Home / سياسي افيئر / !ق-ليگ اِن- ن ليگ آئوٽ
above article banner

!ق-ليگ اِن- ن ليگ آئوٽ

نيٺ مسلم ليگ (ق) سرڪار ۾ شامل ٿي وئي. سرڪار ۾ شامل ٿي قاف ليگ “قاتل ليگ” جو ٺپو ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي سارڪار ۾ ست وفاقي وزارتون، صلاحڪاريون، صوبن ۾ وزارتون، سرائيڪي ۽ هزاره صوبي جهڙا مطالبا ظاهري طور صدر آصف زرداريءَ سان ٿيل ٺاهه جو حصو آهن. وفاقي وزارتن ۾ قاف ليگ وڏو حصو پنجاب کي ڏنو. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي هڪ هڪ وزارت، پر هي ڏاڍيءَ تيزيءَ سان سڄو ٺاهه مڪمل ٿي ويو. عالمي سطح تي جنهن ڏينهن اساما بن لادن جي ايبٽ آباد ۾ مارجڻ جي خبر گونجي ان ئي شام قاف ليگ جي وزيرن حلف کنيو. قاف ليگ کي سرڪار ۾ شامل ڪري صدر آصف زرداريءَ 2013ع تائين پنهنجي سرڪار کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو به طئي ٿيو آهي ته 2013ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي. گڏيل طور تي چونڊ ڪرائي ويندي. ان جو مطلب آهي ته صدر زرداري پنهنجي نگرانيءَ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿو.

 

هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت نوجوان ليڊرشپ وٽ هوندي، يعني 2013ع ۾ بلاول پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪري رهيو هودنو. جنهن ڏينهن قاف ليگ جي وزيرن حلف کنيو، ان ڏينهن ميان نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون مسئلي جو حل آهي. ميان صاحب وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو، ظاهر آهي ته هو نه چاهيندو ته قاف ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ايندڙ عام چونڊون ڪرائين. ڇو ته اهڙي صورت ۾ نواز ليگ جو پنجاب مان ڏيوالو نڪرڻ جو منصوبو سمجهه ۾ اچي رهيو آهي. نواز ليگ کي پڻ ان ڳالهه جي کُڙڪ پئجي وئي آهي ته پنجاب ۾ سندس پير ڪڍيا پيا وڃن. اطلاع ته ان حد تائين آهن ته ميان شهباز شريف ان رات جي ايڇ ڪيو پهتو جنهن رات ڪاڪول اڪيڊميءَ ڀرسان اساما بن لادن کي مارڻ جو ڊرامي نما آپريشن هلي رهيو هو. اطلاع آهن ته شهباز شريف فوج جي سربراهه کي ميڙ منٿ ڪرڻ ويو هو. ڇوته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چوڌري نٿار پاران آءِ ايس آءِ خلاف جيڪي بيان ڏنا ويا ان تي فوج نواز ليگ کان سخت ناراض آهي. خبر ناهي ته ميان شهباز شريف کي معافي ملي آهي يا نه؟ مطلب سمجهڻ گهرجي ته کيس معافي ملڻ جو مطلب سندس پنجاب سرڪار جي سلامتي آهي ۽ معافي نه ملڻ جي صورت ۾ شريف ڀائرن جو خير ناهي.

وفاق ۾ زرداريءَ سان ڦڏو ڪيو ويو. جن قوتن پٺي ٺپري اهي ئي قوتون پنجاب ۾ پير ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.اطلاع آهن ته شهباز شريف کي جي ايڇ ڪيو مان به پنجاب سرڪار بات ڪا ضمانت اڃا تائين نه ملي آهي ۽ جي ايچ ڪيو ۾ وڌيڪ ڳجهين ملاقاتن جي توقع ڪئي پئي وڃي، امڪان آهي ته چوڌري نثار پڻ معافي وٺڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو پهچي ڇو ته چوڌري نثار هميشه سندن لاڏلو رهيو آهي، پر هن ڀيري نواز ليگ جا اهم اڳواڻ پاڻ اهڙو تاثر پيا ڏين ته چوڌري نثار نواز ليگ جو سڄو ڪم خراب ڪيو آهي. دلچسپ ڳالهه ته چوڌري نثار ئي قاف ليگ سان ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو. ڳچ عرصي کان نواز ليگ ۽ قاف ليگ ۾ ڳالهين جو ڳجهو سلسلو هلندڙ هو. ان تناظر ۾ ئي مسلم ليگ (ق) جي قيادت ايم ڪيو ايم، پير پاڳاري ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪري رهي هئي. هن پس منظر ۾ ٽيڪنوڪريٽس جي سرڪار آڻڻ، پيپلز پارٽيءَکي اقتدار کان ٻاهر رکڻ ۽ وچ مدي وارين چونڊن جهڙا آپشن غور هيٺ هئا. پر نواز ليگ ۽ قاف ليگ کي هڪ ٻئي تي يقين ڪو نه ٿي رهيو هو، ساڳي ريت اصل واڳ ڌڻين کي به ڳالهه منجهائي رهي هئي ته صدر زرداري کان جان ڪيئن آجي ٿيندي. ذريعن چواڻي ان پس منظر ۾ ئي مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي اڳيان آندو ويو. سندس نالو وزيراعظم لاءِ پيش ڪيو ويو. صدر زرداريءَ ڏانهن اهو نياپو به اماڻيو ويو ته شاهه محمود قريشيءَ کي وزيراعظم بڻايو وڃي. ذريعن چواڻي اصل ۾ صدر زرداريءَ کي شاهه محمود قريشيءَ تي اها ئي چڙ هئي ته هو وزارت عظميٰ لاءِ سرڪار خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ شامل آهي. ان ڪري ئي شروعات ۾ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي فاروق لغاريءَ جو لقب ڏيڻ لڳا هئا، پر هن سڄي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ راضي ڪا نه هئي. سڄي سازش بابت صدر زرداريءَ کي کي سڌ ڏني وئي هئي. ان ڪري صدر آصف زرداري مسلم ليگ (ق) سان رابطا وڌايا. نواز ليگ پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۾ سرڪار کان الڳ ڪري جڏهن قاف ليگ جي فارورڊ بلاڪ کي پنجاب سرڪار ۾ شامل ڪيو ته قاف ليگ جي قيادت ان کي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ سان ڀيٽي ۽ نواز ليگ جي اهڙي عمل قاف ليگ ۽ ايوان صدر کي ويجهو آندو. ان ۾ خود ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين به ڪردار ادا ڪيو.

هن وقت ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ ڪافي حد تائين هم آهنگي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي انتهائي اهم اڳواڻ ٻڌايو آيه ته پ پ سرڪار ختم ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ٿي چڪو هو، ان منصوبي کي ناڪام بڻايو ويو آهي. ان ڪري ئي قاف ليگ کي سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت قاف ليگ جي سرڪار ۾ اچڻ سان نواز ليگ کانسواءِ باقي سڀ وڏيون پارٽيون جهڙوڪر حڪومت ۾ شامل ٿي ويون. پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم وزير چواڻي ته صدر زرداري چوٿون ڀيرو حڪومت ختم ٿيڻ جي سازش کي ناڪام بنايو آهي.

هن ڀيري ان سازش ۾مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ قاف ليگ شامل هئا. قاف ليگ کي سرڪار ۾ شامل ڪري هڪ طرف کين خاموش ڪيوويو ته ٻئي طرف سازش رچائيندڙ نواز ليگ کي پنجاب ۾ اڪيلو ڪيو ويو آهي. ڪجهه اطلاع آهن ته چوڌري شجاعت حسين صدر آصف زرداري کي اهو به يقين ڏياريو آهي ته پنجاب ۾ قاف ليگ جي فارورڊ بلاڪ جا اڪثر ماڻهو واپس قاف ليگ ۾ آندا ويندا. ساڳي ريت سنڌ ۾ پڻ نواز ليگ ڏانهن پر سوريندڙ گهوٽڪي جي مهرن، ٺٽي جي شيرازين ۽ ٻين گروپن کي پڻ قاف ليگ جي اقتدار ۾ شامل ڪيو ويندو. نئين سيٽ اپ ۾ ڪجهه ماڻهن کي مارچ 2012ع ۾ رٿيل سينيٽ جي چونڊن ۾ پڻ ايڊجسٽ ڪرڻو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي وفاقي وزارتن ۾. ٺٽي جي شيرازين کي سرڪار ۾ شامل ڪرڻ تي ‎ٺٽي جي پيپلز پارٽي اڳواڻن ۽ صوبائي وزير سسئي پليجو جا اعتراض سامهون اچي ويا آهن. ڇو ته هي شيرازين جا مشرف سرڪار ۾ ستايل ماڻهو آهن، پر وڏي فاعدي لاءِ ننڍو نقصان برداشت ڪرڻ واري فارمولي تي ڪم هلي رهيو آهي. صدر زرداريءَ سڄي سازش بابت ايوان صدر ۾ 3 مئي تي پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي ايز کي آگاهه ڪيو آهي. صدر زرداري جي دعوت ۾ شريڪ ماڻهن وٽان ملندڙ ڄاڻ موجب نئين صورتحال ۾ کين نظر اچي رهيو آهي ته سندن سرڪار 2013ع تائين جاري رهندي. ان کان اڳ مڪاني چونڊن ۽ سينيٽ جي چونڊن تي هوم ورڪ ڪيو ويندو. ذريعن موجب صدر زرداريءَ هڪ دفعو وري هلندڙ سال جي آخر ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو به اشارو ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ (ق) ڇڏي ويندڙن ۾ اهڙا ماڻهو جيڪي ٻيهر ضلعي حڪومتون حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هوندا اهي ٻيهر قاف ليگ ۾ وڃي سگهن ٿا. قاف ليگ جي ايم پي اي شهريار مهر ۽ نزهت پٺاڻ “افيئر” کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي سميت سڀني سان رابطو آهي ۽ ڪوشش ٿي رهي آهي ته سڀ ٻيهر قاف ليگ ۾ شامل ٿين. هن سرڪار ۾ ڪجهه ملي يا نه پر ايندڙ عام چونڊن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. هنن جو به اهو ئي چوڻ هو ته نواز ليگ جي سرڪار ٺهڻ جو ته ڪو به امڪان ڪونهي، البته قاف ليگ ايندڙ وقت ۾ به اقتدار جي ويجهو هوندي. سڄي صورتحال بابت اهو چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن اساما بن لادن جي قتل واري صورتحال سبب حالتون تبديل نه ٿيون ٿين ته مقامي سطح تي سرڪار مضبوط ٿي وئي آهي. اها راءِ پيپلز پارٽيءَ جي اهم قيادت جي پڻ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو