Home / افيئر / شهيد نذير عباسي جو نظرياتي ورثو ۽ سازشي گروهه
above article banner

شهيد نذير عباسي جو نظرياتي ورثو ۽ سازشي گروهه

 

“افيئر” جي گذريل شماري ۾ محترمه صوفيه سحر جو لکيل مضمون پڙهڻ جو موقعو مليو.سڀ کان پهرين محترمه جي ان دعويٰ تي اچون ٿاته شهيد نذير عباسيءَ جي شهادت پارٽيءَ کي فائدو ڏنو يا نه پر ان جي گهر واري حميده کي ضرور فائدو ڏنو .

حقيقت اها آهي ته نذير عباسيءَ جي شهادت هن جي غير مقبول پارٽيءَ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ هڪدم سندس پارٽي اخبارن جي سرخي بڻجي وئي. اها پارٽي جنهن جي چاڪنگ خود ان جا ڪامريڊ ڪندي نظر ايندا هئا تنهن سان ٿيندڙ ان ظلم ۽ زيادتي خلاف سموري پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ زبردست چاڪنگ ٿي جيڪا خود ڪامريڊن کان وڌيڪ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن ڪئي. ان سان هڪ ته عوام جون همدرديون ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وڌيون ۽ گڏوگڏ اهي ڪامريڊ جيڪي سموري سماج ۽ ان ۾ رهندڙن کي رجعت پسند واري اصطلاح سان سڏيندا هئا ۽ جنهن ڪري هو عوام ۾ غير مقبول به هئا سڀ وري عوام جا محبوب بڻجي ويا. اِهو اُهو فوري فائدو هئو جيڪو نذير عباسيءَ جي شهادت ان جي پارٽي ۽ ساٿين کي ڏنو.

 

شهيد نذير عباسيءَ جي والد جان محمد عباسيءَ جون ٻه شاديون ٿيل هيون جن مان هڪ گهر واريءَ مان هن کي نذير عباسي ۽ سندس ڀيڻ حسينه جي اولاد هئي. سندس گهراڻو مذهبي ۽ پردي جو پابند آهي. مارشل جي دوءر ۾ مارشل لا خلاف جدوجهد ۾ سندس خاندان به عتاب هيٺ آيو. نذير عباسيءَ جي ڀيڻ حسينه شادي شده نه هئي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي پر سندس ويڳا ڀيڻ ڀائر سندس ٽنڊي الهيار واري گهر ۾ رهندا هئا جن کي پوليس تمام گهڻو پريشان ڪيو. اهو ئي سبب هو جو نذير عباسيءَ جي شهادت کان پوءِ سندس خاندان وارن حميده گهانگهرو کي سياست تان هٿ کڻڻ ۽ مزاحمتي ڪردار ادا ڪرڻ کان منع ڪيو بلڪه شرط رکيو جنهن کي مڃي هوءَ ان گهر ۾ رهي پئي سگهي جنهن سان خود نذير عباسيءَ جا گهر ڀاتي به رياستي ڏاڍ کان نجات حاصل ڪري آرام جي زندگي گذاري پياسگهن پر حميده نذير جي خون کي وساري ۽ آمر اڳيان جهڪڻ بدران سندس گهر کي ڇڏي ميدان ۾ نڪتي ۽ جنرل ضياء جهڙي آمر ۽ سنڌ جي گورنر جنر ايس ايم عباسي ۽ برگيڊئر امتياز خلاف ايف آءِ آر درج ڪرايائين.

ان جي بدلي ۾ کيس روپوشي، دربدري ۽ پنهنجي اڪيلي اولاد هڪ سال جي زرقا کان جدائي ملي جيڪا هڪ ڏکويل ماءَ ۽ بيواه لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ناهي.

حميده گهانگهرو پنهنجي سس جي صلاح تي مير ٿيٻو سان شادي ڪئي. سس هن کي اهو مشورو ان لاءِ ڏنو جو هڪ ته هو جوان هئي ۽ ٻيو ته هن جي مالي ڪفالت ڪرڻ وارو ڪوئي نه هيو. کيس ٻي شاديءَ جو حق مذهب، معاشرو سڀئي ڏين ٿا ۽ نذير عباسيءَ جي شهادت کان پوءِ ٻي شادي ڪري هن ڪوئي ڏوهه نه ڪيو آهي جنهن کي جواز بڻائي محترمه صوفيه سحر جنهن کانئس نذير عباسيءَ جي وارث هجڻ جو حق کسڻ جي دعويٰ ڪري گهڻن کي ئي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي.محترمه اهو ته لکيو آهي ته هن نظير عباسيءَ جي فڪر کان انحرافي ڪئي آهي پر ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني؟ اهو ٻڌائڻ جي زحمت نه ڪئي اٿيس.

هاڻي اچون ٿا نذير عباسيءَ جي ڪيس طرف جنهن ۾ محترمه ان ڪيس کي عوامي عدالت آڏو رکڻ جي صلاح ڏني آهي. مان کائنس سوال ٿو ڪيان ته فاطمه جناح، محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، مرتظيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو به عوامي رهنما هئا جيڪي قتل ڪيا ويا تن جو فيصلو عوام ڪهڙوڪيو؟ گهڻن جا نقاب لٿا ۽ گهڻن کي سزا ملي. فيصلو ۽ سزا عوام ڪندو آهي يا عدالت؟

اها حقيقت آهي ته ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ غير سنڌين کان وڌيڪ ڀوڳنا ۽ اذيتون سنڌي ميمبرن کي مليون. جڏهن به قربانين جو وارو آيو تڏهن ڪلهو سنڌي ميمبرن جو وڌيڪ استعمال ٿيو. اڄ به گهنٽام پرڪاش نرنجن ۽ سرفراز ميمڻ جهڙا سچا ڪامريڊ جلاوطنيءَ جي زندگي پيا گهارين. پنهنجي هم زبانن جي قربانين کي وساري غير زبان وارن جي تعريف جا گيت ڳائيندڙ اهو سڀ ڇو ٿا وسارين.

اها به حقيقت آهي ته نذير عباسي سنڌي نه هجي ها ته شايد شهيد به نه ٿئي ها.صوفيه سحر ٻڌائي ته حميده گهانگهرو نظير عباسيءَ جي نالي تي ڪيترا فائدا ورتا آهن ۽ ڪيترا اڃا وٺندي؟ حميده گهانگهرو نذير عباسيءُ جي اڪيلي اولاد زرقا جي امڙ آهي ۽ اڄ به ان جي واٽ تي هلندي شگر جهڙي مرض ڪري هيڻي هئڻ باوجود اسٽيل مل هجي يا ڪٿي به هارين ۽ مزدورن جا مسئلا هر جاءِ وڃي اڄ به انهن لاءِ جدوجهد ۾ شامل ٿيندي آهي.

صوفيه سحر هڪ فرضي نالو آهي جيڪو حقيقت ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هڪڙي ڌڙي تخليق ڪيو آهي. هي ڌڙو هن وقت آخري پساهن ۾ آهي تنهن ڪري هو نذير عباسيءَ جي ورسي ملهائي پاڻ کي زنده رکندو پيو اچي. هن ڌڙي جا ڪرتا ڌرتا جيڪي آهن تن جي ويجهي ماضي ۽ حاال کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هو ايتري مختصر عرصي ۾ ايترا مالدار ڪيئن بڻجي ويا.

حميده گهانگهرو اڄ به بسن ۾ سفر ڪري ٿي ۽ اسٽيل مل جي ڪوارٽر ۾ ڪرائي تي رهندي آهي. سچائي ۽ بهادري سان زندگي گذاريندڙ اڪيلي عورت تي هڪ ٽولي جي هڪ عورت جي فرضي روپ ۾ ذاتي حملو سندن ذهنيت ۽ سوچ کي ٿو ظاهر ڪري جنهن جو اثر انهن جي پنهنجي ذات تي ته پئجي سگهي ٿو پر حميده گهانگهرو تي هرگز نه ٿو پئجي سگهي.

سپريم ڪورٽ جيڪڏهن شهيد ڀٽي جو ڪيس ٻيهر هلائي کيس بي ڏوهي قرار ڏئي ٿي ته اها اسٽيبلشمينٽ جي هڪ شرمناڪ شڪست ٿيندي. ممڪنه انجام ۽ رسوائي کي ڏسندي هنن کي اهو به فڪر لڳو آهي ته ڪٿي شهيد نذير عباسيءَ جو ڪيس به ٻِيهر نه کلي پوي تنهن لاءِ اڳواٽ صف بندي ڪندي انهن پنهنجي خاص ماڻهن هٿان اهڙا مضمون لکرائڻ شروع ڪري ڏنا آهن ته جيئن ان کان گهٻرائجي حميده گهانگهرو ماٺ ڪري ويهي رهي، هي پمفليٽ اسٽائل مضمون ان جي ئي هڪڙي ڪڙي آهي ۽ اڃاگهڻو ڪجهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي پر شهيد نذير عباسي جا سچا ساٿي ۽ پرستار اڳ وانگر سازشي ٽولي کي شڪست ڏئي شهيد جي قاتلن کي ڦاهيءَ جي تختي تي پهچائيندا.

amirsoomro@hotmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو