ۽ مووي وغيره پاڻ سان گڏ کڻي ننگرپارڪر شهر ۾ داخل ٿيڻ ئي نٿا ڏين. ويراواهه چيڪ پوسٽ تي سياحن کان سوين ڪئميرائون وردي وارا کسيو وٺن اهو هر سال جو معمول بڻيل آهي.

عجب جي ڳالهه آهي ته ڪنهن به وزير اڄ ڏينهن تائين ٿر ۾ رينجرز جو اهو آزار ختم نه ڪرايو آهي. ٿر اڃا تائين علائقه غير بڻيل آهي. رينجرز اهلڪارن جي اجازت کانسواءِ ڪو به ماڻهو ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ جهڙن شهرن ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. ننگرپارڪر جي ئي ان علائقي مان چونڊيل شرجيل انعام ميمڻ جيڪو اطلاعات کاتي جو هڪ اهم وزير پڻ ٿي ويو آهي، اهو ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي جنهن تي ٻه مهينا اڳ ننگرپارڪر واري ئي علائقي جي ڳوٺن مان رات جو 12 عدد هرڻ ۽ هرڻيون مارڻ جو الزام پڻ لڳو هو، ٿر جي حوالي سان هرڻن جي شڪار جون اهي خبرون ڪيترن ئي ڏينهن تائين ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيون ۽ هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي شڪارين سان مزاحمت ڪندڙ انهن ٿري ڳوٺاڻن کي پڻ ڏيکاريو ويو هو، جن انهن هرڻن کي گوليون هڻي مارڻ جو نظارو پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، پر اسپيڪر صاحب ۽ انجي ساٿين اهڙي واقعي جي ترديد ڪئي هئي.

هن دفعي مذڪوره وزير ۽ اسپيڪر ڪراچي کان اٽڪل 500 ڪلوميٽرن جو ڊگهو سفر ڪري ننگرپارڪر ۾ خالي هٿين اچي پهتا، هي لکين مظلوم ٿرين کي ڏيڻ لاءِ بظاهر ڪجهه به نه کڻي آيا نه روڊ نه اسپتال نه نوڪري، نه پاڻي نه گهر، نه سستو اٽو، فقط جذباتي سياسي تقريرن سان وزير صاحب ٿر جو هيرو ڪيئن بڻبو؟ ٿر مان آيل تازين رپورٽن موجب کين ٿري ماروئڙا موجوده پ پ حڪومت طرفان گذريل ٽن سالن جي عرصي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪي به قابل ذڪر ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ هزارين بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون نه ڏيڻ ۽ مهانگائي جي وڌندڙ طوفان جي ڪري ٻيهر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي ياد ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ٿر ۾ سوين ڪلوميٽر پڪا روڊ تعمير ڪرايا. پائيپ لائين وسيلي اسلام ڪوٽ شهر تائين سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي پهچايو ۽ ننگرپارڪر تائين پاڻي جي پائيپ لائين جي اسڪيم پڻ ان دور جي آهي، جيڪا اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي. موجوده پ پ حڪومت ٽن سالن جي عرصي ۾ ننگرپارڪر شهر تائين پائيپ لائين پهچائي نه سگهي آهي. رپورٽ موجب پاڻي جي اها پائيپ لائين اڃا تائين ننگر پارڪر شهر کان 30 ڪلوميٽر پري جي پنڌ تي آهي، جيڪا شايد ٽن سالن ۾ به شهر تائين مشڪل سان پهچي سگهندي. ٿر ۾ هن وقت بدامني پڻ چوٽ چڙهيل آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌجي سڀ کان وڌيڪ پرامن خطي ٿر ۾ چوپائي مال جي چورين جون وارداتون غيرمعمولي طور تي وڌي ويون آهن. چند مهينا اڳ خود ننگرپاڪر جي شهر مان هڪ مسڪين عورت شمون ڪولهڻ جون 9 ٻڪريون ڏينهن ڏٺي جو چور ڪاهي ويا، هڪ صوبائي وزير علي مردان شاه جي ننگر شهر ۾ ڪيل کليل ڪچهري ۾ ان مظلوم عورت وزير کي دانهن ڏئي چئن چورن جي نشاندهي پڻ ڪئي ۽ ان عورت وزير کي اهو پڻ ٻڌايو ته شهر جو هڪ مقامي وڏيرو جيڪو پ پ جو اڳواڻ آهي، اهو ئي چورن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. ان عورت وزير کان ٻڪريون واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي، وزير صاحب مقامي ايس ايڇ او کي چند ڏينهن ۾ چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرائڻ ۽ چورن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر پ پ اڳواڻ مقامي وڏيرن جي سياسي مداخلت جي ڪري ان مظلوم ناري جون چورايل 9 ٻڪريون اڃا تائين واپس ٿي نه سگهيون آهن. سوال اهو آهي ته شرجيل انعام سميت پ پ حڪومت آخر ٿر جي دردن جي دوا درمل ڪڏهن ڪندي؟

ٿرپارڪر: مور پراسرار بيماريءَ جو شڪار!

اٽڪل 22 هزار چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل سنڌ جو ٿرپارڪر وارو ريگستان جنهن کي سيلاني صحافي اسحاق مڱريو فطرت جو اوپن ميوزم پڻ سڏي ٿو، ٿر جو هي عجيب ۽ انوکو ريگستان جنهن ۾ اٽڪل 20 ميلن جي ڊيگهه ۾ ڪارونجهر جون ٽڪريون پکڙيل آهن. ڪارونجهر جبل جيڪو سڄي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قديم ۽ خوبصورت جبل طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪارونجهر جي ٻين بيشمار خاصيتن کانسواءِ ان جي ئي هڪ سڃاڻپ اها آهي ته اهو مور پکي جو آستان آهي، جتي هزارنجي تعداد ۾ مور پکي رهن ٿا، جن سهڻن مورن سان نه رڳو ڪارونجهر جا ڪولهي پر سڀني ٿري مارو ماڻهو بي پناهه پيار ڪن ٿا، اهي ٿري ماڻهو نه فقط انهن مورن جي سار سنڀال ڪري انهن کي داڻو پاڻي ڏين ٿا، پر اهي مورن جا نگهبان پڻ آهن.

انهن لکين ٿري ماڻهن مان اهڙا به ڪي لالچي ۽ بي رحم ماڻهو ضرور آهن، جيڪي مورن جا بيضا ۽ ٻچا لڪ چوري جهنگلي جيوت کاتي جي اهلڪارن سان ملي ڀڳت ڪري ٿر کان باهر کڻي وڃي پئسن تي وڪڻن ٿا. ٻئي طرف حڪومت انتهائي بي رحمي جو مظاهرو ڪري سنڌ جي هن عظيم جبل مان قيمتي گرينائيٽ سنگمرمر جي پٿر ڪڍڻ جا 90 سالن جا ٺيڪا ڪن ٺيڪيدارن کي ڏنا آهن. جيڪي گذريل ڊگهي عرصي کان بارود سان ڌماڪا ڪرائي سموري جهنگلي جيوت ۽ قدرتي فطري ماحول تباهه ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻو مور پکي متاثر ٿي رهيو آهي، جيڪو انتهائي نازڪ ۽ حساس آهي.

رپورٽ موجب ڪارونجهر ۾ ٿيندڙ بارود جي ڌماڪن سان مورن جا ڏيل ڏري پون ٿا ۽ اهي ٺڪائن سان ٿڏي تي مريو وڃن. بارود جي اهڙن ٺڪائن سان هيل تائين سوين مور مري ويا آهن. ڪارونجهر کانسواءِ ٿرپاڪر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ جهنگ ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ مور پکي رهن ٿا. تازو اٽڪل ٻه مهينا اڳ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺي جي ڳوٺن ڪيهڙي، سرنگهو ۽ مهراڻي وغيره ۾ اٽڪل 50 کن سهڻا جهنگلي مور ڪنهن پراسرار بيماري وگهي مري ويا. مورن جي مرڻ سان ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد وائيلڊ لائيف کاتي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي اهلڪارن ۽ جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون مٿين ڳوٺن ۾ پهتيون، جن روايتي طرح سان مئل مورن جا جزا ڪڍي ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ موڪيا ۽ بيمار مورن جي علاج لاءِ ڳوٺاڻن کي ڪجهه دوائون ڏنيون ويون. جهنگلي جيوت کاتي ٿرپارڪر ضلعي جي اهلڪارن پنهنجي روايتي نااهلي جو مظاهرو ڪندي نه فقط پنهنجي واسطيدار کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ وزارت کي غلط معلومات ڏيندي مورن جي وڏي تعداد ۾ ٿيل موتن کان انڪار ڪيو، پر ليبارٽري ٽيسٽن ۾ خطرناڪ بيماري جو نالو پڻ ظاهر نه ڪيو، ان بعد تازو ٻه هفتا اڳ تعلقي ڏيپلي جي مورن سبب مشهور ڳوٺ موڏر ۽ انجي ڀر واري ٻئي ڳوٺ ونگڙ جي مورن ۾ پڻ ساڳي پراسرار بيماري اچي پهتي، جنهن ٻنهي ڳوٺن ۾ رپورٽ موجب اٽڪل 50 مور موت جو شڪار ٿي ويا. ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ تعلقي ڏيپلي جي مذڪوره ٻنهي ڳوٺن ۾ پڻ وائلڊ لائيف کاتي جي اهلڪارن جي هڪ ٽيم پهتي، ان ٽيم سان ڪجهه ٿري صحافي پڻ گڏ هئا، ڳوٺاڻن ٽيم کي چار پنج مري ويل مورن جا ڍانچا جڏهن ڏيکاريا تڏهن جهنگلي جيوت کاتي جي ڪن اهلڪارن ڳوٺاڻن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ته چار پنج مورن جا ڍانچا آهن. اوهين چئون ٿا هنن ڳوٺن ۾ 50 مور مري ويا آهن ته ٻين مئل مورن جا وڌيڪ ڍانچا ڪٿي آهن؟ اهي به اسان کي ڏيکاريو ته اسين يقين ڪريون ته واقعي 50 مور مري ويا آهن. جهنگلي جيوت کاتي ٿرپارڪر جي اهلڪارن جي اهڙي لاپرواهي ۽ غيرذميواراڻي سوال تي ڳوٺاڻا حيران رهجي ويا. ڳوٺاڻن کين ٻڌايو ته مور جهنگ ۾ مري رهيا آهن، جتي گدڙ ۽ ٻيا جهنگلي جانور مئل مورن کي کايو وڃن، انهن سڀني جا ڍانچا اسين ڪٿان هٿ ڪري اوهان کي ڏيکارڻلاءِ سنڀالي رکون. ڳوٺاڻن جي رپورٽ موجب هنن ڳوٺن ۾ هڪ مهيني کان مورن ۾ اها پراسرار بيماري هلي رهي آهي. جنهن ۾ پهرين مورن کي سخت بخار ٿئي ٿو ۽ انهن جون اکيون سڄي پون ٿيون، آخر ۾ بيمار مور جو ڳلو بند ٿيو وڃي، جنهن ڪري اهي مري وڃن ٿا. ڳوٺاڻا اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته ان قسم جي ساڳي بيماري ٿر جي ڳوٺن جي ڪڪڙن ۾ پڻ هلي رهي آهي. جيڪا برڊ فلو جهڙي خطرناڪ بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي، جيڪا انسانن کي پڻ لڳي سگهي ٿي، حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪارروائي ڪري جلدي مورن جي ان خطرناڪ بيماري تي ضابطو نه آندو ته ٿرپارڪر ۾ سهڻن مورن جي مڪمل طور تي نسل ڪشي ٿي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو